YouVersion Logo
Search Icon

زڪرياہ 10

10
خداوند پنهنجي قوم جو بچائيندڙ
1بهار جي مند ۾ مينهن لاءِ
خداوند کان ئي دعا گھرو تہ اهو مينهن وسائي.
هائو، اهو جيڪو کِنوڻ جا چمڪاٽ ٿو ڪري،
جيڪو هر ڪنهن کي جھجھو مينهن ٿو ڏئي،
۽ جيڪو هر ٻنيءَ مان گاهہ ٿو اڀاري،
سو ئي اهو خداوند آهي.
2بوتا ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن،
۽ فالون وجھندڙ ڪوڙيون رويائون ٿا ڏسن.
هو ڪوڙا خواب ٻڌائي ماڻهن کي دلداري ٿا ڏين،
جڏهن تہ هنن جي اها دلداري اجائي آهي.
سو ماڻهو بنا ريڍار جي رڍن وانگر رلي ويا آهن،
هائو، کين ستايو وڃي ٿو،
ڇو تہ سندن ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي.
3تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ
”انهن ڌارين حڪمرانن تي منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي اُٿي آهي،
جيڪي منهنجي قوم تي حڪمراني ڪن ٿا،
سو آءٌ انهن کي سزا ڏيندس.
هاڻ آءٌ قادر‌مطلق خداوند پاڻ پنهنجي قوم،
يعني يهوداہ وارن جي سنڀال لهندس.
آءٌ انهن کي زورآور جنگي گھوڙي جهڙو ڪندس.
4انهن منجھان ئي سندن حاڪم بڻايا ويندا،
جيڪي بنياد جي پٿر، تنبوءَ جي ڪليءَ،
۽ جنگي تيرڪمان مثل هوندا.
5سڀيئي يهوداہ وارا اهڙا تہ جنگي جوڌا ٿيندا،
جو لڙائيءَ ۾ پنهنجي دشمنن کي
رستي جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏيندا.
جيئن تہ آءٌ خداوند انهن سان گڏ آهيان،
تنهنڪري هو وڙهندا،
۽ گھوڙي سوارن کي اونڌي منهن ڪيرائي ڇڏيندا.
6آءٌ يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي مضبوط ڪندس،
هائو، آءٌ انهن کي فتحياب ڪندس.
آءٌ انهن کي موٽائي سندن وطن ۾ وري آباد ڪندس،
ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن تي رحم اچي ويو آهي.
آءٌ انهن جا حالات اهڙا تہ بدلائي ڇڏيندس،
جو ڄڻ تہ مون ڪڏهن کين رد ئي نہ ڪيو هو،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان ۽ آءٌ انهن جي ٻڌندس.
7اسرائيل وارا جنگي جوڌا ٿيندا،
۽ انهن جون دليون مئي پيئندڙن وانگر خوش هونديون.
اهي ڳالهيون ياد ڪري سندن اولاد بہ سرهو ٿيندو،
۽ سندن دليون بہ مون خداوند جا هئڻ ڪري خوش هونديون.
8آءٌ کين جلاوطنيءَ مان ڇڏائي
اشاري سان سڏي آڻي سندن وطن ۾ گڏ ڪندس.
پوءِ هو جيئن اڳي تعداد ۾ گھڻا هئا تيئن ئي وڌي گھڻا ٿيندا.
9جيتوڻيڪ مون کين غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي،
تہ بہ هو ڏورانهن ملڪن ۾ مون کي ياد ڪندا.
هو پنهنجي اولاد سميت زندہ رهندا ۽ وطن موٽي ايندا.
10آءٌ کين مصر توڙي اشور ملڪ مان موٽائي آڻيندس،
۽ کين سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪندس،
بلڪ کين جِلعاد ۽ لبنان جي سرزمين ۾ بہ آڻي گڏ ڪندس.
اتي هو ايترا تہ وڌي ويندا جو سڄو ملڪ ساڻن ڀرجي ويندو.
11هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگھي پار پوندا،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ گجندڙ سمنڊ کي ڌڪ هڻي ماٺو ڪري ڇڏيندس،
۽ مصر جي نيل نديءَ کي تري تائين سڪائي ڇڏيندس.
هائو، مغرور اشور ڪنڌ ڀر ڪري پوندو،
۽ طاقتور مصر جي شاهي لٺ ڀڄي پوندي.
12آءٌ کين پنهنجي طاقت بخشيندس،
۽ هو منهنجو نالو وٺي پيا هلندا.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

زڪرياہ 10: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in