18
وڏو ڪير؟
(مرقس 9:33-37، لوقا 9:46-48)
1 #
لو 22:24
انهيءَ مهل شاگردن عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“ 2تنهن تي عيسيٰ هڪ ٻار کي سڏي انهن جي سامهون بيهاري 3#مر 10:15، لو 18:17 چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان جي بادشاهيءَ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا. 4ڏسو، آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀ کان وڏو اُهو آهي جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر نماڻو ۽ نهٺو ٿو ڪري 5۽ جيڪو بہ اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ٿو ڪري.“
گمراهہ ڪرڻ واري لاءِ سزا
(مرقس 9:42-48، لوقا 17:1-2)
6عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي ايمان آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو گمراهہ ڪندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي. 7حيف آهي هن دنيا تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي گمراهہ ٿيون ڪن. ماڻهو گمراهہ تہ ضرور ٿيندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو گمراهہ ٿئي ٿو.
8 #
مت 5:30
جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا پير تو کي گمراهہ ڪري تہ اهو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻنهي هٿن يا پيرن سان ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو ٿي دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين. 9#مت 5:29 جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اُها ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻن اکين سان دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين.“
وڃايل رڍ جو مثال
(لوقا 15:3-7)
10-11 #
لو 19:10
”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.#18:10-11 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”ابنِ آدم تہ گمراهن کي بچائڻ لاءِ آيو آهي“ (ڏسو لوقا 19:10).
12ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪ وڃائجي وڃيس تہ ان جي لاءِ هو ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا هو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن هڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟ 13پوءِ جڏهن هو اها رڍ لهي ٿو تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اُهي نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آهن تن کان وڌيڪ هو انهيءَ هڪ لاءِ خوشي ڪندو. 14ساڳيءَ طرح اوهان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاهي تہ هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪو هڪڙو بہ گمراهہ ٿي وڃي.“
ڏوهہ ڪندڙ همايمان ڀاءُ ڀيڻ بابت هدايت
15 #
لو 17:3
”جيڪڏهن اوهان جو ڪو همايمان ڀاءُ ڀيڻ اوهان جو ڪو ڏوهہ ٿو ڪري تہ هن کي اڪيلائيءَ ۾ وڃي سمجھايو. جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ مڃي تہ اوهان هڪ همايمان کي موٽائي آندو. 16#شر 19:15 پر جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ نہ مڃي تہ پوءِ جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’هڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي سامهون مٿس ثابت ٿئي.‘ 17جيڪڏهن هو انهن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ هن کي غير ايمان وارن ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جهڙو ڪري سمجھو.“
عيسيٰ مسيح جو شاگردن کي اختياري ڏيڻ
18 #
مت 16:19، يو 20:23 ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي منع ڪندا، تنهن جي عرش عظيم کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي اجازت ڏيندا، تنهن جي عرش عظيم کان بہ اجازت ڏني ويندي. 19سو آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جڏهن اوهان مان ڪي ٻہ ڄڻا بہ هڪ راءِ ٿي هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ڳالهہ لاءِ دعا گھرندا تہ منهنجو آسمان وارو پيءُ اوهان لاءِ اها ضرور پوري ڪندو، 20ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“
بڇڙي نوڪر جو مثال
21 #
لو 17:3-4
تڏهن پطرس عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن منهنجو ڪو همايمان منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“ 22#پيد 4:24 عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ بخشي ڇڏڻ لاءِ رڳو ست دفعا نہ ٿو چوان، بلڪ ستر دفعا ست ست. 23ڏسو، آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي بادشاهہ پنهنجي نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 24جڏهن هو حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس هڪ اهڙو نوڪر آندو ويو جنهن ڏانهن هن جا ڪروڙين #18:24 چانديءَ جا سڪا انهن ڏينهن ۾ چانديءَ جو هڪ عام سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20:2).چانديءَ جا سڪا قرض هئا. 25پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘ 26تنهن تي نوڪر پنهنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ’مون کي مهلت ڏيو. آءٌ اوهان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘ 27هن جي مالڪ کي مٿس رحم اچي ويو سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين.
28پوءِ جڏهن اهو نوڪر ٻاهر نڪتو تہ پنهنجو هڪ ساٿي نوڪر مليس جنهن ڏانهن هن جا هڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض هئا. هن انهيءَ کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيس تہ ’مون کي منهنجو قرض واپس ڏي.‘ 29هن جو ساٿي پيرن تي ڪري کيس ليلائي چوڻ لڳو تہ ’مون کي مهلت ڏي، آءٌ تو کي قرض واپس ڪندس.‘ 30پر هن سندس هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين هو قرض ادا نہ ڪري. 31جڏهن انهيءَ جي ساٿي نوڪرن هي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سمورو احوال پنهنجي مالڪ کي ٻڌايائون. 32تنهن تي مالڪ انهيءَ نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنهنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي منٿون ڪيون هيون. 33ڇا تو کي بہ اهڙيءَ طرح پنهنجي ساٿي نوڪر تي رحم ڪرڻ نہ کپندو هو جيئن مون تو تي ڪيو؟‘ 34سو مالڪ مٿس ڏاڍو ڏمريو ۽ کيس جلادن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيستائين هو سمورو قرض واپس نہ ڪري.“ 35پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“