YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 3

3
سڪل هٿ وارو ماڻهو
(متي 12‏:9‏-14، لوقا 6‏:6‏-11)
1عيسيٰ جڏهن ٻيهر عبادت‌خاني ۾ داخل ٿيو تہ اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو ڏٺائين. 2ڪي فريسي جيڪي انهيءَ تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي ڪا تهمت هڻن، سي غور سان ڏسڻ لڳا تہ ڇا عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن شفا ڏئي ٿو. 3تڏهن عيسيٰ سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اچ، ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“ 4پوءِ هن ماڻهن کان پڇيو تہ ”شريعت موجب سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ جائز آهي يا بدي، حياتي بچائڻ جائز آهي يا مارڻ؟“ پر هنن ڪجھہ بہ نہ ڪڇيو. 5عيسيٰ کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. 6تنهن تي فريسي ٻاهر نڪري وڃي هڪدم هيروديس جي حمايت ڪندڙ ماڻهن سان مليا ۽ عيسيٰ جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ کيس ڪيئن ختم ڪجي.
ڍنڍ تي ميڙ
7‏-8 عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آس‌پاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ عيسيٰ عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري. 9#مر 4‏:1، لو 5‏:1‏-3 جيئن تہ ماڻهن جو گھڻو ڳاهٽ هو تنهنڪري عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار رکو، متان ماڻهو مون کي ڳاهي نہ ڇڏين.“ 10جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا. 11ڀوتن ورتل ماڻهن بہ جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو پئي تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”تون خدا جو فرزند آهين.“ 12پر عيسيٰ انهن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ٿي ڪيو تہ ”مون کي ظاهر نہ ڪريو.“
رسول مقرر ڪرڻ
(متي 10‏:1‏-4، لوقا 6‏:12‏-16)
13پوءِ عيسيٰ هڪڙي پهاڙيءَ تي چڙهي ويو ۽ جن شاگردن کي چاهيائين تن کي پاڻ وٽ سڏيائين، جيڪي وٽس هليا آيا. 14هن انهن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي کين رسول مقرر ڪيو. انهن کي چيائين تہ ”مون اوهان کي انهيءَ ڪري چونڊيو آهي تہ اوهين مون سان گڏ رهو. آءٌ اوهان کي تبليغ ڪرڻ لاءِ ٻاهر بہ موڪليندس 15۽ اوهان کي ماڻهن مان ڀوتن ڪڍڻ جي اختياري بہ ڏيندس.“ 16عيسيٰ جيڪي ٻارهن ڄڻا چونڊيا سي هي هئا: شمعون، جنهن کي #3‏:16 پطرس پطرس يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”ٽڪر“ آهي (ڏسو متي 16‏:18 پڻ).پطرس نالو بہ ڏنائين، 17زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بوانرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين، 18اندرياس، فلپس، برتُلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، تدئي، شمعون #3‏:18 قوم‌پرست يهودي قوم جو هڪ ٽولو جيڪو پنهنجي قوم جي مٿان رومي حڪمرانيءَ جو مخالف هو، تنهن کي ”قوم‌پرست“ سڏيو ويندو هو.قوم‌پرست 19۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو هئس.
عيسيٰ مسيح ۽ بعل‌زبول
(متي 12‏:22‏-32، لوقا 11‏:14‏-23)
20پوءِ عيسيٰ هڪ گھر ۾ آيو. اتي بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جي بہ واندڪائي نہ پئي ملي. 21هوڏانهن جڏهن عيسيٰ جي مائٽن کي خبر پيئي تہ هو ڇا ڇا ڪندو پيو وتي ۽ ماڻهو کيس ديوانو پيا سمجھن، تڏهن سندس مائٽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيا.
22 # مت 9‏:34، 10‏:25 ڪي شريعت جا عالم جيڪي يروشلم کان آيا هئا، تن پئي چيو تہ ”عيسيٰ ۾ ڀوتن جو سردار #3‏:22 بعل‌زبول يعني شيطان (ڏسو متي 10‏:25 پڻ).بعل‌زبول آهي. سو انهيءَ جي مدد سان ئي هو ڀوتن کي ماڻهن مان ڪڍي ٿو.“ 23تنهن تي عيسيٰ انهن کي پاڻ وٽ گھرائي چيو تہ ”شيطان ڪيئن شيطان کي ڪڍندو؟“ پوءِ کين هي مثال ٻڌايائين تہ 24”جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اها جٽاءُ ڪري نہ سگھندي 25۽ جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اهو گھر بہ هلي نہ سگھندو. 26سو جيڪڏهن شيطان پاڻ ئي پنهنجي خلاف ٿي بيهي ۽ منجھس ڏڦيڙ پيدا ٿي پوي تہ هو ڪيئن بيهي سگھندو؟ هو تہ تباهہ ٿي ويندو.
27ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقتور شخص جي گھر ۾ گھڙي تيستائين سندس ملڪيت ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان طاقتور شخص کي ٻڌي سوگھو نہ ڪري. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھي ٿو.
28آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جن ماڻهن جيڪي بہ گناهہ ڪيا هوندا يا ڪفر جون ڳالهيون بڪيون هوندائون، تن سڀني کي معافي ملي سگھي ٿي، 29#لو 12‏:10 سواءِ انهيءَ ڪفر جي جيڪو پاڪ روح جي خلاف بڪيو وڃي ٿو. اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن بہ بخش نہ ڪيو ويندو. اٽلندو اهي ابدي گناهہ جا ڏوهاري ليکيا ويندا.“ 30عيسيٰ اهو انهيءَ ڪري چيو جو ڪن چيو پئي تہ ”هن ۾ ڀوت آهي.“
عيسيٰ مسيح جي ماءُ ۽ ڀائر ڪير؟
(متي 12‏:46‏-50، لوقا 8‏:19‏-21)
31ايتري ۾ عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر اچي پهتا ۽ ٻاهر بيهي عيسيٰ کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليائون. 32جيڪو ميڙ عيسيٰ جي چوگرد ويٺو هو تنهن مان ڪن ماڻهن کيس ٻڌايو تہ ”ڏسو، اوهان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاهر بيٺا اوهان کي سڏين ٿا.“ 33هن پڇيو تہ ”منهنجي ماءُ ۽ ڀائر ڪير آهن؟“ 34پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا هئا تن ڏانهن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”ڏسو، منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر هي آهن، 35ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خدا جي مرضيءَ موجب هلندو سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.“

Currently Selected:

مرقس 3: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in