YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 47

47
1سو يوسف پنهنجي ڀائرن مان پنجن ڄڻن کي ساڻ ڪري فرعون وٽ آيو ۽ اندر وڃي کيس ٻڌايائين تہ ”منهنجو پيءُ، منهنجا ڀائر، سندن ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ٻيو جيڪي وٽن آهي، تنهن سوڌا ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهن ۽ هاڻي هو جشن جي علائقي ۾ آهن.“ 2پوءِ هن پنهنجي ڀائرن کي وٺي آڻي فرعون جي اڳيان حاضر ڪيو. 3فرعون يوسف جي ڀائرن کان پڇيو تہ ”اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟“ هنن فرعون کي جواب ڏنو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ڌنار آهيون.“ 4هنن فرعون کي ائين بہ چيو تہ ”اسين هن ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ آيا آهيون، ڇو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ سخت ڏڪار آهي ۽ اُتي اسان يعني توهان جي ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي. تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو.“
5تڏهن فرعون يوسف کي چيو تہ ”تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجا ڀائر تو وٽ اچي ويا آهن. 6مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“
7پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي اندر وٺي آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريو. يعقوب فرعون لاءِ خير جي دعا گھري. 8فرعون يعقوب کان پڇيو تہ ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“ 9يعقوب فرعون کي جواب ڏنو تہ ”منهنجي زندگيءَ جي سفر جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ سال آهن. منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن. جيترا ڏينهن منهنجي ابن ڏاڏن زندگيءَ جي سفر ۾ گذاريا اوترا اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.“ 10پوءِ يعقوب موڪلائڻ وقت فرعون لاءِ خير جي دعا گھري وٽانئس ٻاهر نڪري آيو. 11يوسف پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ سڀ کان ڀلي زمين يعني رعمسيس شهر ۾ آباد ڪيو ۽ اها زمين سندن قبضي ۾ ڏنائين. 12يوسف پنهنجي پيءُ، پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي خاندان ۽ سندن ٻارن آهر کاڌ خوراڪ ڏيئي سندن پرورش ڪرڻ لڳو.
ڏڪار
13ڏڪار ايترو تہ سخت ٿي ويو جو سڄي ملڪ ۾ کائڻ لاءِ بہ ڪجھہ نہ بچيو. ڏڪار جي ڪري مصر ۽ ڪنعان ٻنهي ملڪن جا ڏاڍا برا حال اچي ٿيا. 14مصر ۽ ڪنعان ملڪ کي جيڪو اناج وڪيو ويو هو، تنهن جي سموري رقم گڏ ڪري يوسف فرعون جي محل ۾ آڻي جمع ڪئي. 15جڏهن مصر ۽ ڪنعان جي ماڻهن وٽان پئسو کٽي ويو، تڏهن سڀ مصري يوسف وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي کاڌو ڏيو. توهان جي هوندي اسين ڇو بک مرون؟ اسان وٽان پئسو کپي ويو آهي.“ 16تڏهن يوسف چين تہ ”جيڪڏهن اوهان وٽان پئسو کپي ويو آهي تہ پوءِ پنهنجو چوپايو مال ڪاهي اچو. آءٌ اوهان کي انهيءَ جي بدلي ۾ اناج ڏيندس.“ 17سو هو پنهنجو چوپايو مال يوسف وٽ ڪاهي آيا. هن کين سندن گھوڙن، گڏهن، ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي بدلي کاڌو ڏنو. اهو سڄو سال هو سندن سموري چوپائي مال جي عيوض انهن جي کاڌ خوراڪ جو پورائو ڪندو رهيو.
18جڏهن اهو سال پورو ٿيو تہ ٻئي سال هو وري وٽس آيا. هنن کيس چيو تہ ”اسين پنهنجي آقا کان اها ڳالهہ نہ ٿا لڪايون تہ اسان وٽان سمورو پئسو کپي ويو آهي ۽ اسان جو چوپايو مال بہ اوهان جو ٿي ويو آهي. هاڻ اسان وٽ اوهان لاءِ اسان جي سرن ۽ زمينن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ بچيو آهي. 19سو اوهان جي هوندي اسين ڇو مرون ۽ اسان جي زمين ڇو ناس ٿي وڃي. اسان کي ۽ اسان جي زمين کي کاڌي جي عيوض خريد ڪر. اسين فرعون جا غلام ٿينداسين ۽ اسان جي زمين جو مالڪ بہ اُهو ئي ٿيندو. اسان کي اناج ڏيو تہ مرڻ کان بچون ۽ ٻج ڏيو تہ جيئن اسان جي زمين ويران نہ ٿئي.“
20سو يوسف مصر جي سڄي زمين فرعون جي نالي تي خريد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مصرين مان هر ڪنهن پنهنجي زمين وڪڻي ڇڏي، ڇوجو ڏڪار کين ڏاڍو هلاڪ ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سڄي زمين بہ فرعون جي ٿي ويئي. 21باقي رهيا ماڻهو، تن کي هن مصر جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين غلام بڻائي ڇڏيو. 22پر مذهبي اڳواڻن جي زمين هن خريد نہ ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مذهبي اڳواڻن کي فرعون کان وظيفو ملندو هو ۽ هو انهيءَ تي گذران ڪندا هئا. سو انهن کي پنهنجي زمين وڪڻڻ جي ضرورت پيش نہ آئي. 23پوءِ يوسف ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اڄ مون اوهان کي ۽ اوهان جي زمينن کي فرعون جي نالي تي خريد ڪيو آهي. سو اوهين پنهنجي لاءِ هتان هي ٻج وٺو ۽ وڃي زمين ۾ پوکيو. 24جڏهن فصل کڻو تڏهن پنجون حصو فرعون کي ڏجو. باقي ٻيا چار حصا ٻنين جي ٻج لاءِ، اوهين پنهنجي لاءِ، پنهنجي گھراڻي لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن جي کاڌ خوراڪ لاءِ رکجو.“ 25هنن وراڻيو تہ ”توهان اسان جي جان بچائي آهي. اسان جي آقا جي اسان تي مهربانيءَ جي نظر رهي. اسين فرعون جا غلام رهنداسين.“ 26سو يوسف مصر جي ملڪ لاءِ اهو قانون ٺاهي ڇڏيو تہ فصل جو پنجون حصو فرعون بادشاهہ کي ملي. اهو قانون اڄ ڏينهن تائين هلندو ٿو اچي. رڳو مذهبي اڳواڻن جي زمين فرعون جي ڪانہ ٿي.
27بني اسرائيل مصر ملڪ جي جشن علائقي ۾ رهي پيا. اتي هنن ملڪيت ٺاهي ۽ وڌندا ويجھندا ويا. 28يعقوب مصر جي ملڪ ۾ سترهن سال جيئرو رهيو. سو يعقوب جي ڪل عمر هڪ سؤ ستيتاليهہ سال هئي. 29#پيد 49‏:29‏-32، 50‏:6 جڏهن يعقوب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏهن پنهنجي پٽ يوسف کي پاڻ وٽ گھرائي چيائين تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پنهنجو #47‏:29 هٿ منهنجي ران جي هيٺان رکي چئُہ انهيءَ دور ۾ اهڙيءَ طرح پڪو قسم کنيو ويندو هو.هٿ منهنجي ران جي هيٺان رکي چئُہ تہ تون مون سان مهرباني ۽ وفاداريءَ جو سلوڪ ڪندي مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪندين. 30پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن وڏن سان ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃي اتي دفن ڪجانءِ جتي هو دفن ٿيل آهن.“ يوسف جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ئي ڪندس.“ 31يعقوب چيس تہ ”مون سان قسم کڻ،“ تڏهن يوسف ساڻس قسم کنيو. پوءِ يعقوب پنهنجي کٽ جي سيرانديءَ تي مٿو جھڪائي سجدو ڪيو.

Currently Selected:

پيدائش 47: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in