YouVersion Logo
Search Icon

خروج 4

4
موسيٰ کي معجزي جي طاقت ملڻ
1تڏهن موسيٰ خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيڪڏهن هو مون تي اعتبار نہ ڪن، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃين، بلڪ ائين چون تہ ’خداوند تو کي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي،‘ تہ پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟“ 2تنهن تي خداوند موسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟“ موسيٰ وراڻيو تہ ”لٺ آهي.“ 3خداوند چيس تہ ”اها زمين تي اڇلاءِ.“ هن اها زمين تي اڇلائي تہ نانگ ٿي پيئي. موسيٰ انهيءَ کان ڀڄي پري ٿيو. 4تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھيري هن کي پڇ کان جھل.“ موسيٰ هٿ ڊگھيري هن کي پڇ کان جھليو تہ اهو سندس هٿ ۾ لٺ ٿي پيو. 5پوءِ خداوند چيس تہ ”انهيءَ سان بني اسرائيل اعتبار ڪندا تہ آءٌ خداوند، انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏني آهي.“
6 خداوند وري چيس تہ ”هاڻي پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رک.“ هن پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رکيو ۽ جڏهن اهو ٻاهر ڪڍيائين تہ ڇا ڏسي تہ سندس هٿ ڪوڙهہ جي بيماريءَ وانگر بلڪل اڇو ٿي پيو هو. 7خداوند چيس تہ ”پنهنجو هٿ ٻيهر چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رک.“ هن وري پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رکيو ۽ جڏهن ٻاهر ڪڍيائين تہ ڇا ڏسي تہ اهو سندس باقي بدن جهڙو ٿي پيو هو. 8خداوند چيس تہ ”جيڪڏهن اهي تو تي اعتبار نہ ڪن ۽ پهرئين معجزي کي بہ نہ مڃين تہ پوءِ شايد ٻئي معجزي تي ضرور اعتبار ڪن. 9پر جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪن ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃين تہ پوءِ تون نيل درياءَ جو ٿورو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هاري ڇڏج. اهو پاڻي جيڪو تون درياءَ مان ڪڍندين سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.“
10تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي نہ موڪل. آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هئس ۽ نہ هاڻي، جڏهن کان تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.“ 11تنهن تي خداوند چيس تہ ”ماڻهوءَ کي وات ڪنهن ڏنو آهي؟ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ ڇا اهو آءٌ نہ ٿو ڪريان جيڪو خداوند آهيان؟ 12تنهنڪري هاڻي تون وڃ، آءٌ ڳالهائڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس. جيڪو ڪجھہ تو کي چوڻو هوندو سو آءٌ تو کي سيکاريندس.“ 13پر موسيٰ وراڻيو تہ ”اي مالڪ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ انهيءَ ڪم لاءِ ڪنهن ٻئي کي موڪل.“
14انهيءَ تي خداوند موسيٰ تي تمام گھڻو ڪاوڙيو ۽ چيائينس تہ ”ڇا لاوي قبيلي جو هارون تنهنجو ڀاءُ نہ آهي؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگھي. ڏس، هو بہ تو سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي ۽ تو کي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو. 15تون ساڻس گفتگو ڪري کيس ٻڌائج تہ هن کي ڇا چوڻو آهي. آءٌ ڳالهائڻ ۾ اوهان ٻنهي جي مدد ڪندس ۽ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڇا ڇا ڪريو. 16تنهنجي بدران هو ماڻهن سان ڳالهائيندو. هو ڄڻ تہ تنهنجي زبان هوندو ۽ تون هن جي لاءِ ڄڻ تہ خدا هوندين. 17تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.“
موسيٰ جو مصر ڏانهن موٽڻ
18تنهن کان پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يٿرو وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”مهرباني ڪري مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجي ڀائرن وٽ وڃان، جيڪي مصر ۾ آهن. اتي آءٌ وڃي ڏسان تہ اهي اڃا جيئرا آهن يا نہ.“ يٿرو موسيٰ کي چيو تہ ”سلامتيءَ سان وڃ.“ 19موسيٰ اڃا مديان ۾ ئي هو تہ خداوند چيس تہ ”مصر ڏانهن موٽي وڃ، ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن تو کي مارڻ ٿي گھريو سي مري ويا آهن.“ 20تڏهن موسيٰ پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجي پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ اها لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي جنهن لاءِ خدا چيو هئس.
21 خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ ”جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين تڏهن اهي سڀ معجزا جيڪي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي وڃي فرعون جي اڳيان ڏيکارج. آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو. 22تڏهن تون فرعون کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’بني اسرائيل منهنجو پهريتو پٽ آهي. 23#خر 12‏:29 سو آءٌ تو کي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. جيڪڏهن تون هن کي وڃڻ نہ ٿو ڏين تہ پوءِ ياد رک، آءٌ تنهنجي پهريتي پٽ کي ماري ڇڏيندس.‘“
24مصر ڏانهن ويندي رستي ۾ هڪڙيءَ منزل تي خداوند موسيٰ کي گڏيو ۽ کيس مارڻ گھريائين. 25تڏهن سندس زال صفورہ هڪدم هڪڙو تکو پٿر کڻي پنهنجي پٽ جو طهر ڪيو ۽ وڍيل کل جي ٽڪر سان موسيٰ جي پيرن کي ڇهي چيائين تہ ”بيشڪ تون منهنجي لاءِ رت وارو گھوٽ آهين.“ 26سو جڏهن هن طهر واريءَ اها رسم ادا ڪئي تڏهن خدا موسيٰ کي ڇڏي ڏنو.
27انهيءَ وچ ۾ خداوند هارون کي فرمايو تہ ”بيابان ۾ وڃي موسيٰ سان مل.“ سو هو انهيءَ سان ملڻ لاءِ خدا جي جبل تي ويو ۽ ساڻس ملي کيس چميائين. 28تڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون جيڪي خدا کيس ٻڌائي روانو ڪيو هو ۽ اهي معجزا جيڪي ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌايا هئائين، سي سڀ هارون کي بيان ڪري ٻڌايا. 29پوءِ موسيٰ ۽ هارون مصر ويا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيائون. 30هارون اهي سموريون ڳالهيون جيڪي خداوند موسيٰ کي ٻڌايون هيون سي انهن کي بيان ڪيون. اتي موسيٰ ماڻهن جي اڳيان معجزا بہ ڪري ڏيکاريا. 31تڏهن ماڻهن انهن تي يقين ڪيو. وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن زمين تي جھڪي سجدو ڪيائون.

Currently Selected:

خروج 4: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in