YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 45

45
يوسف جو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ
1 # رس 7‏:13 يوسف پنهنجي نوڪرن جي اڳيان پاڻ کي جھلي نہ سگھيو ۽ رڙ ڪري کين چيائين تہ ”سڀيئي ٻاهر هليا وڃو.“ سو جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو موجود ڪونہ هو. 2يوسف ايترو تہ زور سان رنو جو مصرين ٻڌي ورتو ۽ اها خبر وڃي مصر جي بادشاهہ جي محلات ۾ پهتي. 3يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”آءٌ يوسف آهيان. ڇا منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟“ پر سندس ڀائر ڪابہ ورندي ڏيئي نہ سگھيا، ڇوجو هو سندس اڳيان گھٻرائجي ويا.
4پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”ڀلائي ڪري منهنجي ويجھا اچو.“ جڏهن هو ويجھا آيس تڏهن چيائين تہ ”آءٌ اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان جنهن کي اوهان وڪڻي مصر ۾ پهچائي ڇڏيو. 5هاڻي فڪر نہ ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ پريشان ٿيو تہ اوهان مون کي هيڏانهن وڪيو. اصل ۾ خدا ئي مون کي اوهان کان اڳ ۾ اوهان جي جان بچائڻ لاءِ هتي موڪليو. 6هي ڏڪار جو اڃا ٻيو سال آهي، پر اڃا پنج سال ٻيا بہ اهڙا آهن جن ۾ نڪو هر هلندو، نڪو لابارو پوندو. 7تنهنڪري خدا مون کي اوهان کان اڳ ۾ موڪليو تہ جيئن هو اوهان کي هن عجيب وَ غريب نموني سان حياتي بخشي ۽ زمين تي اوهان لاءِ باقي بچيل نسل قائم رکي. 8سو اوهان نہ پر خدا مون کي هيڏانهن موڪليو. هن مون کي بادشاهہ جو هڪ اعليٰ عملدار بڻايو. هن مون کي بادشاهہ جي سڄي گھر جو مالڪ ۽ مصر جي سڄي ملڪ تي حاڪم ڪيو آهي.
9 # رس 7‏:14 هاڻي اوهين جلد منهنجي پيءُ ڏانهن وڃو ۽ کيس هي پيغام ڏيو تہ سندس پٽ يوسف چوي ٿو تہ ’خدا مون کي سڄي مصر جو مالڪ ڪيو آهي. سو بنا دير جي مون وٽ هليا اچو 10۽ جشن جي علائقي ۾ اچي رهو. پوءِ توهين، توهان جا پٽ پوٽا، توهان جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ بہ توهان وٽ آهي سو مون کي ويجھو ٿيندو. 11اتي آءٌ اوهان جي سنڀال پيو لهندس. جيئن تہ اڃا ڏڪار جا پنج سال ٻيا بہ آهن، سو متان توهين، توهان جو خاندان ۽ ٻيا جيڪي توهان وٽ آهن سي ڪنگال ٿي پئو.‘“
12يوسف پنهنجي ڀائرن کي وڌيڪ چيو تہ ”هاڻ اوهين ۽ منهنجو ڀاءُ بنيامين پنهنجين اکين سان ڏسو ٿا تہ آءٌ يوسف ئي اوهان سان ڳالهايان ٿو. 13مصر ۾ جيڪو منهنجو شان وَ شوڪت آهي ۽ ٻيو بہ جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ، سو سڀ منهنجي پيءُ کي بيان ڪري ٻڌائجو. هاڻ اوهين جلدي وڃو ۽ منهنجي پيءُ کي هتي وٺي اچو.“ 14پوءِ يوسف پنهنجي ڀاءُ بنيامين کي ڀاڪر پائي رنو ۽ بنيامين بہ کيس ڀاڪر پائي رنو. 15هو پنهنجي سڀني ڀائرن سا روئي مليو ۽ کين چميائين. تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.
16جڏهن اها خبر بادشاهہ جي محلات پهتي تہ يوسف جا ڀائر آيا آهن، تڏهن بادشاهہ ۽ سندس عملدار ڏاڍا خوش ٿيا. 17بادشاهہ يوسف کي چيو تہ ”تون پنهنجي ڀائرن کي چئُہ تہ هو پنهنجا وهٽ لڏي جلدي ڪنعان جي ملڪ ڏانهن موٽي وڃن. 18پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن گھر وارن کي هتي وٺي اچن. آءٌ انهن کي مصر جي ملڪ جون ڀلي ۾ ڀليون شيون ڏيندس ۽ اهي هن ملڪ ۾ مزي سان زندگي گذاريندا. 19تون هنن کي هي بہ چئُہ تہ هو پنهنجين زالن ۽ ٻارن لاءِ مصر جي ملڪ مان گاڏيون ڪاهي وڃن ۽ پنهنجي پيءُ کي بہ ساڻ وٺي موٽي اچن. 20اهي پنهنجي مال ملڪيت جو فڪر نہ ڪن، ڇو تہ مصر ملڪ جون سموريون ڀلي ۾ ڀليون شيون انهن جي لاءِ آهن.“
21سو يعقوب جي پٽن ائين ئي ڪيو. يوسف فرعون جي حڪم موجب کين گاڏيون ۽ رستي جي لاءِ سمر ڏنو. 22هن انهن مان هر هڪ کي هڪ هڪ ڪپڙن جو وڳو ڏنو، پر بنيامين کي #45‏:22 ٽي سؤ چانديءَ جا سڪا اٽڪل ساڍا ٽي ڪلوگرام چاندي.ٽي سؤ چانديءَ جا سڪا ۽ پنج وڳا ڏنائين. 23هن پنهنجي پيءُ ڏانهن مصر جي عمدين شين سان لڏيل ڏهہ گڏهہ ۽ سندس مسافريءَ لاءِ اناج، روٽ ۽ سيڌي سامان سان لڏيل ڏهہ گڏهيون موڪليون. 24پوءِ هن پنهنجي ڀائرن کي روانو ڪيو. رواني ٿيڻ وقت کين چيائين تہ ”ڏسو، متان رستي تي پاڻ ۾ وڙهو.“
25سو هو مصر مان روانا ٿيا ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ پهتا. 26هنن کيس ٻڌايو تہ ”يوسف اڃا جيئرو آهي ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي.“ اهو ٻڌي يعقوب وائڙو ٿي ويو ۽ کيس هنن جي ڳالهين تي يقين نہ آيو. 27پر جڏهن هنن اهي سڀ ڳالهيون جيڪي يوسف کين چيون هيون سي کيس ٻڌايون ۽ جڏهن هن اهي گاڏيون ڏٺيون جيڪي يوسف کيس وٺي اچڻ لاءِ موڪليون هيون، تڏهن سندن پيءُ يعقوب ۾ وري ساهہ پيو. 28يعقوب چيو تہ ”هاڻي مون کي خاطري ٿي تہ منهنجو پٽ يوسف اڃا جيئرو آهي. هاڻي آءٌ مرڻ کان اڳي ئي وڃي کيس ڏسندس.“

Currently Selected:

پيدائش 45: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in