YouVersion Logo
Search Icon

متي 15

15
وڏن جون ريتون رسمون
(مرقس 7‏:1‏-13)
1تنهن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ 2”تنهنجا شاگرد وڏن جي مذهبي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ ماني کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“ 3پر عيسيٰ کين وراڻي ڏيندي چيو تہ ”ڀلا اوهين ڇو پنهنجي انهن ريتن رسمن جي ڪري خدا جو حڪم ڀڃو ٿا؟ 4#خر 20‏:12، 21‏:17، شر 5‏:16، لاو 20‏:9 جيئن تہ خدا فرمايو آهي تہ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪو بہ پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي،‘ 5پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هو چوي ٿو تہ ”اها خدا جي نذر ٿي چڪي آهي،“ 6تہ پوءِ ڀلي پنهنجي پيءُ جي عزت نہ ڪري.‘ اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن جي ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪريو ٿا. 7اي رياڪارؤ! بيشڪ يسعياہ نبيءَ جي معرفت خدا اوهان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح فرمايو آهي تہ
8 # يس 29‏:13 ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي عزت ڏين ٿا،
پر دل سان نہ ٿا چاهين.
9هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن،
ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين
ڄڻ تہ اهي مون خدا جا حڪم آهن.‘“
انسان کي پليت ڪرڻ واريون شيون
(مرقس 7‏:14‏-23)
10پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو 11تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي پليت ڪري ٿي.“
12تڏهن شاگردن اچي چيس تہ ”استاد! ڇا اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي هيءَ ڳالهہ فريسين کي ڏاڍي بري لڳي آهي؟“ 13تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو. 14#لو 6‏:39 سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“ 15تنهن تي پطرس کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ پليت ڪرڻ واري مثال جي معنيٰ ڇا آهي.“ 16عيسيٰ چيو تہ ”اوهين بہ اڃا تائين بي‌سمجھہ آهيو ڇا؟ 17ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي پوي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاهر نڪري وڃي ٿو. 18#مت 12‏:34 پر جيڪي ڳالهيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اهي ئي ڳالهيون انسان کي پليت ڪن ٿيون. 19هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري. 20اهي ئي تہ ڳالهيون آهن جيڪي انسان کي پليت ڪن ٿيون. پر اڻ‌ڌوتل هٿن سان کائڻ ماڻهوءَ کي پليت نہ ٿو ڪري.“
هڪ غير يهودي عورت جو ايمان
(مرقس 7‏:24‏-30)
21پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شهرن جي علائقي ڏانهن ويو. 22اتان جي هڪ ڪنعاني عورت عيسيٰ جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سائين! اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“ 23پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. تڏهن سندس شاگردن ويجھو اچي منٿ ڪندي چيس تہ ”استاد! هن کي روانو ڪريو جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“ 24تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيل رڍن لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.“ 25تنهن هوندي بہ هوءَ اچي پهتي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري کيس چيائين تہ ”اي سائين! منهنجي مدد ڪريو.“ 26عيسيٰ چيس تہ ”اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ 27پر عورت وراڻيس تہ ”سائين! اهو تہ برابر آهي، پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي دسترخوان جا ڪريل ٽڪر کائيندا آهن.“ 28تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! تون تہ وڏو ايمان رکين ٿي. تون جيڪو گھرين ٿي سو ئي تو لاءِ ٿئي.“ انهيءَ وقت ئي سندس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.
گھڻن ماڻهن کي شفا ڏيڻ
29 عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ويجھو پهتو ۽ ان جي ڪناري سان هلڻ لڳو. پوءِ هو هڪڙي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ اتي ويهي رهيو. 30ماڻهن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترائي بيمار آندا. انهن کي عيسيٰ جي پيرن وٽ ويهاريائون ۽ هن کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. 31ماڻهن جڏهن ڏٺو تہ گونگا ڳالهائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آهن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا، تڏهن هو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.
چار هزار کان مٿي ماڻهن کي کارائڻ
(مرقس 8‏:1‏-10)
32 عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“ 33تنهن تي شاگردن چيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي هيڏي سڄي خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني اسين ڪٿان آڻينداسين؟“ 34عيسيٰ پڇين تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست مانيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون آهن.“ 35تنهن تي عيسيٰ ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ 36پوءِ هن ست ئي مانيون ۽ مڇيون هٿن تي کڻي انهن ۾ خدا کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا. 37انهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀريون. 38جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل چار هزار هو.
39پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مگدن جي علائقي ڏانهن هليو ويو.

Currently Selected:

متي 15: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in