14
عيسيٰ مسيح خلاف سازش سِٽڻ
(متي 26:1-5، لوقا 22:1-2، يوحنا 11:45-53)
1 #
خر 12:1-27
#14:1 فصح ۽ بيخميري مانيءَ جي عيد ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”عيد فصح.“فصح ۽ بيخميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻي هئي. سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين. 2پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينهن ائين نہ ڪريون، متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“
عيسيٰ مسيح تي عطر هارڻ
(متي 26:6-13، يوحنا 12:1-8)
3 #
لو 7:37-38
عيسيٰ جڏهن بيتعنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر ماني کاڌي پئي، تہ هڪڙي عورت سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر عيسيٰ جي مٿي تي هاريائين. 4تڏهن اتي ويٺلن مان ڪي پنهنجيءَ دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”هي عطر ڇو زيان ڪيو ويو؟ 5اهو عطر ٽي سؤ #14:5 چانديءَ جي سڪن انهن ڏينهن ۾ چانديءَ جو هڪ عام سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20:2).چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“ سو اُهي انهيءَ عورت کي سختيءَ سان نندڻ لڳا. 6تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”هن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. 7#شر 15:11 غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن، سو جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿئي تڏهن انهن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس. 8هن عورت کان جيڪو ڪجھہ ٿي سگھيو سو هن ڪيو. هن منهنجي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي منهنجي جسم تي خوشبوءِ ڇٽڪائي آهي. 9آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄيءَ دنيا ۾ جتي بہ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ويندي، اُتي هن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“
عيسيٰ مسيح خلاف يهوداہ اسڪريوتيءَ جو سازش سِٽڻ
(متي 26:14-16، لوقا 22:3-6)
10پوءِ عيسيٰ جي ٻارهن شاگردن مان يهوداہ اسڪريوتي سردار ڪاهنن وٽ ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو عيسيٰ کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري. 11يهوداہ جي هن ڳالهہ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي پڪڙائي.
عيد فصح جي ماني کائڻ
(متي 26:17-25، لوقا 22:7-14، 22:21-23، يوحنا 13:21-30)
12بيخميري مانيءَ جي عيد جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوهين عيد فصح جي ماني ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ 13تنهن تي عيسيٰ پنهنجي ٻن شاگردن کي اهو چئي موڪليو تہ ”شهر ۾ وڃو. اتي اوهين هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏسندا، جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو. اوهين انهيءَ جي پٺيان وڃجو. 14پوءِ جنهن گھر ۾ اهو ماڻهو گھڙي وڃي تنهن جي مالڪ کي چئجو تہ ’استاد چوي ٿو تہ اهو مهمانخانو ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجي شاگردن سان گڏجي عيد فصح جي ماني کائي؟‘ 15تڏهن هو اوهان کي ماڙيءَ تي سجائي تيار ڪيل هڪ وڏو ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوهين اسان لاءِ عيد فصح جي مانيءَ جي تياري ڪجو.“ 16شاگرد جڏهن يروشلم شهر ۾ پهتا تہ اتي هر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو هو. سو هنن اتي عيد فصح جي ماني کائڻ جي تياري ڪئي.
17جڏهن شام ٿي تہ عيسيٰ ٻارهن ئي شاگردن سان گڏ اتي آيو. 18#زب 41:9 پوءِ جڏهن اهي گڏجي دسترخوان تي کائي رهيا هئا تہ عيسيٰ چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“ 19تنهن تي شاگرد غمگين ٿيا ۽ هڪٻئي پٺيان عيسيٰ کان پڇڻ لڳا تہ ”اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ 20عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُهو اوهان ٻارهن مان ئي آهي، جيڪو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندو آهي. 21ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي انهيءَ تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“
عيسيٰ مسيح جي يادگيريءَ لاءِ ماني
(متي 26:26-30، لوقا 22:14-20، 1.ڪرنٿين 11:23-25)
22جڏهن اهي کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو بدن آهي.“ 23پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري اهو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو. 24#خر 24:8، ير 31:31-34 تڏهن عيسيٰ چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو. 25آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن کان پوءِ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ خدا جي بادشاهيءَ ۾ نئين مئي ئي پيئندس.“ 26پوءِ انهن #14:26 زبور ڳايو عيد فصح پوري ٿيڻ تي خدا جي واکاڻ طور ڪي خاص زبور ڳايا ويندا هئا.زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن هليا ويا.
پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي
(متي 26:31-35، لوقا 22:31-34، يوحنا 13:36-38)
27 #
زڪ 13:7
رستي تي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘ 28#مت 28:16 تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ۾ وڃي پهچندس.“ 29تنهن تي پطرس چيس تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوهان کي ڇڏي وڃن، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي هرگز ڇڏي نہ ويندس.“ 30عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ 31تڏهن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيس تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو.
گتسمني باغ ۾ دعا گھرڻ
(متي 26:36-46، لوقا 22:39-46)
32جڏهن اهي گتسمني نالي هڪ باغ ۾ آيا، تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ دعا گھري اچان.“ 33پوءِ هن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. ان وقت کيس سخت پريشاني ۽ بيقراري وٺي ويئي. 34سو هن کين ٻڌايو تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ جاڳندا رهو.“ 35پوءِ عيسيٰ ٿورو پرڀرو وڃي پاڻ کي زمين تي ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هيءَ ڏک جي گھڙي مون تان ٽاري وڃي.“ 36هن وڌيڪ چيو تہ ”اي ابا! اي منهنجا بابا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“
37پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ٽيئي شاگرد سمهيا پيا آهن. تڏهن هن پطرس کي سڏي چيو تہ ”اي شمعون! تو کي بہ ننڊ وٺي ويئي ڇا؟ ڇا تون هڪڙي گھڙي بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“ 38پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“
39هو وري پرڀرو ويو ۽ ائين ئي دعا گھريائين جيئن اڳ ۾ گھُري هئائين. 40پوءِ هن ٻيهر موٽي اچي ڏٺو تہ شاگرد وري بہ ستا پيا آهن. کين ايتري تہ ننڊ ٿي آئي جو اکيون بہ پٽي نہ پئي سگھيا، سو خبر ئي نہ ٿي پين تہ کيس ڇا چون.
41پر جڏهن هو ٽيون دفعو انهن وٽ موٽي آيو، تڏهن چيائين تہ ”ڇا اڃا تائين اوهين ننڊون ۽ آرام پيا ڪندا؟ بس، اها گھڙي اچي پهتي آهي. ڏسو، ابنِ آدم گنهگارن جي حوالي ڪيو پيو وڃي. 42اُٿو، هلي ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رهيو آهي سو ويجھو اچي پهتو آهي.“
عيسيٰ مسيح جي گرفتاري
(متي 26:47-56، لوقا 22:47-53، يوحنا 18:3-12)
43عيسيٰ اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن شاگردن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي شاگرد ماڻهن جي هڪڙي وڏي ٽولي سان گڏ آيو، جن کي هٿن ۾ تلوارون ۽ لٺيون هيون. انهن کي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو. 44هن دغاباز انهن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چميان سو ئي عيسيٰ هوندو. انهيءَ کي پڪڙجو ۽ پهري هيٺ وٺي وڃجوس.“
45هو پهچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس ”استاد!“ سڏي چمي ڏنائين. 46پوءِ تہ هنن عيسيٰ کي جھلي قابو ڪيو. 47تنهن تي عيسيٰ جي ڀرسان بيٺلن مان هڪڙي شخص پنهنجي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. 48پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ 49#لو 19:47، 21:37 آءٌ تہ روزانو اوهان وٽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هئس پر ان وقت تہ اوهان ڪڏهن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر هي انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن پاڪ ڪلام جي ڳالهہ پوري ٿئي.“ 50تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.
51عيسيٰ سان گڏ آيلن مان هڪڙو نوجوان جنهن کي بدن تي رڳو چادر ويڙهيل هئي، تنهن کي انهن چادر کان پڪڙي ورتو. 52پر هو چادر ڇڏي اگھاڙو ئي ڀڄي نڪتو.
عيسيٰ مسيح يهودي ڪائونسل جي اڳيان
(متي 26:57-68، لوقا 22:54-55،63-71، يوحنا 18:13-14،19-24)
53پوءِ اهي عيسيٰ کي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي سردار ڪاهنَ، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا سڀيئي چڱا مڙس گڏ ٿيندا ٿي ويا. 54پطرس بہ عيسيٰ جي ٿورو پٺيان پٺيان ايندي وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ اچي پهتو. اُتي هو پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو ۽ پاڻ کي باهہ تي سيڪڻ لڳو. 55ان وقت سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ جي خلاف ڪا شاهدي هٿ ڪري کيس موت جي سزا ڏيارين. پر انهن کي اهڙي ڪابہ شاهدي ملي نہ سگھي، 56ڇاڪاڻ تہ ڪيترن ئي ماڻهن عيسيٰ جي خلاف ڪوڙيون شاهديون تہ ڏنيون، پر انهن شاهدين پاڻ ۾ ميل نہ ٿي کاڌو.
57پوءِ ڪي ماڻهو اُٿي بيٺا ۽ عيسيٰ تي هيءَ تهمت هنيائون تہ 58#يو 2:19 ”اسان هن کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ماڻهن جي ٺهيل هن هيڪل کي ڊاهيندس ۽ ٽن ڏينهن اندر اهڙي هيڪل ٺاهيندس جيڪا ماڻهن جي ٺهيل نہ هوندي.‘“ 59پر انهن جي هن شاهديءَ بہ ميل نہ ٿي کاڌو.
60تڏهن وڏو سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ سڀني جي روبرو عيسيٰ کان پڇڻ لڳو تہ ”تون ڳالهائين ڇو نہ ٿو؟ ڇا تو کي هنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو نہ آهي؟“ 61پر عيسيٰ ماٺ ئي رهيو ۽ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاهن کانئس ٻيهر پڇيو تہ ”ڇا تون ئي مسيح آهين، سڳوري خدا جو فرزند؟“ 62#دان 7:13 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ آهيان. اوهين ابنِ آدم کي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“ 63تنهن تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”بس! اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن. 64#لاو 24:16 هن جا ڪفر وارا لفظ اوهان پاڻ ٻڌا آهن. سو هاڻي اوهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟“ تنهن تي انهن سڀني فيصلو ڏيندي چيو تہ ”هي موت جي سزا جي لائق آهي.“
65پوءِ انهن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون.
پطرس جو عيسيٰ مسيح بابت انڪار ڪرڻ
(متي 26:69-75، لوقا 22:56-62، يوحنا 18:15-18،25-27)
66هوڏانهن پطرس اڃا اڱڻ ۾ ئي ويٺو هو تہ وڏي سردار ڪاهن جي هڪ نوڪرياڻي اتي آئي. 67هن جڏهن پطرس کي باهہ تي پاڻ سيڪيندي ڏٺو تہ ڏانهس چتائي نهاريندي چيائينس تہ ”تون بہ تہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ هئين.“ 68پر هن انڪار ڪندي چيس تہ ”آءٌ نہ ٿو ڄاڻان، نڪي سمجھان ٿو تہ تون ڇا چئي رهي آهين.“ هو اهو جواب ڏيئي ٻاهر ڏيڍيءَ ۾ هليو ويو تہ ايتري ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 69انهيءَ نوڪرياڻيءَ جڏهن پطرس کي وري ڏٺو تڏهن اُتي بيٺل ماڻهن کي چوڻ لڳي تہ ”هي انهن مان هڪڙو آهي.“ 70پر هن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ اُتي بيٺلن بہ پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون انهن مان ئي آهين، ڇو تہ تون بہ گليلي پيو لڳين.“ 71تنهن تي پطرس قسم کڻي چيو تہ ”ڪوڙي تي خدا جي لعنت هجي. آءٌ تہ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪونہ ٿو، جنهن جي اوهين ڳالهہ ٿا ڪريو.“ 72انهيءَ دم ڪڪڙ ٻيو دفعو ٻانگ ڏني. تڏهن پطرس کي عيسيٰ جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ اهو خيال ايندي ئي هو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.