4
سوني شمعدان ۽ زيتون جي ٻن وڻن واري رويا
1پوءِ رويا سمجھائڻ وارو اهو ملائڪ وري مون وٽ آيو ۽ مون کي ائين اچي جاڳايائين جيئن ڪنهن کي ننڊ مان اُٿاربو آهي. 2هن مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڏسان ٿو تہ هڪڙو سونو شمعدان آهي، جنهن جي مٿان هڪڙو تيل جو پيالو رکيل آهي. شمعدان تي ست ڏيئا پڻ رکيل آهن ۽ هر هڪ ڏيئي ۾ وٽن لاءِ ست ست ڏندا ٺهيل آهن. 3#مڪا 11:4 انهيءَ شمعدان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻہ زيتون جا وڻ بيٺل آهن.“ 4تڏهن مون انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هن مان ڇا مراد آهي؟“ 5هن وراڻيو تہ ”ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ هن جو مطلب ڇا آهي؟“ مون ورندي ڏني تہ ”منهنجا سائين! نہ.“
6 #
عز 5:2
تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي #4:6 يهوداہ جي گورنر زربابل فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ڏينهن ۾ يهوداہ ملڪ فارس جي شهنشاهت جو هڪ صوبو هو ۽ يهوياڪين بادشاهہ جو پوٽو زربابل انهيءَ جو گورنر مقرر ٿيل هو.يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادرمطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان. 7جبل جيڏيون رڪاوٽون بہ تنهنجي اڳيان پٽ پڌر ٿي وينديون. تون هيڪل ٺهرائيندين ۽ جڏهن تون هيڪل جي چوٽيءَ تي آخري پٿر آڻي رکندين، تڏهن ماڻهو نعرا هڻي چوندا تہ ’خدا جو شڪر آهي! خدا جو شڪر آهي!‘“
8 خداوند زربابل بابت وڌيڪ مون کي فرمايو تہ 9”زربابل جي هٿن منهنجي گھر جو نئين سر بنياد وڌو آهي ۽ انهيءَ جا هٿ ئي ان کي مڪمل ڪندا.“ اهو ڏسي اوهين يهوداہ وارا ڄاڻي وٺندا تہ قادرمطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. 10#مڪا 5:6 هاڻي تہ ماڻهو هيڪل جي تعمير جي گھٽ رفتار ڏسي مايوس ٿا ٿين، پر جڏهن اهي زربابل جي تعمير جي جذبي کي ڏسندا تڏهن بيحد خوش ٿيندا.
تڏهن ملائڪ شمعدان واري رويا جي ڳالهہ جاري رکندي چيو تہ ”شمعدان جا اهي ست ڏيئا خداوند جي ستن اکين مثل آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڏسن پيون.“ 11#مڪا 11:4 پوءِ مون انهيءَ ملائڪ کان وري پڇيو تہ ”زيتون جا ٻہ وڻ جيڪي شمعدان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي آهن تن مان ڇا مراد آهي؟ 12ان کان علاوہ زيتون جي ٻنهي پاسن وارن وڻن جي شاخن مان سونين نلين جي وسيلي جيڪو سونهري تيل نڪري ٿو، تنهن مان پڻ ڇا مراد آهي؟“ 13هن وراڻيو تہ ”ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ انهيءَ جو ڇا مطلب آهي؟“ مون چيو تہ ”اي منهنجا سائين! نہ.“ 14تڏهن هن ٻڌايو تہ ”هي انهن ٻن شخصن ڏانهن اشارو آهي، جن کي رب العالمين جي خاص خدمت لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو آهي.“