15
عيسيٰ مسيح پلاطس جي اڳيان
(متي 27:1-2،11-14، لوقا 23:1-5، يوحنا 18:28-38)
1صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو. 2پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“ 3اتي سردار ڪاهنَ عيسيٰ تي گھڻيون ئي تهمتون هڻندا رهيا. 4تنهنڪري پلاطس کانئس وري پڇيو تہ ”ڇا تون ڪجھہ بہ نہ چوندين؟ ڏس، هنن تو تي ڪيتريون تهمتون مڙهيون آهن.“ 5پر عيسيٰ وري بہ هڪ لفظ نہ ڳالهايو. تنهن تي پلاطس ڏاڍو حيران ٿي ويو.
عيسيٰ مسيح لاءِ موت جي سزا جو حڪم
(متي 27:15-26، لوقا 23:13-25، يوحنا 18:39–19:16)
6پلاطس هر عيد فصح جي موقعي تي هڪ قيدي آزاد ڪندو هو، جنهن جي لاءِ رعيت چوندي هئس. 7انهن ڏينهن ۾ برابا نالي هڪ ماڻهو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ هو جن هڪڙي فساد ۾ خون ڪيا هئا. 8جڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ دستور موجب پلاطس کان مروت گھريائون، 9تڏهن هن انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهين چاهيو ٿا تہ آءٌ اوهان جي خاطر يهودين جي بادشاهہ کي آزاد ڪريان؟“ 10اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“ 11پر خلق سردار ڪاهنن جي دٻاءُ تي پلاطس کي چيو تہ هو عيسيٰ جي بدران برابا کي آزاد ڪري. 12پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”پر جنهن کي اوهين يهودين جو بادشاهہ ٿا سڏيو، تنهن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“ 13تنهن تي انهن رڙيون ڪري چيو تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“ 14تڏهن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“
15جيئن تہ پلاطس ماڻهن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو هن برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي ڪوڙا هڻائڻ کان پوءِ سپاهين جي حوالي ڪندي چيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻوس.“
سپاهين جو عيسيٰ مسيح تي ٺٺوليون ڪرڻ
(متي 27:27-31، يوحنا 19:2-3)
16سپاهي عيسيٰ کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کي بہ سڏيائون. 17انهن عيسيٰ کي واڱڻائي رنگ جو جبو ڍڪايو ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ٺاهي مٿي تي رکيائونس. 18پوءِ چوڻ لڳس تہ ”سلام، اي يهودين جا بادشاهہ!“ 19ائين چوندي هو کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ هڻندا رهيا، ٿڪون هڻندا رهيا ۽ گوڏن ڀر ويهي سندس اڳيان سجدو ڪندا رهيا. 20جڏهن هو ٺٺوليون ڪري چڪا تڏهن واڱڻائي جبو لهرائي وري ساڳيا پنهنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُهي کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.
عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙهڻ
(متي 27:32-44، لوقا 23:26-43، يوحنا 19:17-27)
21 #
رو 16:13
رستي تي انهن کي شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن اچي رهيو هو. هو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس عيسيٰ جو صليب کڻائي هليا. 22پوءِ اُهي عيسيٰ کي يروشلم کان گُلگُتا نالي هڪڙي جاءِ تي وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوپريءَ جي جاءِ.“ 23هنن عيسيٰ کي اهڙي مئي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ مُرَ نالي نشيدار شيءِ گڏيل هئي، پر هن اُها نہ پيتي. 24#زب 22:18 پوءِ هنن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وڌائون. 25اهو صبح جو اٽڪل نائين بجي جو وقت هو جڏهن انهن کيس صليب تي چاڙهيو. 26انهن سپاهين هن جي مٿان هڪڙي تختي بہ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو بادشاهہ.“ 27-28#يس 53:12 انهن ٻہ ٻيا بہ ماڻهو صليب تي چاڙهيا جيڪي ڌاڙيل هئا، انهن مان هڪڙو سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.#15:27-28 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”اهڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ پوري ٿي تہ ’هو گنهگارن ۾ ليکيو ويندو‘“ (ڏسو لوقا 22:37).
29 #
زب 22:7، 109:25، مر 14:58، يو 2:19 جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ ”واہ واہ! اهو تون ئي آهين نہ، جيڪو ٽن ڏينهن ۾ هيڪل ڊاهين ۽ وري ٺاهين پيو. 30هاڻي پاڻ کي بچائي صليب تان هيٺ تہ لهي ڏيکار.“ 31ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ هڪٻئي کي چون پيا تہ ”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي تہ پاڻ کي بہ نہ ٿو بچائي سگھي. 32هاڻي ڏسون تہ هي مسيح، بني اسرائيل جو بادشاهہ، ڪيئن ٿو صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻهو صليب تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون.
عيسيٰ مسيح جي وفات
(متي 27:45-56، لوقا 23:44-49، يوحنا 19:28-30)
33منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين رهي. 34#زب 22:1 ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ #15:34 ”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ هي خدا کي سڏڻ جا لفظ ”الوهي! الوهي!“ عبراني ۽ ”لما شبقتني“ ارامي ٻوليءَ مان ورتل آهن.”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“ 35جيڪي ماڻهو اُتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو الياس نبيءَ کي سڏي رهيو آهي.“ 36#زب 69:21 انهن مان هڪڙو ماڻهو ڀڄي وڃي فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين ۽ چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ الياس هن کي صليب تان هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
37پوءِ عيسيٰ وڏي رڙ ڪندي دم ڏنو. 38#خر 26:31-33 تڏهن هيڪل جو مقدس ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. 39فوجي صوبيدار جيڪو صليب جي اڳيان بيٺو هو تنهن عيسيٰ کي ائين دم ڏيندي ڏسي چيو تہ ”سچ پچ تہ هي ماڻهو خدا جو فرزند هو.“
40 #
لو 8:2-3
اُتي ڪي عورتون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون. 41جڏهن عيسيٰ گليل علائقي ۾ هو تڏهن اهي سندس پٺيان لڳي هن جي خدمت ڪنديون ٿي رهيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي عورتون هيون جيڪي هن سان گڏ يروشلم ۾ آيون هيون.
عيسيٰ مسيح جو ڪفن دفن
(متي 27:57-61، لوقا 23:50-56، يوحنا 19:38-42)
42شام ٿي چڪي هئي ۽ اها شام سبت جي ڏينهن کان اڳئين #15:42 تياريءَ جي ڏينهن هن مان مراد سبت يا ڪنهن عيد جي ڏينهن کان اڳ وارو ڏينهن آهي. ان ڏينهن يهودي کاڌو وغيرہ تيار ڪندا هئا، ڇو تہ ٻئي ڏينهن سبت يعني آرام جو يا وڏو ڏينهن هوندو هو. انهيءَ دور ۾ ٻئي ڏينهن جي شروعات سج لهڻ کان ئي ٿيندي هئي.تياريءَ جي ڏينهن جي هئي. 43تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي ڪائونسل جو هڪ معزز ڪارڪن هو ۽ پاڻ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪري کانئس عيسيٰ جو لاش گھريائين. 44پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ عيسيٰ ايترو جلد ڪيئن مري ويو. هن هڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”ڇا عيسيٰ ايترو جلدي مري چڪو آهي؟“ 45جڏهن صوبيدار کيس اهڙي خاطري ڏياري، تڏهن پلاطس يوسف کي لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني. 46پوءِ يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو ۽ عيسيٰ جي لاش کي لهرائي اُن ۾ ويڙهيائين ۽ اهو ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هڪڙي قبر ۾ آڻي رکيائين. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي ان قبر جي منهن تي ڏنائين. 47مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماءُ مريم اهو هنڌ ڏٺو پئي جتي لاش کي رکيو ٿي ويو.