YouVersion Logo
Search Icon

خروج 8

8
ٻي آفت، ڏيڏر
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”فرعون وٽ وڃ ۽ کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن. 2جيڪڏهن تون انهن کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ آءٌ تنهنجي سڄي ملڪ تي ڏيڏرن جي آفت آڻيندس. 3درياءَ ۾ ايترا تہ ڏيڏر پيدا ٿيندا جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گھر ۾، تنهنجي آرام‌گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي ۽ تنهنجي نوڪرن جي گھرن ۾ گھڙي ويندا. اُهي تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ بہ ڪاهي پوندا. 4اهي تو تي، تنهنجي ماڻهن تي ۽ تنهنجي نوڪرن تي بہ ڪاهي پوندا.‘“
5 خداوند موسيٰ کي هي بہ فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجو هٿ لٺ سوڌو ندين، نهرن ۽ حوضن تي ڊگھيري تہ ڏيڏر مصر جي ملڪ تي ڪاهي اچن.“ 6سو مصر ۾ جيترو بہ پاڻي هو، تنهن تي هارون پنهنجو هٿ ڊگھيريو تہ ڏيڏر ٻاهر نڪري آيا ۽ مصر جي سڄي زمين کي ڍڪي ڇڏيائون. 7جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو ۽ مصر جي ملڪ تي ڏيڏر ڪاهي آندائون. 8تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”خداوند کان دعا گھرو تہ هي ڏيڏر مون تان ۽ منهنجي رعيت تان دفع ڪري، تہ آءٌ اوهان جي ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند لاءِ قرباني ڪن.“
9 موسيٰ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ خوشيءَ سان تنهنجي لاءِ دعا گھرندس. هاڻي وقت مقرر ڪري ٻڌاءِ تہ ڪڏهن آءٌ تنهنجي، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجي رعيت جي لاءِ دعا گھران تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گھرن تان دفع ٿين ۽ رڳو درياءَ ۾ وڃي رهن.“ 10فرعون جواب ڏنس تہ ”مون لاءِ سڀاڻي دعا گھُر.“ تڏهن موسيٰ چيس تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ٿيندو، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 11اهي ڏيڏر تو وٽان، تنهنجي گھرن مان، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان پري هليا ويندا. اهي رڳو درياءَ ۾ وڃي رهندا.“ 12پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا. موسيٰ وڃي انهن ڏيڏرن کي هٽائڻ لاءِ خداوند کان دعا گھري، جيڪي خداوند فرعون تي موڪليا هئا. 13تڏهن خداوند ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ عرض ڪيو هئس. سو جيڪي ڏيڏر گھرن ۾، اڱڻن ۾ ۽ ٻنين ۾ هئا سي سڀ مري ويا. 14ماڻهن اُهي ميڙي کڻي ڍير ڪري ڇڏيا، تہ بہ زمين مان بدبوءِ ٿي آئي. 15هاڻي جڏهن فرعون ڏٺو تہ ڏيڏرن کان سندس جان ڇٽي ويئي آهي، تڏهن پنهنجيءَ دل کي وري سخت ڪيائين ۽ موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.
ٽين آفت، مَنهان مڇر
16پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجي لٺ ڊگھي ڪري زمين تي هڻي، تہ مصر جي سڄي زمين جي مٽي ڦري مَنهان مڇر ٿي پوي.“ 17هنن ائين ئي ڪيو. هارون پنهنجي لٺ هٿ ۾ کڻي زمين تي هنئي تہ مصر جي سڄي مٽي ڦري مَنهان مڇر ٿي پيئي. انهن مڇرن سان انسان ۽ جانور ڍڪجي ويا. 18سو انسانن ۽ جانورن تي مڇر ئي مڇر هئا. جادوگرن بہ ڪوشش ڪئي تہ هو پنهنجي جادوءَ سان مڇر پيدا ڪن، پر هو ائين ڪري نہ سگھيا. 19#لو 11‏:20 تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ ”هن ۾ خدا جو هٿ آهي.“ پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.
چوٿين آفت، مکيون
20پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀاڻي صبح جو سوير جڏهن فرعون درياءَ تي اچي تہ اڳ وٺي ساڻس ملجانءِ. کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن. 21آءٌ تو کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن تون منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ آءٌ تو تي، تنهنجي نوڪرن تي، تنهنجيءَ رعيت تي ۽ تنهنجي گھرن ۾ مکين جا ميڙ موڪليندس. پوءِ مصرين جا گھر ۽ جنهن زمين تي هو رهن ٿا، سا سموري مکين سان ڀرجي ويندي. 22پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي علائقي کي ڌار ڪندس، جتي منهنجي قوم ٿي رهي. اتي مکين جا ميڙ نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن تو کي خبر پوي تہ هن ملڪ جو مالڪ حقيقت ۾ آءٌ ئي آهيان. 23آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي قوم جي وچ ۾ تفاوت رکندس. اها نشاني سڀاڻي ظاهر ٿيندي.‘“ 24سو خداوند ائين ئي ڪيو. فرعون جي محل ۾، سندس نوڪرن جي گھرن ۾ ۽ مصر جي سڄي ملڪ ۾ مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا. انهن مکين جي ميڙن جي ڪري ملڪ جو خانو خراب ٿي ويو.
25تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”اوهين وڃي هن ئي ملڪ ۾ پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريو.“ 26پر موسيٰ وراڻيس تہ ”ائين ڪرڻ مناسب نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جانورن جي قرباني ڪنداسين، جنهن کان مصرين کي ڪراهت ٿي اچي. سو جيڪڏهن اسين مصرين جي اکين اڳيان جانورن جي قرباني ڪنداسين، جنهن کان هنن کي ڪراهت ٿي اچي، تہ پوءِ ڇا هو اسان کي سنگسار نہ ڪري ڇڏيندا؟ 27اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻو پوندو ۽ اتي جيئن خداوند اسان جي خدا حڪم ڏنو آهي، تيئن سندس لاءِ قرباني ڪنداسين.“ 28تڏهن فرعون چيو تہ ”آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريو. پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گھرجو.“
29 موسيٰ وراڻيس تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽان ٻاهر وڃان ٿو ۽ وڃي خداوند کان دعا گھران ٿو تہ سڀاڻي اهي مکيون تو وٽان، تنهنجي نوڪرن وٽان ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان هليون وڃن. پر ائين نہ ٿئي تہ تون وري اسان سان دغا ڪرين ۽ هنن ماڻهن کي خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ واسطي وڃڻ نہ ڏين.“ 30ان کان پوءِ موسيٰ فرعون وٽان هليو ويو ۽ وڃي خداوند کان دعا گھريائين. 31تڏهن خداوند ائين ئي ڪيو، جيئن موسيٰ عرض ڪيو هئس. هن فرعون وٽان، سندس نوڪرن وٽان ۽ سندس رعيت وٽان مکين جا ميڙ هٽائي ڇڏيا ۽ هڪڙي بہ مک ڪانہ رهي. 32پر فرعون هن ڀيري بہ پنهنجي دل سخت ڪئي ۽ وري بہ ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏنائين.

Currently Selected:

خروج 8: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in