13
هيڪل جي برباديءَ بابت اڳڪٿي
(متي 24:1-2، لوقا 21:5-6)
1عيسيٰ جڏهن هيڪل مان ٻاهر نڪتو پئي تہ سندس شاگردن مان هڪڙي چيس تہ ”اي استاد! ڏسو تہ هي ڪيڏا نہ سهڻا پٿر ۽ ڪيڏيون نہ خوبصورت عمارتون آهن!“ 2تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”تون جيڪي هي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو، تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“
تڪليفون ۽ تباهيون
(متي 24:3-14، لوقا 21:7-19)
3پوءِ عيسيٰ جڏهن هيڪل جي سامهون زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو تڏهن پطرس، يعقوب، يوحنا ۽ اندرياس هن سان نويڪلائيءَ ۾ اچي مليا. 4انهن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ هنن واقعن ٿيڻ لاءِ ڪهڙي نشاني ٿيندي، جنهن مان خبر پوي تہ برابر وقت اچي پهتو آهي؟“
5تنهن تي عيسيٰ انهن کي چوڻ لڳو تہ ”هوشيار رهو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ نہ ڪري، 6ڇو تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻهن کي گمراهہ ڪندا. 7جڏهن اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌو تڏهن نہ گھٻرائجو. اهي ڳالهيون ٿينديون ضرور، پر اها اڃا پڄاڻي نہ آهي. 8قوم، قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. ڪيترن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اهي ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون.
9-10 #
مت 10:17-20، لو 12:11-12 سڀني قومن ۾ پهريائين خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ضرور ڪئي ويندي. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ عبادتخانن ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا. 11جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پاڪ روح جون هونديون. 12ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. اولاد پنهنجي ماءُ پيءُ جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو ۽ کين مارائي ڇڏيندو. 13#مت 10:22 منهنجي نالي جي ڪري هر ڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.“
دهشتناڪ وقت
(متي 24:15-28، لوقا 21:20-24)
14 #
دان 9:27، 11:31، 12:11 ”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي #13:14 اُتي رکيل ڏسو يعني مقدس هيڪل ۾.اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن. 15#لو 17:31 جيڪو ماڻهو گھر جي ڇت تي هجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لهي پنهنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي 16۽ جيڪو ماڻهو ٻنيءَ ۾ هجي سو بہ گھر ڏانهن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي. 17انهن ڏينهن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان هونديون، يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي. 18خدا کان دعا گھرو تہ شل اهي ڳالهيون سياري ۾ نہ ٿين. 19#دان 12:1، مڪا 7:14 جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي. 20خداوند جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو نہ گھٽائي ها، تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر هن پنهنجي چونڊيلن جي ڪري انهن ڏينهن جو مدو گھٽائي ڇڏيو.
21ان وقت جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ’ڏسو، مسيح هيڏانهن آهي‘ يا چوي تہ ’ڏسو، مسيح هوڏانهن آهي‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو، 22ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا. اهو سڀ اهي انهيءَ مقصد لاءِ ڪندا تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين. 23تنهنڪري هوشيار رهو. ڏسو، مون اوهان کي هر ڳالهہ وقت کان اڳي ئي ٻڌائي ڇڏي آهي.“
ابنِ آدم جو موٽي اچڻ
(متي 24:29-31، لوقا 21:25-28)
24 #
يس 13:10، حز 32:7، يوا 2:10،31، 3:15، مڪا 6:12 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو. 25#يس 34:4، يوا 2:10، مڪا 6:13 تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون. 26#دان 7:13، مڪا 1:7 تڏهن ماڻهو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان ڪڪرن تي ايندي ڏسندا. 27پوءِ هو ملائڪن کي هر طرف موڪليندو، تہ جيئن اهي خدا جي چونڊيل سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪن جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پکڙيل آهن.“
انجير جي وڻ جو مثال
(متي 24:32-35، لوقا 21:29-33)
28”اوهين انجير جي وڻ مان سبق پرايو. جڏهن هن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏهن اوهين سمجھو ٿا تہ اونهارو آيو ڪي آيو. 29ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو، تڏهن ڄاڻجو تہ هيڪل جي ڊهڻ جو وقت اچي پهتو آهي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آهي. 30آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ #13:30 هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون هيڪل جي برباديءَ بابت عيسيٰ مسيح جي ڪيل اڳڪٿي، جيڪا مرقس 13:2 ۾ بيان ٿيل آهي، سا رومي حڪومت جي هٿان 70 عيسويءَ ۾ پوري ٿي.هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون. 31زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“
سجاڳ رهو
(متي 24:36-44)
32 #
مت 24:36
عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود ابنِ آدم جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آسمان جا ملائڪ ۽ نہ ئي فرزند، رڳو پيءُ ئي اهو ڄاڻي ٿو. 33سو هوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي خبر نہ آهي تہ اهو وقت ڪڏهن ايندو.
34 #
لو 12:36-38
ابنِ آدم جو موٽي اچڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پرديس تي ويو هجي ۽ گھر مان نڪرڻ مهل پنهنجي نوڪرن کي اختياري ڏيئي هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو هجي تہ ’سجاڳ رهجانءِ.‘ 35تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي خبر نہ آهي تہ گھر جو مالڪ ڪڏهن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل يا صبح جو اچي. 36ائين نہ ٿئي جو جڏهن هو اوچتو اچي تہ متان اوهان کي ستل ڏسي. 37جيڪي آءٌ اوهان کي چوان ٿو سو ٻين سڀني کي بہ چوان ٿو تہ سجاڳ رهجو.“