YouVersion Logo
Search Icon

زڪرياہ 5

5
چمڙي جي اڏامندڙ ويڙهوٽي واري رويا
1مون وري رويا ڏٺي، جنهن ۾ چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو اڏامندي ڏٺم. 2رويا سمجھائڻ واري ملائڪ مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو اڏامندي ڏسان ٿو، جنهن جي ڊيگھہ نَوَ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا چار ميٽر آهي.“
3تڏهن هن مون کي سمجھايو تہ ”انهيءَ ويڙهوٽي ۾ لعنت لکيل آهي، جيڪا بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ واري آهي. ان ويڙهوٽي جي هڪ پاسي تي لکيل آهي تہ هر چور کي تڙي ڪڍيو ويندو، جڏهن تہ ان جي ٻئي پاسي تي لکيل آهي تہ ڪوڙ تي قسم کڻڻ وارو هر هڪ ماڻهو تڙيو ويندو. 4قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ اهو ويڙهوٽو انهيءَ لاءِ ٿو موڪليان تہ اها لعنت چور توڙي منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم کڻندڙ جي گھرن ۾ گھڙي. اها انهن جي گھرن ۾ رهندي ۽ سندن گھرن کي اهڙيءَ طرح تہ ناس ڪري ڇڏيندي جو انهن ۾ ڪاٺيون توڙي پٿر بہ سلامت نہ رهندا.‘“
گُندڙي ۾ عورت واري رويا
5تڏهن رويا سمجھائڻ واري انهيءَ ملائڪ اڳتي وڌي اچي مون کي چيو تہ ”نهاري ڏس تہ هي جيڪا شيءِ اچي رهي آهي سا ڇا آهي.“ 6مون پڇيو تہ ”اهو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهو گُندڙو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ماڻهن جي ڪيل بڇڙائي پيل آهي.“ 7پوءِ جڏهن انهيءَ گُندڙي جو شيهي وارو ڍڪ مٿي کنيو ويو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙي عورت ويٺي آهي. 8ملائڪ چيو تہ ”اها ئي بڇڙائي آهي.“ پوءِ هن انهيءَ عورت کي گُندڙي ۾ هيٺ ڌڪي شيهي جو ڍڪ مٿان ڏيئي ڇڏيو.
9وري جو نهاريان تہ ڇا ڏسان تہ ٻہ عورتون آهن، جن کي لقلق پکيءَ جهڙا پر آهن. اهي هوا ۾ اڏامنديون اچي رهيون هيون. پوءِ مون ڏٺو تہ اهي انهيءَ گُندڙي کي کڻي هوا ۾ اڏامي هليون ويون. 10تڏهن مون انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”انهيءَ گُندڙي کي هو ڪيڏانهن کڻي ٿيون وڃن؟“ 11هن وراڻيو تہ ”هو انهيءَ گُندڙي کي بابل ملڪ ڏانهن کڻي ٿيون وڃن، جتي هڪڙو پوڄا گھر ٺاهي انهيءَ ۾ هڪڙي دِڪيءَ تي اهو گُندڙو رکيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي پوڄا ڪئي وڃي.“

Currently Selected:

زڪرياہ 5: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in