46
يعقوب ۽ سندس ڪٽنب جو مصر ڏانهن وڃڻ
1پوءِ يعقوب پنهنجو سڀ ڪجھہ کڻي اُٿي روانو ٿيو. جڏهن هو بيرسبع ۾ آيو تڏهن پنهنجي پيءُ اسحاق جي خدا لاءِ قربانيون پيش ڪيائين. 2تڏهن خدا يعقوب سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو. هن کيس چيو تہ ”يعقوب! اي يعقوب!“ هن جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“ 3تڏهن هن چيس تہ ”آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا. تون مصر وڃڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇو تہ آءٌ اتي تو منجھان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. 4آءٌ تو سان گڏ مصر هلندس ۽ آءٌ ئي وري تو کي موٽائي آڻيندس ۽ يوسف پنهنجي هٿن سان تنهنجيون اکيون بند ڪندو.“
5پوءِ يعقوب بيرسبع مان روانو ٿيو. سو يعقوب جي پٽن پنهنجي پيءُ، پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجين زالن کي انهن گاڏين ۾ چاڙهيو جيڪي فرعون يعقوب کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليون هيون. 6#رس 7:15 هنن پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو سمورو سامان جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائون، سو سڀ کڻي مصر ۾ آيا. يعقوب سان پنهنجو سمورو اولاد گڏ هو. 7هو پنهنجي ڌيءَ، پٽن، پوٽن ۽ پوٽين، مطلب تہ پنهنجي سڄي اولاد کي پاڻ سان گڏ مصر ۾ وٺي آيو.
يعقوب جو اولاد
8 اسرائيل يعني يعقوب جا پٽ جيڪي ساڻس گڏ مصر ۾ آيا، تن جا نالا هي آهن. سندس وڏو پٽ روبن هو 9جنهن جا پٽ هي هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي. 10سندس ٻيو پٽ شمعون هو جنهن جا پٽ هي هئا: يموايل، يمين، اُهد، يڪين، صُحر ۽ شاؤل جيڪو هڪڙي ڪنعاني عورت مان پيدا ٿيو هئس. 11سندس ٽيون پٽ لاوي هو جنهن جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري. 12سندس چوٿون پٽ يهوداہ هو جنهن جا پٽ هي هئا: شيلاہ، فارص ۽ زارح. پر يهوداہ جا ٻہ ٻيا پٽ عير ۽ اونان اڳ ۾ ئي ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا. فارص جا پٽ حصرون ۽ حمول هئا. 13سندس پنجون پٽ اِسڪار هو جنهن جا پٽ هي هئا: تولع، فووہ، يسوب ۽ شمرون. 14سندس ڇهون پٽ زبولون هو جنهن جا پٽ هي هئا: سرد، اَيلون ۽ يحليل. 15اهي سڀيئي لياہ جو اولاد آهن جيڪي کيس فدانارام ۾ سندس ڌيءَ ديناہ سوڌا يعقوب مان ڄاوا. اهي جملي ٽيٽيهہ ڄڻا هئا.
16يعقوب کي لياہ جي ٻانهيءَ مان ٻيا پٽ بہ هئا. سندس پهريون پٽ جد هو جنهن جا پٽ هي هئا: صفيان، حجي، سوني، اصبان، عيري، ارودي ۽ اريلي. 17سندس ٻيو پٽ آشر هو جنهن جا پٽ هي هئا: يمنہ، اِشواہ، اِشوي، بريعاہ ۽ سندن ڀيڻ سرہ. بريعاہ جا پٽ حبر ۽ ملڪيايل هئا. 18اهي سڀيئي زِلفاہ جو اولاد آهن، جيڪا لابن پنهنجي ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني هئي. اهي جملي سورهن ڄڻا هئا.
19 يعقوب کي سندس زال راخل مان يوسف ۽ بنيامين نالي پٽ هئا. 20#پيد 41:50-52 مصر جي ملڪ ۾ يوسف کي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات مان منسي ۽ افرائيم ڄاوا. 21بنيامين جو اولاد هي هو: بلع، بڪر، اشبيل، جيرا، نعمان، اخي، روش، مفيم، حُفيم ۽ آرد. 22اهي جملي چوڏهن ڄڻا راخل مان يعقوب جو اولاد هئا.
23يعقوب کي راخل جي ٻانهيءَ مان ٻيا پٽ بہ هئا. سندس پهريون پٽ دان هو جنهن جو پٽ حُشام هو. 24سندس ٻيو پٽ نفتالي هو جنهن جا پٽ هي هئا: يحصيايل، جُوني، يصر ۽ شليم. 25اهي پٽ بلهاہ مان آهن، جيڪا لابن پنهنجي ڌيءَ راخل کي ٻانهي ڪري ڏني هئي. اهي جملي ست ڄڻا هئا.
26 يعقوب جي نُنهُن کان سواءِ سندس پنهنجو اولاد جو ساڻس گڏ مصر ۾ آيو، سي جملي ڇاهٺ ڄڻا هئا. 27#رس 7:14 يوسف کي ٻہ پٽ مصر ۾ ڄاوا هئا. اهڙيءَ طرح يعقوب جي ڪٽنب جا سڀيئي ماڻهو جيڪي مصر ۾ آيا سي ستر ڄڻا هئا.
يعقوب ۽ سندس ڪٽنب جو مصر ۾ پهچڻ
28يعقوب پاڻ کان اڳي يهوداہ کي يوسف ڏانهن موڪليو تہ جشن جو رستو معلوم ڪري اچي. پوءِ جڏهن اهي جشن جي علائقي ۾ اچي پهتا، 29تڏهن يوسف بہ پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ جشن ڏانهن ويو. جڏهن يوسف کيس ڏٺو تہ ڀاڪر کڻي وڌائينس ۽ ڳچ دير تائين پئي رنو. 30تڏهن يعقوب يوسف کي چيو تہ ”مون تو کي جيئرو جاڳندو اچي ڏٺو آهي، سو هاڻي منهنجو موت اچي تہ ڀلي اچي.“
31پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي باقي خاندان کي چيو تہ ”آءٌ وڃي ٿو فرعون بادشاهہ کي ٻڌايان تہ ’منهنجا ڀائر ۽ منهنجي پيءُ جو خاندان، جيڪي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهندا هئا سي مون وٽ اچي ويا آهن. 32اهي ماڻهو ڌنار آهن ۽ مال چاريندا آهن. انهن پنهنجا ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽن هو سو آندو آهي.‘ 33جڏهن فرعون اوهان کي سڏائي ۽ پڇي تہ ’اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟‘ 34تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.