28
عيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ
(مرقس 16:1-10، لوقا 24:1-12، يوحنا 20:1-10)
1 سبت جي ڏينهن کان پوءِ جڏهن آچر جي پرهہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏانهن ويون. 2ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو هڪڙو ملائڪ آسمان مان هيٺ لٿو ۽ قبر جي منهن واري پٿر کي پاسي تي ريڙهي مٿس چڙهي ويٺو. 3هن جي صورت کِنوڻ جهڙي تجليدار هئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني هئي. 4پهريدار کانئس اهڙا تہ ڊنا جو ڏڪندي ڏڪندي زمين تي ڪري پيا ۽ مُڙدن وانگر پئجي رهيا.
5انهيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين عيسيٰ کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو. 6هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ جيئن هن چيو هو تيئن ئي هو جيئرو ٿي اٿيو آهي. هيڏانهن اچو ۽ اها جاءِ ڏسو جتي هو پيل هو. 7پوءِ جلدي وڃي هن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي ۽ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اتي اوهين کيس ڏسندا.‘ ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“
8تڏهن هنن اها جاءِ ڏٺي ۽ پوءِ ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان قبر کان جلدي روانيون ٿي عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙنديون ٿي ويون 9تہ اوچتو ئي عيسيٰ انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيو. 10عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي شاگردن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“
پهريدارن جو اطلاع ڏيڻ
11اهي عورتون اڃا رستي ۾ ئي هيون تہ هوڏانهن پهريدار جن قبر تي پهرو پئي ڏنو، تن مان ڪي موٽي شهر ڏانهن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڀ اچي سردار ڪاهنن کي ٻڌايائون. 12تڏهن سردار ڪاهنن يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪري سپاهين کي جھجھا پئسا رشوت ڏنا تہ جيئن 13اهي چون تہ ”جڏهن رات جو اسين سمهيا پيا هئاسين تڏهن عيسيٰ جا شاگرد آيا ۽ سندس لاش چورائي کڻي ويا.“ 14هنن سپاهين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻيهي هن کي سمجھائينداسين. سو اوهان کي ڪنهن بہ ڳالهہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“ 15تڏهن پهريدارن پئسا وٺي اها ڳالهہ ڪئي جيڪا کين سيکاري ويئي هئي. ان ئي ڏينهن کان وٺي اها سيکاريل ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي آهي ۽ اڃا تائين مشهور آهي.
شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
(مرقس 16:14-18، لوقا 24:36-49، يوحنا 20:19-23، رسولن جا ڪم 1:6-8)
16 #
مت 26:32، مر 14:28 تڏهن يارهن ئي شاگرد گليل علائقي ڏانهن ويا ۽ انهيءَ جبل تي گڏ ٿيا جتي عيسيٰ وڃڻ لاءِ چيو هئن. 17اتي جڏهن انهن عيسيٰ کي ڏٺو تہ هن کي سجدو ڪيائون، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ هو. 18عيسيٰ شاگردن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي. 19#رس 1:8 تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو 20۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“