YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 2

2
اڌرنگي ماڻهوءَ کي شفا ڏيڻ
(متي 9‏:1‏-8، لوقا 5‏:17‏-26)
1ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي. 2سو ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي. جڏهن عيسيٰ انهن کي پيغام پئي ڏنو 3تہ ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻهن هٿان کٽولي تي کڻائي ڏانهس آيا. 4جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري هو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنهن جاءِ ۾ عيسيٰ ويٺل هو، تنهن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏهن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ هنن کٽولو، جنهن تي اڌرنگي پيل هو سو هيٺ لاٿو. 5عيسيٰ انهن جو ايڏو ايمان ڏسي انهيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ! تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“ 6اتي ئي شريعت جا ڪي عالم بہ ويٺا هئا، جيڪي اهو ٻڌي پنهنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ 7”هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇاڪاڻ تہ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“ 8عيسيٰ هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟ 9ڇا اهو سولو آهي تہ هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟ 10پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي ماڻهن جا گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو عيسيٰ اڌرنگي شخص کي چيو تہ 11”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ 12تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“
لاويءَ کي پوئلڳ بڻائڻ
(متي 9‏:9‏-13، لوقا 5‏:27‏-32)
13عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو تعليم ڏيڻ لڳو. 14پوءِ هن واٽ ويندي حلفيءَ جي پٽ #2‏:14 لاويءَ لاويءَ نالي هن شخص جو ٻيو نالو متي هو.لاويءَ کي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ کيس سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي لاوي اٿيو ۽ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.
15هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ لاويءَ جي گھر ماني ويٺي کاڌي، تڏهن سندس شاگردن کان علاوہ ڪيترائي #2‏:15 ٽيڪس اُڳاڙيندڙ رومي حڪومت جي طرفان يهودي قوم کان ٽيڪس اُڳاڙڻ لاءِ سندن ئي قوم مان ڪي ماڻهو مقرر ڪيل هئا، جن کي ٽيڪس اُڳاڙڻ جي ڪري پنهنجي قوم جا غدار سمجھيو ويندو هو. ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار بہ ساڻس گڏ کائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهڙا گھڻا ئي هئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا هئا. 16شريعت جي ڪن فريسي عالمن جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“ 17عيسيٰ هي ٻڌي کين وراڻيو تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. سو آءٌ نيڪن کي نہ، بلڪ گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“
روزن بابت سوال
(متي 9‏:14‏-17، لوقا 5‏:33‏-39)
18هڪڙي دفعي جڏهن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان هئا تہ ڪي ماڻهو عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوهان جا شاگرد ڇو نہ ٿا رکن؟“ 19عيسيٰ انهن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا؟ هرگز نہ! جيستائين گھوٽ انهن سان گڏ آهي، تيستائين کين روزا رکڻ جي ضرورت ناهي. 20پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تڏهن هو بہ روزا رکندا.
21ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. 22ساڳيءَ طرح ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀربي آهي.“
سبت جي ڏينهن بابت سوال
(متي 12‏:1‏-8، لوقا 6‏:1‏-5)
23 # شر 23‏:25 سبت جي هڪڙي ڏينهن تي عيسيٰ جڏهن پنهنجي شاگردن سميت اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو، تہ ڪي شاگرد رستي تي هلندي اناج جا سنگ پٽڻ لڳا. 24تنهن تي فريسين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا شاگرد اهو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينهن تي جائز نہ آهي؟“ 25‏-26#لاو 24‏:9، 1.سم 21‏:1‏-6عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو هو، تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذراني وارا روٽ کڻي پاڻ بہ کاڌائين ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي روٽ ڪاهنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ کائڻ جائز نہ هئا.“ 27عيسيٰ انهن کي وڌيڪ چيو تہ ”سبت انسانن لاءِ ٺهيو آهي، انسان سبت جي لاءِ نہ. 28ياد رکو، ابنِ آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“

Currently Selected:

مرقس 2: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in