6
خدا جو ڇڏائڻ لاءِ واعدو ڪرڻ
1تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هاڻي تون ڏسجانءِ تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان. آءٌ ساڻس زبردستي ڪندس، تڏهن هو منهنجي قوم کي وڃڻ ڏيندو ۽ زبردستيءَ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍي ڇڏيندو.“ 2#پيد 17:1، 28:3، 35:11، خر 3:13-15 خدا موسيٰ کي فرمايو تہ ”آءٌ خداوند حاضر آهيان. 3جڏهن مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادرِمطلق ڪري ڄاڻيندا هئا. مون پنهنجو نالو #6:3 ’خداوند‘ ڏسو خروج 3:14 ۽ وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ ’خداوند‘ مٿن ظاهر نہ ڪيو هو. 4مون انهن سان پنهنجو عهد ٻڌو هو تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو ڌارين وانگر رهندا هئا سو کين ڏيندس. 5هينئر جڏهن تہ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجيءَ غلاميءَ ۾ رکيو آهي، تڏهن مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي. 6تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس. 7آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم بڻائيندس ۽ اوهان جو خدا ٿيندس. جڏهن مون اوهان کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 8آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندس جنهن بابت مون قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيندس. آءٌ اوهان کي اهو ملڪ ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.‘“ 9پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي نااميديءَ ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.
10پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 11”تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي وڃي چئُہ تہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ ڏي.“ 12تنهن تي موسيٰ خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”جڏهن بني اسرائيل ئي منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي تڏهن فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن ٻڌندو؟ خاص ڪري جڏهن تہ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو بہ آهيان.“ 13پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو تہ ”توهين بني اسرائيل ۽ مصر جي بادشاهہ فرعون کي وڃي ٻڌايو تہ مون خداوند بني اسرائيل کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي اچڻ لاءِ توهان کي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.“
موسيٰ ۽ هارون جو شجرو
14موسيٰ ۽ هارون جي اباڻن خاندانن جا وڏا هي هئا. يعقوب جي پهريتي پٽ روبن کي چار پٽ هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي. انهن جي نالن تي روبن جا گھراڻا هئا. 15شمعون کي ڇهہ پٽ هئا: يموايل، يامين، اُهد، يڪين، صُحر ۽ شائول، جيڪو هڪڙيءَ ڪنعاني عورت جو پٽ هو. انهن جي نالن تي شمعون جا گھراڻا هئا. 16#ڳا 3:17-20، 26:57-58، 1.توا 6:16-19 لاويءَ کي ٽي پٽ هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري. انهن جي نالن تي لاويءَ جا گھراڻا هئا. لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي. 17جيرشون کي ٻہ پٽ هئا: لبني ۽ شمعي. انهن مان ٻيا بہ گھراڻا پيدا ٿيا. 18قهات کي چار پٽ هئا: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزيايل. قهات جي عمر هڪ سؤ ٽيٽيهہ سال هئي. 19مراريءَ کي ٻہ پٽ هئا: محلي ۽ موشي. لاويءَ جي ٽنهي پٽن مان لاويءَ جي گھراڻن جو نسل وڌيو.
20عمرام پنهنجي پڦيءَ يوڪبد سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا. عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي. 21اضهار کي ٽي پٽ هئا: قورح، نفج ۽ زڪري. 22عزيايل کي بہ ٽي پٽ هئا: ميشاايل، اليصافن ۽ ستري. 23هارون اليشبع سان شادي ڪئي، جيڪا نحسون جي ڀيڻ ۽ عمينداب جي ڌيءَ هئي. انهيءَ مان کيس چار پٽ ڄاوا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر. 24قورح کي ٽي پٽ هئا: اسير، القاناہ ۽ ابياسف. انهن جي نالن سان قورح جا گھراڻا وڌيا. 25هارون جي پٽ اليعزر، فوطيايل جي ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس فينحاس پيدا ٿيو. اهي سڀ لاوي قبيلي جي ابن ڏاڏن جي گھراڻن جا وڏا هئا جن جي نالن سان گھراڻا ٿيا.
26هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ ”بني اسرائيل جي پوريءَ قوم کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو.“ 27هي اهي ئي آهن، جن مصر جي بادشاهہ فرعون کي چيو تہ ”اسين بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي وينداسون.“
فرعون جي آڏو پهريون معجزو
28هاڻي جڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ موسيٰ سان ڳالهايو، 29تڏهن کيس چيائين تہ ”آءٌ خداوند آهيان، جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو، سو سڀ تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي ٻڌائج.“ 30پر موسيٰ خداوند کي وراڻيو تہ ”تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان. سو فرعون ڪيئن منهنجي ڳالهہ مڃيندو؟“