9
پنجين آفت، چوپائي مال جو مرڻ
1 خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون فرعون وٽ وڃي کيس مون خداوند عبرانين جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن. 2جيڪڏهن تون وري انڪار ڪري هنن کي وڃڻ نہ ڏيندين ۽ اڃا بہ کين روڪيندين، 3تہ ياد رک، آءٌ تنهنجي چوپائي مال، جيڪو جھنگ ۾ آهي، يعني تنهنجا گھوڙا، گڏهہ، اٺ، ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون، تن ۾ اهڙو هٿ وجھندس جو منجھن سخت وبا پوندي. 4پر آءٌ بني اسرائيل جي مال کي مصرين جي مال کان ڌار ڪندس. بني اسرائيل جي مال مان ڪوبہ ڪونہ مرندو. 5آءٌ خداوند، ائين ڪرڻ لاءِ سڀاڻي جو ڏينهن مقرر ڪريان ٿو.‘“
6ٻئي ڏينهن خداوند ائين ئي ڪيو جيئن چيو هئائين. سو مصرين جو سمورو چوپايو مال مري ويو، پر بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو. 7فرعون جي پڇا ڪرڻ تي جڏهن کيس ٻڌايو ويو تہ ”بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو آهي،“ تڏهن سندس دل سخت ٿي ويئي ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.
ڇهين آفت، ڦرڙيون
8پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”اوهين ٻئي کُوري جي رک مان مُٺيون ڀري کڻو ۽ موسيٰ ان کي فرعون جي روبرو آسمان ڏانهن اڇلائي. 9اها رک سنهي مٽي ٿي مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ مصر جي سڄي ملڪ ۾ ماڻهن توڙي جانورن جي بدن تي ڦرڙيون ۽ ڦوڦينڊا ٿي نڪرندي.“
10 #
مڪا 16:2
سو هنن ٻنهي کُوري جي رک کنئي ۽ فرعون جي اڳيان وڃي بيٺا. موسيٰ اها آسمان ڏانهن اڇلائي تہ اها ماڻهن توڙي جانورن جي بدن تي ڦرڙيون ۽ ڦوڦينڊا بڻجي ويئي. 11جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ ٻين سڀني مصرين وانگر سندن بدن تي بہ ڦرڙيون نڪتيون هيون. 12پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي. سو هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن خداوند اڳي ئي موسيٰ کي فرمايو هو.
ستين آفت، ڳڙا
13پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀاڻي صبح جو سوير اُٿي فرعون جي اڳيان وڃي بيهہ ۽ کيس مون خداوند، عبرانين جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن. 14هن دفعي آءٌ نہ رڳو تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت تي، بلڪ تنهنجي مٿان بہ تمام گھڻيون مصيبتون موڪليندس، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ سڄي دنيا ۾ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 15جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيري تو کي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماري ڇڏيان ها تہ تون زمين تان بلڪل ميٽجي وڃي ها. 16#رو 9:17 پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي. 17تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجي قوم کان مٿي ٿو سمجھين ۽ کين وڃڻ نہ ٿو ڏين. 18سو سڀاڻي هن ئي مهل آءٌ اهڙا سخت ڳڙا وسائيندس، جن جهڙا مصر ۾، ملڪ جي بنياد پوڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا. 19تنهنڪري هاڻي ماڻهو موڪلي پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو سامان جيڪو کُليل ميدان ۾ هجيئي سو اندر ڪري وٺ، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ماڻهو يا جانور کُليل ميدان ۾ هوندو ۽ گھر جي اندر نہ آندو ويو هوندو تنهن تي ڳڙا اچي ڪڙڪندا ۽ اهي سڀ مري ويندا.‘“
20تڏهن فرعون جي رعيت مان جنهن کي بہ خدا جي چيل ڳالهين جو ڊپ هو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ چوپايو مال ڀڄائي گھر ۾ اندر آندو. 21پر جنهن خداوند جي ڳالهين تي ڌيان ڪونہ ڏنو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو چوپايو مال کُليل ميدان ۾ ئي ڇڏي ڏنو.
22پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن ڊگھير تہ سڄي مصر جي ملڪ تي ماڻهن، جانورن ۽ ٻنيءَ جي سموري ساوڪ جيڪا مصر ملڪ ۾ آهي، تنهن تي ڳڙا پون.“ 23سو موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن بلند ڪئي تہ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا. زمين تي وڄ ڪرڻ لڳي ۽ مصر جي ملڪ تي 24#مڪا 8:7، 16:21 سخت ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، جن سان گڏ وڄ جا ڀڙڪندڙ شعلا بہ هئا. ڳڙا اهڙا تہ بدترين هئا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا. 25مصر جي سڄي ملڪ ۾ جيڪي بہ کُليل ميدان ۾ هو، ماڻهو توڙي جانور تن سڀني کي ڳڙن ماري وڌو. ڳڙن جي ڪري ٻنين جي سڄي ساوڪ برباد ٿي ويئي ۽ سڀ وڻ ڀڄي پيا. 26پر جشن جو علائقو جنهن ۾ بني اسرائيل رهندا هئا، سو ئي اهڙي جاءِ هئي جتي ڳڙو ڪونہ پيو.
27تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گھرايو ۽ چيائين تہ ”هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي. خداوند حق تي آهي ۽ آءٌ ۽ منهنجي قوم قصوروار آهيون. 28اوهين خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان کي وڃڻ ڏيندس. هاڻي اوهان کي هتي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.“
29تڏهن موسيٰ چيس تہ ”آءٌ شهر کان ٻاهر نڪرڻ شرط دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس. گجگوڙ بند ٿي ويندا ۽ ڳڙا وڌيڪ نہ وسندا، انهيءَ لاءِ تہ ان مان تو کي خبر پوي تہ سڄي ڌرتي خداوند جي ئي آهي. 30باقي تنهنجي ۽ تنهنجي رعيت جي مون کي خبر آهي، تہ اڃا بہ اوهان کي خداوند خدا جو خوف ڪونہ آهي.“
31ڳڙن جي ڪري سڻيءَ ۽ جوَن جو فصل برباد ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ جوَن سنگ ڪيا هئا ۽ سڻيءَ گل ڪڍيا هئا. 32پر عام ڪڻڪ ۽ اعليٰ قسم جي ڪڻڪ جو فصل برباد ڪين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڃا سنگ ئي ڪين ڪيا هئا.
33پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين. تڏهن اوچتو گجگوڙ، ڳڙا ۽ مينهن سڀ بند ٿي ويا. 34جڏهن فرعون ڏٺو تہ مينهن، ڳڙا ۽ گجگوڙ بند ٿي ويا آهن، تڏهن هن پنهنجي رعيت سميت وري اڳي وانگر پنهنجي دل سخت ڪئي ۽ پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو. 35سو هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو، جيئن خداوند اڳي ئي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو.