YouVersion Logo
Search Icon

زڪرياہ 6

6
چئن جنگي گھوڙي گاڏين واري رويا
1مون وري رويا ڏٺي، جنهن ۾ پتل جي ٻن جبلن منجھان چار جنگي گھوڙي گاڏيون نڪرندي ڏٺم. 2#مڪا 6‏:4‏-5 پهرين گاڏيءَ جا گھوڙا ڳاڙهي رنگ جا هئا ۽ ٻيءَ جا گھوڙا ڪاري رنگ جا هئا. 3#مڪا 6‏:2 ٽين گاڏيءَ جا گھوڙا اڇي رنگ جا هئا ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گھوڙا ابلق هئا. اهي سڀ طاقتور هئا. 4مون رويا سمجھائڻ واري انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هن مان ڇا مراد آهي؟“ 5#مڪا 7‏:1 ان ملائڪ مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اهي چار آسماني هوائون آهن، جيڪي رب العالمين جي حضوريءَ مان نڪتيون ٿيون اچن. 6جنهن گاڏيءَ ۾ ڪارا گھوڙا آهن سا اتر طرف بابل ملڪ ڏانهن ٿي وڃي، اڇن گھوڙن واري گاڏي اولاهين ملڪ ڏانهن ۽ ابلق گھوڙن واري گاڏي ڏاکڻي ملڪ ڏانهن ٿي وڃي. 7انهن سڀني طاقتور گھوڙن وارين گاڏين تي سوار ٿيل پرجوش نموني سان دنيا جي حالات کي جاچڻ لاءِ نڪتا آهن.“
تڏهن انهيءَ ملائڪ انهن گھوڙي سوارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، سڄي دنيا جي حالات کي جاچي اچو.“ سو هو انهيءَ مقصد لاءِ روانا ٿي ويا. 8تڏهن ملائڪ مون کي وڏي واڪي چيو تہ ”ڏس، اهي جيڪي اتر طرف بابل ملڪ ڏانهن وڃن ٿا، سي انهيءَ ملڪ ۾ پهچي اهڙا تہ ڪم ڏيکاريندا جو خداوند جي ڪاوڙ ڍري ٿي ويندي.“
سردار ڪاهن يشوع لاءِ تاج
9پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ 10”اي زڪرياہ! تون اڄ ئي يوسياہ ولد صفنياہ جي گھر وڃ، جتي بابل جي جلاوطنيءَ کان تازو موٽي آيلن مان خلدي، طوبياہ ۽ يدعياہ تو کي سون ۽ چاندي ڏيندا. 11اهو سون ۽ چاندي کڻي وڃي تون انهن مان هڪڙو تاج ٺهراءِ ۽ اهو تاج سردار ڪاهن يشوع ولد يهوصدق جي مٿي تي وڃي رک. 12#ير 23‏:5، 33‏:15، زڪ 3‏:8 پوءِ مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان کيس ٻڌاءِ تہ ’هڪڙو شخص، جنهن کي مون ”نئون ڦٽندڙ #6‏:12 سلو ڪن ترجمن ۾ ”شاخ“ لکيل آهي.سلو“ جو نالو ڏنو آهي، سو وڌي ڦلدار ٿيندو ۽ مون خداوند جي هيڪل کي نئين سر تعمير ڪندو. 13هائو، اهو ئي مون خداوند جي هيڪل تعمير ڪندو. سندس شان وَ شوڪت وڌي ويندو ۽ اهو پنهنجي تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو. درٻار ۾ هو پنهنجي ساڄي هٿ تي ڪاهن کي ويهاريندو ۽ اهي ٻيئي پاڻ ۾ اتفاق سان صلاح مصلحت ڪندا.‘
14اهو تاج خلدي، طوبياہ، يدعياہ ۽ يوسياہ ولد صفنياہ جي يادگار طور خداوند جي هيڪل ۾ رهندو.“
15اي يهوداہ وارؤ! ڏسو، پري پري رهڻ وارا بہ اچي خداوند جي هيڪل ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند پنهنجي خدا جا فرمانبردار رهندا تہ پوءِ اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.

Currently Selected:

زڪرياہ 6: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in