YouVersion Logo
Search Icon

مرقس ‮تعارف‬

تعارف
مرقس عيسيٰ مسيح جي پوئلڳن مان هڪ هو، جنهن جي معرفت مليل خوشخبريءَ جي مرقس نالي هن ٻئي مقدس ڪتاب ۾ عيسيٰ مسيح کي بااختيار ۽ عملي انسان جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. سندس تعليم، ڀوتن مٿان سندس قدرت ۽ گناهن جي معافي ڏيڻ مان سندس اختيار ظاهر ٿئي ٿو. عيسيٰ مسيح پاڻ کي ”ابنِ آدم“ چوي ٿو، جيڪو انهيءَ لاءِ آيو تہ ماڻهن کي سندن گناهن کان ڇوٽڪارو ڏئي.
مرقس عيسيٰ مسيح جو احوال سڌيءَ طرح ۽ اثرائتي نموني ۾ پيش ڪري ٿو. هو عيسيٰ مسيح جي لفظن ۽ تعليم جي بنسبت سندس ڪمن کي نهايت زور ڏيندي بيان ڪري ٿو. هن مقدس ڪتاب جي شروعات ۾ حضرت يحيٰ جنهن کي بپتسما ڏيڻ وارو بہ سڏيو وڃي ٿو، تنهن جي ذڪر سان گڏ عيسيٰ مسيح جي بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش جي باري ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو. عيسيٰ مسيح جي آزمائش کان هڪدم پوءِ سندس شفا ڏيڻ ۽ تعليم ڏيڻ واري خدمت کي بيان ڪيو وڃي ٿو. هن مقدس ڪتاب ۾ اهو بہ بيان ڪيو وڃي ٿو تہ جيئن جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو تيئن تيئن عيسيٰ مسيح جا شاگرد کيس بهتر نموني سمجھندا وڃن ٿا، جڏهن تہ عيسيٰ مسيح جا مخالف سندس وڌيڪ مخالف ٿيندا وڃن ٿا. آخري بابن ۾ عيسيٰ مسيح جي صليبي موت کان اڳ واري آخري هفتي جي واقعن، سندس صليب تي چڙهڻ ۽ وري جيئرو ٿي اٿڻ کي بيان ڪيو ويو آهي.
سِٽاءُ
خوشخبريءَ جي مناديءَ جي تياري 1‏:1‏-13
گليل علائقي ۾ عيسيٰ مسيح جو خدمت وارو ڪم ۽ تبليغ ڪرڻ 1‏:14‏–9‏:50
گليل کان يروشلم شهر ڏانهن سفر 10‏:1‏-52
عيسيٰ مسيح جو صليبي موت ۽ ان کان اڳ وارو آخري هفتو 11‏:1‏–15‏:47
عيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ 16‏:1‏-8
جيئري ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ مسيح جو ڏيکاري ڏيڻ ۽ آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ 16‏:9‏-20

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in