YouVersion Logo
Search Icon

متي 19

19
طلاق خلاف چتاءُ
(مرقس 10‏:1‏-12)
1جڏهن عيسيٰ اهي سمجھاڻيون ڏيئي چڪو تہ هو گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ علائقي جي انهيءَ حصي ۾ آيو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف هو. 2هن جي پٺيان ماڻهن جا جيڪي وڏا ميڙ پئي آيا تن مان بيمارن کي هن اتي ئي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيو.
3اتي ڪي فريسي عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجي زال کي ڪنهن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ 4#پيد 1‏:27، 5‏:2 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوهان پاڪ ڪلام نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ خالق انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو 5#پيد 2‏:24 ۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.‘ 6هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي خدا ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“ 7#شر 24‏:1‏-4، مت 5‏:31 تڏهن انهن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ شريعت ۾ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنهنجي زال کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“ 8عيسيٰ وراڻيو تہ ”موسيٰ اوهان جي سخت‌دليءَ ڪري اوهان کي اجازت ڏني تہ اوهين پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن تہ شروعات ۾ ائين نہ هو. 9#مت 5‏:32، 1.ڪر 7‏:10‏-11 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“
10تنهن تي سندس شاگردن کيس چيو تہ ”جيڪڏهن زال مڙس جو اهو حال آهي تہ پوءِ پرڻجڻ ئي چڱو نہ آهي.“ 11عيسيٰ وراڻيو تہ ”سڀ ماڻهو اها ڳالهہ قبول ڪري نہ سگھندا. رڳو اهي قبول ڪندا جن کي خدا کان اهڙي طاقت مليل هوندي، 12ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آسمان جي بادشاهيءَ جي لاءِ پنهنجي نفس کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“
ننڍڙن ٻارن جي اهميت
(مرقس 10‏:13‏-16، لوقا 18‏:15‏-17)
13پوءِ ڪي ماڻهو عيسيٰ وٽ پنهنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن عيسيٰ پنهنجا هٿ انهن تي رکي کين دعا ڪري، پر شاگردن انهن ماڻهن کي ڇينڀيو. 14عيسيٰ چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.“ 15عيسيٰ انهن تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ پوءِ اتان روانو ٿي ويو.
خدا جي بادشاهي ۽ شاهوڪار ماڻهو
(مرقس 10‏:17‏-31، لوقا 18‏:18‏-30)
16هڪ دفعي هڪ ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي استاد! آءٌ ڪهڙو چڱو ڪم ڪريان جو دائمي زندگي ملي؟“ 17عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آهي. جيڪڏهن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“ 18#خر 20‏:13‏-16، شر 5‏:17‏-20 هن پڇيس تہ ”ڪهڙا حڪم؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ 19#خر 20‏:12، شر 5‏:16، لاو 19‏:18 ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“ 20تنهن تي جوان مرد جواب ڏنو تہ ”انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ عمل ڪندو آيو آهيان. باقي ٻيا ڪهڙا ڪم رهيل آهن؟“ 21عيسيٰ هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر، تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 22جوان مرد جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ غمگين ٿي پيو ۽ هليو ويو، ڇاڪاڻ تہ هو هڪ وڏو شاهوڪار ماڻهو هو.
23تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 24آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ 25جڏهن شاگردن اهو ٻڌو تہ ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 26عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“
27تنهن تي پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون. سو اسان کي ڇا ملندو؟“ 28#مت 25‏:31، لو 22‏:30 عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايندڙ نئين زماني ۾ نئين سر بحاليءَ وقت جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان تخت تي ويهندو، تہ منهنجي پٺيان هلندڙ اوهين ٻارهن ئي ڄڻا ٻارهن تختن تي ويهندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندا. 29جيڪو بہ پنهنجا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ پيءُ، ٻار يا ٻنيون منهنجي ڪري ڇڏيندو تہ ان کي اُهي سؤڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس. 30#مت 20‏:16، لو 13‏:30 پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“

Currently Selected:

متي 19: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in