YouVersion Logo
Search Icon

زڪرياہ 8

8
يروشلم کي برڪت ڏيڻ جو واعدو
1قادر‌مطلق خداوند مون زڪرياہ کي وري فرمايو تہ 2”مون کي يروشلم لاءِ ڏاڍي غيرت آهي. انهيءَ غيرت جي ڪري آءٌ سندس دشمنن تي سخت ڪاوڙيل آهيان. 3سو آءٌ يروشلم ۾ موٽي ايندس ۽ پنهنجي جبل صيئون تي اچي رهندس. پوءِ يروشلم وفادارن جو شهر سڏبو ۽ مون قادر‌مطلق خداوند جو جبل صيئون، پاڪ جبل سڏبو. 4تڏهن يروشلم ۾ امن وَ سلامتي هوندي ۽ شهر جي هر گھٽيءَ ۾ جھُور پوڙها مرد ۽ عورتون پنهنجي ٻڍاپي جي ڪري پنهنجي لٺ تي ٽيڪ ڏيو گھمندا ڦرندا ۽ ويٺا ڏسڻ ۾ ايندا 5۽ شهر جا رستا راند ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل هوندا.
6ٿي سگھي ٿو تہ اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن کي انهن ڏينهن ۾ عجيب لڳي، پر ڇا اها مون خداوند لاءِ عجيب هوندي؟ 7آءٌ پنهنجي قوم کي اوڀر توڙي اولهہ جي ملڪن کان ڇڏائي آڻيندس. 8آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس تہ جيئن هو وري يروشلم ۾ رهن. اهي منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ وفا ۽ سچائيءَ سان سندن خدا هوندس.“
9قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. هن وقت اوهين اهو ساڳيو ئي فرمان ٻڌو ٿا، جيڪو نبين انهن ڏينهن ۾ ٻڌايو هو جڏهن نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ منهنجي هيڪل جو بنياد وڌو ٿي ويو. 10انهن ڏينهن کان اڳ ڪنهن وٽ ايترو پئسو نہ هوندو هو جو ڪو مزدور کي ڪم تي رکي سگھي يا وري ڪنهن جانور لاءِ ڪرايو ادا ڪري سگھي، نہ ئي وري ان وقت ڪو دشمنن کان سلامت رهي ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پاڻ هر ڪنهن کي هڪٻئي جي خلاف ڪري ڇڏيو هو. 11پر هاڻي اوهين جيڪي باقي بچيل آهيو، تن سان آءٌ اهڙو سلوڪ نہ ڪندس، جهڙو اڳين ڏينهن ۾ ڪيو هئم. اهو مون قادر‌مطلق خداوند جو فرمان آهي.
12اڳتي امن وَ سلامتيءَ سان پوک ڪئي ويندي، انگورن جون وليون پنهنجو ڦر جھلينديون، زمينن ۾ فصل ٿيندا ۽ آسمان مان برسات پوندي. آءٌ اوهان باقي بچيلن کي اهي سڀ شيون ورثي طور عطا ڪندس. 13اي يهوداہ توڙي اسرائيل وارؤ! جهڙيءَ طرح اوهين ٻين قومن جي نظر ۾ لعنتي بڻيا آهيو، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ اوهان کي اهڙي خوشحالي عطا ڪندس جو اوهين برڪت جو باعث بڻبا. سو اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. 14اوهان جي ابن ڏاڏن جڏهن مون کي ڪاوڙايو هو، تڏهن مون مٿن مصيبت آڻڻ جو خيال ڪيو هو ۽ جهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي انهيءَ ارادي تي قائم رهيو هئس، 15تهڙيءَ طرح ئي مون قادر‌مطلق خداوند هاڻي پڪو ارادو ڪيو آهي تہ اوهان سڀني يهوداہ وارن سان ڀلائي ڪريان. سو اوهين همت نہ هاريو.
16 # اف 4‏:25 هاڻي اوهان کي رڳو اهو ڪرڻو آهي جو هڪٻئي سان سچ ڳالهايو ۽ پنهنجين عدالتن ۾ حق ۽ سچ وارا فيصلا ڪريو تہ جيئن امن وَ سلامتي قائم رهي. 17ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ هڪٻئي لاءِ برا منصوبا نہ جوڙي، نہ وري ڪو ڪوڙو قسم ئي کڻي، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کي انهن سڀني ڳالهين کان نفرت آهي.“
روزي رکڻ بابت خداوند جو جواب
18قادر‌مطلق خداوند اوهان لاءِ مون کي هي پيغام ڏنو تہ 19”چوٿين، پنجين، ستين توڙي ڏهين مهيني ۾ روزن رکڻ جي بدران هاڻي انهن ڏينهن تي اوهين يهوداہ وارا خوشي، مسرت ۽ شادمانيءَ جون عيدون ملهائيندا رهو. اوهين رڳو سچ ۽ امن سان محبت ڪندڙ ٿيو.“
20قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن هر قوم توڙي هر شهر جا رهاڪو يروشلم ۾ پيا ايندا. 21هائو، هڪڙي شهر جا رهاڪو چاهہ وچان ٻئي شهر جي ماڻهن کي وڃي چوندا تہ ’هلو تہ اسين يروشلم هلي قادرِمطلق خداوند جي عبادت ڪريون ۽ کانئس دعا گھرون. هلو، اسين بہ هلون ٿا.‘ 22بيشڪ گھڻيون ئي قومون ۽ زبردست حڪومتون مون قادر‌مطلق خداوند جي عبادت لاءِ يروشلم ۾ اينديون ۽ مون کان دعا گھرنديون. 23انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“

Currently Selected:

زڪرياہ 8: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in