17
عيسيٰ مسيح جو نوراني صورت ۾ ظاهر ٿيڻ
(مرقس 9:2-13، لوقا 9:28-36)
1 #
2.پط 1:17-18
ڇهن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو. 2اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي. 3تڏهن ڇا ڏسن تہ عيسيٰ سان موسيٰ ۽ الياس نبي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. 4تنهن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! اها اسان جي خوشنصيبي آهي جو اسين هتي آهيون. جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ هتي ٽي تنبو کوڙيان، هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ الياس لاءِ.“ 5#پيد 22:2، شر 18:15، زب 2:7، يس 42:1، مت 3:17، 12:18، مر 1:11، لو 3:22 اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 6اهو آواز ٻڌي شاگرد ايترو تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منهن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون. 7تڏهن عيسيٰ وٽن اچي کين هٿ لائي چيو تہ ”اُٿو، ڊڄو نہ.“ 8جڏهن هنن اکيون کڻي نهاريو تہ عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪنهن کي بہ نہ ڏٺائون.
9پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ لٿا پئي تہ عيسيٰ کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين ابنِ آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“ 10#ملا 4:5 تڏهن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آهي؟“ 11هن وراڻيو تہ ”برابر، الياس پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. 12#مت 11:14 پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو جڏهن تہ ماڻهن هن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهن جي هٿان تڪليفون سهندو.“ 13تڏهن ئي شاگردن سمجھيو تہ هو ساڻن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالهائي رهيو هو.
مرگھيءَ واري ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ
(مرقس 9:14-29، لوقا 9:37-43)
14جڏهن عيسيٰ پنهنجي ٽنهي شاگردن سان گڏ ٻين شاگردن ۽ خلق ڏانهن موٽيو تہ هڪڙو ماڻهو وٽس اچي گوڏا کوڙي 15چوڻ لڳس تہ ”سائين! منهنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هن کي مرگھيءَ جو اهڙو ڏکوئيندڙ مرض آهي جو اڪثر ڪري باهہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري. 16آءٌ کيس اوهان جي شاگردن وٽ وٺي آيو هئس، پر اُهي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“ 17تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراهہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان وٽ هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ آندو وڃي.“ 18پوءِ عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو.
19پوءِ نويڪلائيءَ ۾ شاگردن عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“ 20-21#مت 21:21، مر 11:23، 1.ڪر 13:2 عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين اهو ڀوت انهيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوهان ۾ ايترو ايمان ڪونہ هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان ۾ سرنهن جي داڻي جيترو بہ ايمان هوندو تہ اوهين هن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’هتان هلي هُتي وڃ‘ تہ هو ويندو. اوهان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻٿيڻي نہ آهي.“#17:20-21 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”پر دعا ۽ روزن کان سواءِ اهڙن ڀوتن کي ڪڍي نہ سگھبو آهي“ (ڏسو مرقس 9:29).
عيسيٰ مسيح جو پنهنجي موت بابت ٻيو دفعو ٻڌائڻ
(مرقس 9:30-32، لوقا 9:43-45)
22پوءِ جڏهن سڀيئي شاگرد گليل علائقي ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انهن کي ٻڌايو تہ ”ابنِ آدم جلد ئي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو. 23اهي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ تنهن تي شاگرد ڏاڍا غمگين ٿي پيا.
هيڪل جي ٽيڪس جي ادائگي
24 #
خر 30:13، 38:26 جڏهن عيسيٰ ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم ۾ اچي پهتا تہ #17:24 هيڪل جو ٽيڪس اُڳاڙڻ وارا هي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ رومي شهنشاهہ جي طرفان ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کان مختلف هئا. جڏهن تہ رومي شهنشاهہ جي طرفان ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي بريءَ نظر سان ڏٺو ويندو هو.هيڪل جو ٽيڪس اُڳاڙڻ وارا پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنهنجو استاد هيڪل جو ٽيڪس نہ ڏيندو آهي؟“ 25تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا بادشاهہ ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“ 26تنهن تي پطرس جواب ڏنو تہ #17:26 ”ڌارين کان“ انهيءَ دور ۾ بادشاهہ اڪثر ڪري پنهنجن رهاڪن کان نہ پر انهن کان ٽيڪس اُڳاڙيندا هئا، جن جي علائقن تي انهن جو قبضو هوندو هو.”ڌارين کان.“ عيسيٰ چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رهاڪو ٽيڪس ڏيڻ کان آجا آهن. 27پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“