1
حضرت يحيٰ جو منادي ڪرڻ
(متي 3:1-12، لوقا 3:1-18، يوحنا 1:19-28)
1خدا جي فرزند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي. 2#ملا 3:1 يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ
”خدا چيو تہ ’ڏس،
آءٌ پنهنجو پيغمبر تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو،
تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘
3 #
يس 40:3
هاڻي رڻپٽ ۾ انهيءَ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو،
هن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“
4تنهنڪري ئي تہ يحيٰ رڻپٽ ۾ ظاهر ٿيو هو. هو ماڻهن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ منادي ڪري پيو تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ خدا اوهان جا گناهہ معاف ڪري ڇڏي.“ 5تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يحيٰ وٽ آيا. انهن پنهنجا گناهہ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.
6 #
2.با 1:8
يحيٰ کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هئس. هو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو هو. 7يحيٰ ماڻهن ۾ منادي ڪندو هو تہ ”منهنجي پٺيان هڪ اهڙو ماڻهو ٿو اچي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو قدرت وارو آهي. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان. 8آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر هو اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“
عيسيٰ مسيح جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش
(متي 3:13–4:11، لوقا 3:21-22، 4:1-13)
9انهن ڏينهن ۾ عيسيٰ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يحيٰ وٽ آيو ۽ يحيٰ کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني. 10جيئن ئي عيسيٰ پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتو تہ کيس آسمان کُليل نظر آيو ۽ پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺائين. 11#پيد 22:2، زب 2:7، يس 42:1، مت 3:17، 12:18، مر 9:7، لو 3:22 تڏهن آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو فرزند آهين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آهيان.“
12پوءِ جلد ئي پاڪ روح عيسيٰ کي رڻپٽ ڏانهن ڇڪي ويو، 13جتي عيسيٰ کي چاليهن ڏينهن تائين شيطان آزمائيندو رهيو. اتي هن جھنگلي جانورن جي وچ ۾ پئي گذاريو ۽ ملائڪن سندس خدمت پئي ڪئي.
چئن مهاڻن کي پوئلڳ بڻائڻ
(متي 4:12-22، لوقا 4:14-15، 5:1-11)
14 يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ موٽي آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ 15#مت 3:2 ”وقت اچي ڀريو آهي ۽ خدا جي بادشاهي ويجھي آئي آهي، سو توبهہ ڪريو ۽ انهيءَ خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“
16جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رهيو هو تہ کيس ٻہ مهاڻا شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا، جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا. 17عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“ 18سو هو هڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا.
19ٿورو اڳڀرو هليو تہ هن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو. 20هنن کي ڏسندي ئي عيسيٰ کين سڏ ڪيو تہ انهن پنهنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ مزدورن سان ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا.
ڀوت ورتل ماڻهوءَ کي شفا ڏيڻ
(لوقا 4:31-37)
21پوءِ عيسيٰ پنهنجي انهن شاگردن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي #1:21 سبت هفتي جو ستون ڏينهن يعني ڇنڇر يهودين جو خاص عبادت جو ڏينهن هوندو هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“سبت جي ڏينهن تي عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. 22#مت 7:28-29 ماڻهو هن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن انهن کي شريعت جي عالمن وانگر نہ، بلڪ ائين پئي تعليم ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.
23ايتري ۾ ڀوت ورتل هڪڙو ماڻهو عبادتخاني ۾ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ 24”اي عيسيٰ ناصري! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون خدا جي هڪ پاڪ هستي آهين.“ 25پر عيسيٰ هن کي دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ 26تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ زور سان رڙ ڪندي هن مان نڪري ويو. 27تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين تعليم آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“ 28جلد ئي هن جي هاڪ گليل جي سڄي علائقي ۾ جتي ڪٿي پکڙجي ويئي.
گھڻن ماڻهن کي شفا ڏيڻ
(متي 8:14-17، لوقا 4:38-41)
29ان کان پوءِ عيسيٰ عبادتخاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس سان گڏ سندن گھر آيو. 30ان وقت شمعون جي سس بخار سبب بستري تي پيئي هئي. سو جيئن ئي عيسيٰ اتي پهتو تہ کيس هن جي بيماريءَ بابت ٻڌايائون. 31عيسيٰ هن وٽ ويو ۽ کيس هٿ کان وٺي اٿاري ويهاريائين تہ انهيءَ دم سندس بخار لهي ويو ۽ هوءَ سندن خدمت ڪرڻ لڳي.
32جڏهن سانجھي ٿي ۽ سج لهي ويو تہ ماڻهن ڪيترائي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهو عيسيٰ وٽ آندا. 33سڄو شهر دروازي تي اچي مڙيو. 34عيسيٰ ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.
عيسيٰ مسيح جو گليل ۾ تبليغ ڪرڻ
(لوقا 4:42-44)
35صبح جو سوير بلڪل اوندهہ ۾ ئي عيسيٰ اُٿي ٻاهر نڪري ويو ۽ هڪڙي نويڪلي جاءِ تي وڃي دعا گھريائين. 36شمعون ۽ هن جا ساٿي عيسيٰ کي ڳولڻ نڪتا 37۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو تہ چيائونس تہ ”هر ڪو اوهان کي ڳولي رهيو آهي.“ 38پر عيسيٰ کين چيو تہ ”هلو تہ ڪن ٻين ڀر وارن شهرن ۾ هلون، تہ جيئن اتي بہ آءٌ تبليغ ڪريان، ڇو تہ انهيءَ لاءِ ئي آءٌ آيو آهيان.“ 39#مت 4:23، 9:35 پوءِ هو گليل جي پوري علائقي جي عبادتخانن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.
ڪوڙهہ جهڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ
(متي 8:1-4، لوقا 5:12-16)
40 ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو هڪڙو ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويهي کيس نيزاري ڪندي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“ 41عيسيٰ کي هن تي ڪهل آئي، سو پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي چيائينس تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ 42تڏهن هڪدم هن کان ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو ۽ هو ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو. 43تڏهن عيسيٰ هڪدم کيس روانو ڪندي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ 44#لاو 14:1-32 ”متان ڪنهن کي ڪجھہ ٻڌايو اٿيئي، بلڪ سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ پوءِ موسيٰ جي شريعت موجب قرباني ڪج، تہ جيئن اها شاهدي ٿئي تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو آهين.“ 45پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ عيسيٰ ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.