YouVersion Logo
Search Icon

متي 16

16
آسماني نشانيءَ جي گھُر
(مرقس 8‏:11‏-13، لوقا 12‏:54‏-56)
1 # مت 12‏:38، لو 11‏:16 عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“ 2پر عيسيٰ انهن کي ورندي ڏني تہ ”جڏهن سج لهڻ مهل آسمان ڳاڙهو ٿو ٿئي تہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏاڍي صاف موسم ٿيندي،‘ 3۽ جڏهن صبح جو آسمان ڳاڙهو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينهن پوندو.‘ اوهان کي آسمان جي نشانين جي تہ خبر پوي ٿي پر هلندڙ وقت جي نشانين جي خبر نہ ٿي پئيوَ. 4#مت 12‏:39، لو 11‏:29 هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ گمراهہ آهن جو مون کان خدائي نشاني ٿا گھرن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.
فريسين ۽ صدوقين جو خمير
(مرقس 8‏:14‏-21)
5گليل ڍنڍ جي هُن ڀر وڃڻ وقت عيسيٰ جي شاگردن کان ماني کڻڻ وسري ويئي هئي. 6#لو 12‏:1 هاڻي جڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ٿجو،“ 7تڏهن هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسين ماني ڪونہ کڻي آيا آهيون.“ 8عيسيٰ سندن ڳالهہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوهان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي. ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونهي‘؟ 9#مت 14‏:17‏-21 اڃا تائين اوهين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوهان کي ياد نہ آهي تہ اوهان پنج مانيون پنج هزار ماڻهن ۾ ورهايون هيون؟ ان وقت اوهان بچيل ڳڀن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟ 10#مت 15‏:34‏-38 يا وري ست مانيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائڻ ياد نہ اٿوَ؟ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟ 11اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ مون اوهان کي مانيءَ بابت نہ چيو آهي؟ بلڪ ائين چيو اٿم تہ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ڪجو.“ 12تڏهن شاگردن سمجھيو تہ هو مانيءَ ۾ ڪم ايندڙ خمير کان خبردار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان هوشيار رهڻ لاءِ پيو چوي.
پطرس جو عيسيٰ مسيح بابت اظهار
(مرقس 8‏:27‏-30، لوقا 9‏:18‏-21)
13جڏهن عيسيٰ قيصريہ فلپي شهر واري علائقي ۾ پهتو تڏهن پنهنجي شاگردن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو ابنِ آدم بابت ڇا ٿا چون تہ هو ڪير آهي؟“ 14#مت 14‏:1‏-2، مر 6‏:14‏-15، لو 9‏:7‏-8 انهن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ نبي يا ٻين نبين مان ڪوبہ هڪ آهيو.“ 15عيسيٰ پڇين تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ 16#يو 6‏:68‏-69 تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، زندہ خدا جا فرزند.“ 17عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي. 18آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون #16‏:18 ٽڪر اصلي مسودي ۾ يوناني لفظ ”پطرس“ لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ٽڪر.“ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي. 19#مت 18‏:18، يو 20‏:23 آءٌ آسمان جي بادشاهيءَ جون چاٻيون تنهنجي حوالي ڪندس. سو جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي منع ڪندين، تنهن جي عرش عظيم کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي اجازت ڏيندين، تنهن جي عرش عظيم کان بہ اجازت ڏني ويندي.“ 20پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آهيان.“
عيسيٰ مسيح جو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
(مرقس 8‏:31‏–9‏:1، لوقا 9‏:22‏-27)
21انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“ 22پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهيءَ تي جھڻڪ ڏيندي چيائينس تہ ”اي خداوند! شل اوهين سلامت رهو ۽ اوهان سان ائين نہ ٿئي.“ 23عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“
24 # مت 10‏:38، لو 14‏:27 پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي. 25#مت 10‏:39، لو 17‏:33، يو 12‏:25 ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي جان بچايان،‘ سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندو تنهن کي اها ملندي. 26ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي. 27#مت 25‏:31، زب 62‏:12، رو 2‏:6 ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو. 28آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو ابنِ آدم کي بادشاهہ جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“

Currently Selected:

متي 16: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in