27
عيسيٰ مسيح پلاطس جي اڳيان
(مرقس 15:1، لوقا 23:1-2، يوحنا 18:28-32)
1صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون. 2پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.
يهوداہ اسڪريوتيءَ جو موت
(رسولن جا ڪم 1:18-19)
3دغاباز يهوداہ جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تڏهن هن ڏاڍو پڇتايو ۽ چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن وٽ موٽائي کڻي ويو. 4هن کين چيو تہ ”هڪ بيقصور منهنجي پڪڙائڻ سبب ماريو ٿو وڃي. اهو مون وڏو گناهہ ڪيو آهي.“ پر انهن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪهڙو واسطو؟ اهو تہ تنهنجو ئي ڪم آهي، سو تون ئي ڄاڻ.“ 5تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين.
6سردار ڪاهنن اهي سڪا کڻي چيو تہ ”هي خون جا پئسا آهن، تنهنڪري انهن پئسن کي هيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آهي.“ 7سو هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انهن پئسن سان ڪنڀر وارو ميدان خريد ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اتي پرديسين واسطي قبرستان ٺاهين. 8اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين اها زمين ”خون جو ميدان“ سڏبي آهي.
9 #
زڪ 11:12-13
اهڙيءَ طرح يرمياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿيو تہ ”انهن اهي ٽيهہ سڪا کنيا، جيڪي بني اسرائيل وارن سندس مُلهہ طور ڏيڻ لاءِ قبول ڪيا هئا. 10پوءِ انهن اهي پئسا ڪنڀر جي ميدان لاءِ ڏنا، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو هو.“
پلاطس جي عيسيٰ مسيح کان پڇا ڳاڇا
(مرقس 15:2-5، لوقا 23:3-5، يوحنا 18:33-38)
11 عيسيٰ کي گورنر پلاطس جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“ 12جڏهن سردار ڪاهنَ ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس مٿس تهمتون هڻڻ لڳا تہ انهن جي جواب ۾ عيسيٰ ڪجھہ بہ نہ چيو. 13تنهنڪري پلاطس هن کي چيو تہ ”ڇا تون هي سڀ ڳالهيون نہ ٿو ٻڌين جيڪي هي تو تي مڙهين ٿا؟“ 14پر عيسيٰ جواب ۾ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيو. تنهن تي گورنر ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو.
عيسيٰ مسيح لاءِ موت جي سزا جو حڪم
(مرقس 15:6-15، لوقا 23:13-25، يوحنا 18:39–19:16)
15گورنر جو اهو دستور هوندو هو تہ عيد فصح جي موقعي تي هو هڪڙي قيديءَ کي آزاد ڪندو هو، جنهن جي لاءِ رعيت چوندي هئس. 16انهن ڏينهن ۾ هڪ مشهور ڏوهاري قيد ٿيل هو، جنهن جو نالو برابا هو. 17پوءِ جڏهن ماڻهو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوهان جي خاطر آءٌ ڪنهن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا عيسيٰ کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ 18اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“
19اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“
20انهيءَ دوران سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن خلق کي سمجھايو تہ هو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي. 21گورنر انهن کان ٻيهر پڇيو تہ ”هنن ٻنهي مان اوهان جي خاطر ڪنهن کي آزاد ڪريان؟“ انهن وراڻيو تہ ”برابا کي!“ 22تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”پوءِ عيسيٰ کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انهن سڀني واڪا ڪري چيو تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“ 23تنهن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“ 24#شر 21:6-9 تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آهي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏهن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ هن ماڻهوءَ جي خون کان آجو آهيان. اها اوهان جي ذميواري آهي.“ 25سڀني ماڻهن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ هن جي خون جي ذميواري اسان تي ۽ اسان جي اولاد تي هجي.“ 26پوءِ پلاطس برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ عيسيٰ کي ڪوڙا هڻي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.
سپاهين جو عيسيٰ مسيح تي ٺٺوليون ڪرڻ
(مرقس 15:16-20، يوحنا 19:2-3)
27پوءِ اهي سپاهي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون. 28انهن عيسيٰ جا ڪپڙا لهرايا ۽ هڪڙو لال ڳاڙهو جبو ڍڪايائونس. 29تنهن کان پوءِ انهن هڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاهي هن جي مٿي تي رکيو ۽ هڪ ڪانو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي هن جي اڳيان گوڏا کوڙي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. اهي چون پيا تہ ”سلام، اي يهودين جا بادشاهہ!“ 30پوءِ انهن هن کي ٿڪون هنيون ۽ اهو ئي ڪانو کڻي سندس مٿي تي هڻڻ لڳا. 31جڏهن اهي ٺٺوليون ڪري چڪا تہ اهو لال ڳاڙهو جبو لهرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پهرايائون. پوءِ هو کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.
عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙهڻ
(مرقس 15:21-32، لوقا 23:26-43، يوحنا 19:17-27)
32جڏهن هو يروشلم کان نڪتا پئي ويا تہ انهن کي ڪريني شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو جنهن جو نالو شمعون هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس عيسيٰ جو صليب کڻائي هليا. 33پوءِ هو گُلگُتا نالي هڪڙي جاءِ تي پهتا، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوپريءَ جي جاءِ.“
34 #
زب 69:21
اتي سپاهين عيسيٰ کي ڪؤڙاڻ گڏيل مئي پيئڻ لاءِ ڏني. پر جڏهن هن اها چکي تڏهن پيئڻ کان انڪار ڪيائين. 35#زب 22:18 پوءِ هنن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا. ان کان پوءِ هنن پُکا وجھي سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا 36۽ اتي ويهي مٿس پهرو ڏيندا رهيا. 37انهن صليب تي هن جي مٿان هڪڙي تختي پڻ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيائون تہ ”هي عيسيٰ آهي، يهودين جو بادشاهہ.“ 38هنن عيسيٰ سان گڏ انهن ٻن ڌاڙيلن کي بہ صليب تي چاڙهيو، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.
39 #
زب 22:7، 109:25 جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي عيسيٰ کي ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ 40#مت 26:61، يو 2:19 ”تون تہ ٽن ڏينهن ۾ هيڪل پيو ڊاهين ۽ ٺاهين، هاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ صليب تان هيٺ لهي تہ ڏيکار.“ 41ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس بہ هن تي ٺٺوليون ڪندي چوڻ لڳا تہ 42”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا اهو آهي بني اسرائيل جو بادشاهہ؟ هاڻي صليب تان لهي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون. 43#زب 22:8 هو خدا تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ خدا هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان.‘“ 44جيڪي ڌاڙيل هن سان گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، سي بہ ساڳيءَ طرح کيس گھٽ وڌ ڳالهائين پيا.
عيسيٰ مسيح جي وفات
(مرقس 15:33-41، لوقا 23:44-49، يوحنا 19:28-30)
45منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي. 46#زب 22:1 ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ #27:46 ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ هي خدا کي سڏڻ جا لفظ ”ايلي! ايلي!“ عبراني ۽ ”لما شبقتني“ ارامي ٻوليءَ مان ورتل آهن.”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“ 47جيڪي ماڻهو اتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”هي الياس نبيءَ کي سڏي رهيو آهي.“ 48#زب 69:21 انهن مان هڪڙو ماڻهو جلدي ڀڳو ۽ فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين. 49پر ٻين کيس چيو تہ ”ترس، ڏسون تہ الياس هن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
50تڏهن عيسيٰ وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.
51 #
خر 26:31-33
انهيءَ دم هيڪل جو مقدس ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي، ڏونگر ڏري پيا 52۽ قبرون ڦاٽي پيون. پوءِ ڪيترائي خداپرست ماڻهو جيڪي مري ويا هئا، سي جيئرا ٿي 53قبرن مان ٻاهر نڪري عيسيٰ جي ٻيهر جيئري ٿيڻ کان پوءِ پاڪ شهر يروشلم ۾ اچي داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کين ڏٺو.
54فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو خدا جو فرزند هو.“ 55#لو 8:2-3 اتي ڪيتريون ئي عورتون بہ هيون، جيڪي گليل علائقي کان عيسيٰ جي خدمت ڪنديون ساڻس گڏجي آيون هيون، سي پڻ پري کان ڏسي رهيون هيون. 56انهن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ زبديءَ جي زال جيڪا يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ هئي سي پڻ شامل هيون.
عيسيٰ مسيح جو ڪفن دفن
(مرقس 15:42-47، لوقا 23:50-56، يوحنا 19:38-42)
57جڏهن شام ٿي تہ يوسف نالي عيسيٰ جو هڪ شاگرد اچي پهتو، جيڪو ارمٿيا جو رهاڪو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو. 58هن گورنر پلاطس جي درٻار ۾ وڃي کانئس عيسيٰ جو لاش گھريو. پلاطس حڪم ڏنو تہ ”عيسيٰ جو لاش کيس ڏنو وڃي.“ 59پوءِ يوسف لاش ورتو ۽ انهيءَ کي هڪڙي اُچي صاف سٿري ڪفن ۾ ويڙهي 60کڻي وڃي اُن غار نموني قبر ۾ رکيائين، جيڪا هن ٽڪر ۾ پنهنجي لاءِ تازو کوٽائي هئي. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي قبر جي منهن تي ڏنائين ۽ پاڻ هليو ويو. 61مريم مگدليني ۽ اها ٻي مريم اچي قبر جي سامهون ويهي رهيون.
قبر تي پهرو
62 # 27:62 تياريءَ جي ڏينهن هن مان مراد سبت يا ڪنهن عيد جي ڏينهن کان اڳ وارو ڏينهن آهي. ان ڏينهن يهودي کاڌو وغيرہ تيار ڪندا هئا، ڇو تہ ٻئي ڏينهن سبت يعني آرام جو يا وڏو ڏينهن هوندو هو. انهيءَ دور ۾ ٻئي ڏينهن جي شروعات سج لهڻ کان ئي ٿيندي هئي. تياريءَ جي ڏينهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ ويا 63#مت 16:21، 17:23، 20:19، مر 8:31، 9:31، 10:33-34، لو 9:22، 18:31-33 ۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘ 64تنهنڪري اوهين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينهن تائين قبر تي پهرو ڏنو وڃي، متان هن جا شاگرد سندس لاش چورائي وڃن ۽ پوءِ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو آهي. سو متان هيءَ پوئين ٺڳي پهرينءَ کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“ 65تنهن تي پلاطس انهن کي چيو تہ ”پوءِ پهريدار وٺي وڃو ۽ ايتري سخت چوڪسي ڪريو جيتري ڪري سگھو.“ 66پوءِ هو پهريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ قبر جي منهن تي ڏنل پٿر تي مُهر هڻي اتي پهرو بيهاريائون.