5
موسيٰ ۽ هارون فرعون جي اڳيان
1انهيءَ کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي، تہ بيابان ۾ وڃي اهي منهنجي شان ۾ عيد ڪن.‘“ 2پر فرعون چيو تہ ”اهو خداوند ڪير آهي، جو آءٌ سندس ڳالهہ مڃي بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيان؟ آءٌ خداوند کي ڪونہ ٿو سڃاڻان ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.“ 3تڏهن هنن چيس تہ ”عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي. سو اسان کي موڪل ڏي تہ اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون. جيڪڏهن ائين نہ ڪنداسين تہ متان هو اسان ۾ وبا موڪلي يا اسان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏي.“ 4-5تنهن تي مصر جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ ”اي موسيٰ ۽ هارون! اوهين هنن ماڻهن کي سندن ڪمن کان ڇو ٿا روڪيو؟ اوهين چاهيو ٿا تہ هن ملڪ ۾ اڪثريت وارا هيترا سارا ماڻهو ڪم کان رڪجي وڃن؟ کين ڇڏي ڏيو تہ وڃي پنهنجو ڪم ڪن.“
6اٽلندو انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي فرعون انهن ماڻهن جي رکوالن ۽ سندن بني اسرائيل جي عملدارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ 7”هاڻي اڳتي اوهين هنن ماڻهن کي سرون ٺاهڻ لاءِ بُهہ نہ ڏجو، جيئن هاڻي تائين ڏيندا رهيا آهيو. ڀلي تہ هو پنهنجي لاءِ پاڻيهي وڃي بُهہ گڏ ڪن. 8هنن کان اوتريون ئي سرون ٺهرائجو جيتريون هو هاڻي تائين ٺاهيندا رهيا آهن، انهيءَ ۾ اوهين ڪي بہ گھٽ نہ ڪجو. جيئن تہ هو نڪما آهن، تنهنڪري دانهون ڪري ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏ تہ وڃي پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون.‘ 9اوهين هنن تي ڳرو ڪم رکو تہ هو مشغول رهن ۽ اجاين ڪوڙين ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏين.“
10ان کان پوءِ انهن ماڻهن جا رکوالا ۽ عملدار اتان روانا ٿيا ۽ انهن ماڻهن کي اچي چيائون تہ ”فرعون جو فرمان آهي تہ اڳتي اوهان کي بُهہ ڪونہ ڏنو ويندو. 11سو جتان بہ اوهان کي بُهہ ملي اتان پاڻ وڃي کڻي اچو. پر اوهان جو مقرر پورهيو بلڪل گھٽ نہ ڪيو ويندو.“ 12تڏهن اهي ماڻهو مصر جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا ۽ بُهہ جي ٺاهڻ لاءِ سنڍا گڏ ڪرڻ لڳا. 13سندن رکوالا مٿن زور رکندا هئا ۽ چوندا هئا تہ ”اوهين روزانو اوتريون ئي سرون ٺاهيو جيتريون بُهہ ملڻ وقت ٺاهيندا هئا.“ 14فرعون جا رکوالا انهن مٿان مقرر ڪيل بني اسرائيل جي عملدارن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ”اوهان ڪالهہ ۽ اڄ سرن ٺاهڻ جو اوترو ڪم ڇو نہ ڪرايو آهي جيترو اڳي ڪرائيندا هئا.“
15تڏهن بني اسرائيل جا عملدار فرعون وٽ آيا ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اوهان پنهنجي ٻانهن سان اهڙي هلت ڇو ٿا ڪريو. 16اوهان جي ٻانهن کي بُهہ ڪونہ ٿو ڏنو وڃي، تڏهن بہ هو چون ٿا تہ ’پوريون سرون ٺاهيو.‘ سو هاڻي اوهان جي ٻانهن کي ماريو پيو وڃي ۽ اوهان جي قوم کان بيانصافي ٿي رهي آهي.“
17تنهن تي فرعون چين تہ ”اوهين پاڻ نڪما آهيو، تنهنڪري چئو ٿا تہ ’اسان کي ڇڏ تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني ڪريون.‘ 18سو هاڻي اوهين وڃي ڪم ڪريو. اوهان کي بُهہ ڪونہ ملندو پر سرون اوهان کي اوتريون ئي ٺاهي ڏيڻيون پونديون.“ 19هاڻي جڏهن بني اسرائيل جي عملدارن کي چيو ويو تہ ”اوهين پنهنجي روزانو جي ڪم موجب سرن جي مقرر ڪيل انداز کان ڪجھہ بہ نہ گھٽايو،“ تڏهن کين معلوم ٿيو تہ هو ڪهڙيءَ مصيبت ۾ اچي ڦاٿا آهن.
20هو فرعون وٽان جڏهن واپس اچي رهيا هئا تہ رستي تي کين موسيٰ ۽ هارون مليا جيڪي سندن انتظار ڪري رهيا هئا. 21بني اسرائيل جي عملدارن کين چيو تہ ”شل خداوند اوهان کي ڏسي ۽ اوهان کي سزا ڏئي، جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ نفرتي ڪري ڇڏيو آهي. ڄڻ تہ هنن جي هٿن ۾ تلوار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.“
22تڏهن موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي مالڪ! تو ڇو هن قوم کي مصيبت ۾ وڌو آهي ۽ ڇو مون کي هتي موڪليو اٿيئي؟ 23جڏهن کان آءٌ تنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ فرعون وٽ آيو آهيان تڏهن کان هو هن قوم کي وڌيڪ ٿو ستائي. پر تو پنهنجيءَ قوم کي بچائڻ لاءِ ڪجھہ بہ نہ ڪيو آهي.“