7
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تو کي معلوم هئڻ گھرجي تہ مون تو کي فرعون جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ڪيو آهي ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون تنهنجو پيغمبر ٿيندو. 2جيڪو بہ حڪم آءٌ تو کي ڏيان ٿو سو تون هارون کي ٻڌائج. تنهنجو ڀاءُ هارون فرعون کي چوي تہ هو بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ ڏي. 3#رس 7:36 آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس. جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجا معجزا ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس، 4پر فرعون توهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو. تڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگھيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس. 5جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصرين جي خلاف ڊگھيريندس ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ 6پوءِ موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. 7سو جنهن وقت هنن فرعون وٽ وڃي ساڻس ڳالهايو، تنهن وقت موسيٰ جي عمر اسي سال ۽ هارون جي ٽياسي سال هئي.
8 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 9”جيڪڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ ’اوهين پنهنجي ثابتيءَ لاءِ ڪو معجزو ڏيکاريو،‘ تڏهن تون هارون کي چئج تہ هو پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اڇلائي، جيڪا نانگ ٿي پوندي.“ 10پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون جڏهن پنهنجي لٺ فرعون ۽ سندس درٻارين جي اڳيان اڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي. 11تڏهن فرعون بہ ڏاهن ۽ جادوگرن کي گھرايو. انهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو. 12انهن مان هر هڪ پنهنجي لٺ هيٺ اڇلائي تہ اهي نانگ ٿي پيون. پر هارون جي لٺ انهن جي لٺين کي ڳڙڪائي ويئي. 13پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي. سو جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو تيئن هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي.
پهرين آفت، پاڻيءَ جو رت بڻجڻ
14تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”فرعون جي دل سخت ٿي چڪي آهي سو هو منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ٿو ڏئي. 15هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃجانءِ. هو انهيءَ مهل درياءَ تي ويندو. سو تون ساڻس ملڻ لاءِ درياءَ جي ڪناري تي وڃي بيهجانءِ ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پيئي هئي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃجانءِ. 16پوءِ فرعون کي چئجانءِ تہ ’خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي ۽ چيو اٿائين تہ ”منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن. پر ڏس، تو اڃا تائين منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي. 17#مڪا 16:4 هاڻي آءٌ خداوند چوان ٿو تہ هينئر تو کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو ڏس، هيءَ لٺ جيڪا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو. 18درياءَ ۾ جيڪي بہ مڇيون آهن سي سڀ مري وينديون ۽ درياءَ ۾ اهڙي تہ بدبوءِ ٿي پوندي جو مصرين کي درياءَ جو پاڻي پيئڻ کان ڪراهت ايندي.‘“
19پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجي لٺ کڻي مصر جي سڀني ندين، نهرن، تلائن ۽ حوضن تي پنهنجو هٿ ڊگھيري تہ جيئن اهي رت ٿي پون. پوءِ مصر جي سڄي ملڪ ۾، ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ بہ رت ئي رت هوندو.“
20تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياءَ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پيو. 21درياءَ ۾ جيڪي مڇيون هيون سي سڀ مري ويون ۽ درياءَ بدبودار ٿي پيو. مصر جا ماڻهو درياءَ جو پاڻي پي نہ سگھيا ۽ مصر جي سڄي ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو. 22تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو. سو فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ جيئن خداوند اڳ ئي فرمايو هو تيئن هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي. 23پوءِ فرعون موٽي پنهنجي گھر هليو ويو ۽ انهيءَ ڳالهہ جو بہ سندس دل تي ڪو اثر نہ ٿيو. 24سڀني مصرين درياءَ جي آسپاس پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کڏون کوٽيون، ڇاڪاڻ تہ هو درياءَ جو پاڻي پي نہ ٿي سگھيا. 25درياءَ تي خداوند جي آفت آڻڻ کي ست ڏينهن گذري ويا.