YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 16

16
عيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ
(متي 28‏:1‏-8، لوقا 24‏:1‏-12، يوحنا 20‏:1‏-10)
1 سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن عيسيٰ جي لاش کي هڻن. 2پوءِ آچر جي ڏينهن صبح جو سوير سج اڀرڻ مهل اهي قبر تي اچي پهتيون. 3‏-4جيئن تہ قبر جي منهن تي رکيل پٿر تمام وڏو هو، سو رستي تي اهي پاڻ ۾ چونديون ٿي آيون تہ ”اسان لاءِ قبر جي منهن تان پٿر ڪير هٽائيندو؟“ پر جڏهن اتي اچي پهتيون تہ ڇا ڏسن تہ اهو پٿر تہ اڳي ئي رڙهيو پيو آهي. 5جڏهن اهي قبر جي اندر گھڙيون تہ اڇي پوشاڪ پاتل هڪ نوجوان کي ساڄي پاسي ويٺل ڏسي نهايت حيران ٿي ويون. 6تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيئرو ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون. 7#مت 26‏:32، مر 14‏:28 پر اوهين وڃو ۽ وڃي پطرس سميت عيسيٰ جي ٻين شاگردن کي چئو تہ ’عيسيٰ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اوهين هن کي اتي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي ٻڌايو هو.‘“ 8تڏهن اهي قبر کان ٻاهر نڪري وٺي ڀڳيون ۽ جيئن تہ ڊپ وچان کين ڏڪڻي ۽ دهشت وٺي ويئي هئي، سو انهن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو.#16‏:8 ڪن قديم مسودن ۾ آيت 8 هن ڪتاب جي آخري آيت آهي ۽ 9‏-20 آيتون نہ آهن.
مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏيڻ
(متي 28‏:9‏-10، يوحنا 20‏:11‏-18)
9عيسيٰ آچر ڏينهن صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان پهريائين مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنهن مان هن ست ڀوت ڪڍيا هئا. 10تڏهن هن وڃي عيسيٰ جي ساٿين کي اها ڳالهہ ٻڌائي، جيڪي سوڳ ڪندي روئن پيا. 11جڏهن هنن ٻڌو تہ عيسيٰ جيئرو ٿي اٿيو آهي ۽ مريم پاڻ ان کي ڏٺو آهي، تڏهن بہ اهي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.
ٻن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
(لوقا 24‏:13‏-35)
12انهيءَ کان پوءِ عيسيٰ ٻي صورت ۾ شاگردن مان ٻن ڄڻن کي ڏيکاري ڏني، جيڪي رستو وٺيو ٻهراڙيءَ ڏانهن پئي ويا. 13تڏهن اهي اتان ئي يروشلم ڏانهن موٽي آيا ۽ اها ڳالهہ ٻين شاگردن کي بہ اچي ٻڌايائون. پر انهن جي ڳالهہ تي بہ هنن اعتبار نہ ڪيو.
يارهن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
(متي 28‏:16‏-20، لوقا 24‏:36‏-49، يوحنا 20‏:19‏-23، رسولن جا ڪم 1‏:6‏-8)
14آخر ۾ عيسيٰ يارهن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏهن هو گڏجي ماني کائي رهيا هئا. هن سندن ايمان جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيئرو ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو. 15#رس 1‏:8 پوءِ هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڄيءَ دنيا ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريو. 16جيڪو بہ انهيءَ تي ايمان آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو ڇوٽڪارو حاصل ڪندو، پر جيڪو ايمان نہ آڻيندو سو ڏوهي قرار ڏنو ويندو. 17جيڪي ايمان آڻيندا، تن ۾ قدرت جون هي نشانيون هونديون جو اهي منهنجي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍندا ۽ مختلف قسمن جون ٻوليون ڳالهائيندا. 18جيڪڏهن اهي نانگ جھليندا يا زهر پيئندا تہ بہ انهن کي ڪو نقصان نہ پهچندو. هو بيمارن کي هٿ لائيندا تہ اهي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“
عيسيٰ مسيح جو آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ
(لوقا 24‏:50‏-53، رسولن جا ڪم 1‏:9‏-11)
19 # رس 1‏:9‏-11 انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ خداوند عيسيٰ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 20پوءِ شاگردن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي. انهن جي ڪم ۾ خداوند عيسيٰ ساڻن گڏ هو ۽ قدرت جي نشانين سان سندن تبليغ کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.

Currently Selected:

مرقس 16: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in