YouVersion Logo
Search Icon

خروج 3

3
خدا جو موسيٰ کي سڏڻ
1 موسيٰ پنهنجي سهري يٿرو جا ڌڻ چاريندو هو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ ڏينهن هو ڌڻ کي هڪليندو بيابان جي پرئين پاسي خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو. 2#رس 7‏:30‏-34 هن کي اتي اوچتو خداوند جو وجود هڪڙي ٻوڙي جي وچ مان باهہ جي شعلي وانگر نظر آيو. هن نهاري ڏٺو تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، پر تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نہ ٿو ٿئي. 3تڏهن موسيٰ سوچيو تہ ”آءٌ ويجھو وڃي اهو عجيب نظارو ڏسان تہ هي ٻوڙو سڙي رک ڇو نہ ٿو ٿئي.“
4جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجھو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجھان کيس سڏي چيو تہ ”موسيٰ! اي موسيٰ!“
موسيٰ وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“ 5خدا چيس تہ ”وڌيڪ ويجھو نہ اچ. پنهنجي پيرن مان جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا پاڪ زمين آهي.“ 6وري چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.“ اهو ٻڌي موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇاڪاڻ تہ هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.
7پوءِ خداوند چيس تہ ”منهنجي قوم جيڪا مصر ۾ آهي، تنهن جي سخت مصيبت مون ڏٺي آهي. سندن رکوالن جي سختيءَ جي ڪري سندن ڪيل دانهن ٻڌي اٿم. مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي. 8انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾. 9جيئن تہ بني اسرائيل جي دانهن مون تائين پهتي آهي ۽ جيڪو ظلم مصري هنن سان ڪري رهيا آهن سو بہ ڏٺو اٿم، 10تنهنڪري هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي فرعون ڏانهن موڪليان تہ جيئن تون منهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچين.“
11پر موسيٰ خدا کي چيو تہ ”آءٌ ڪير ٿيندو آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟“ 12خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“
13 # خر 6‏:2‏-3 تنهن تي موسيٰ خدا کي چيو تہ ”پر جڏهن آءٌ بني اسرائيل وٽ ويندس ۽ کين چوندس تہ ’اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي،‘ تڏهن هو مون کان پڇندا تہ ’انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟‘ پوءِ آءٌ انهن کي ڇا ٻڌايان؟“ 14#مڪا 1‏:4‏،8 خدا موسيٰ کي چيو تہ #3‏:14 آءٌ جيڪو حاضر آهيان، سو ئي آهيان عبراني ٻوليءَ ۾ هي خدا جو پاڪ نالو سمجھيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ بائيبل مقدس جي هن سنڌي ترجمي ۾ اڪثر ڪري لفظ ”خداوند“ استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ جو واسطو ڪنهن ٻئي عبراني لفظ سان آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”آءٌ آهيان.“ سو انهيءَ پاڪ نالي جو مطلب گھڻو ڪري هي آهي تہ ”آءٌ آهيان ئي آهيان“ يا ”آءٌ هوندس ئي هوندس“ يا ”آءٌ اهو آهيان جيڪو هر شيءِ کي وجود ۾ آڻيان ٿو.“ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ پڻ.”آءٌ جيڪو حاضر آهيان، سو ئي آهيان. تنهنڪري تون بني اسرائيل کي هيئن چئج تہ ’جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ حاضر آهيان،“ تنهن مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ 15تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو. 16هاڻي تون وڃ ۽ وڃي بني اسرائيل جي اڳواڻن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪر ۽ کين ٻڌاءِ تہ مون خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏيئي سندن لاءِ هي پيغام ڏنو آهي تہ ’سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم. 17مون فيصلو ڪيو آهي تہ اوهان کي مصر وارن جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.‘
18اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا. پوءِ تون ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو. کيس چئجو تہ ’خداوند، عبرانين جي خدا، اسان کي ڏيکاري ڏني آهي. سو هاڻي توهان اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏيو، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قربانيون ڪريون.‘ 19آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مصر جو بادشاهہ زبردستيءَ کان سواءِ اوهان کي وڃڻ ڪين ڏيندو. 20پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيريندس ۽ انهن عجيب ڪمن سان، جيڪي آءٌ ڪندس مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو. 21#خر 12‏:35‏-36 آءٌ هن قوم کي مصرين جي نظر ۾ عزت ڏيندس پوءِ جڏهن اوهين نڪرندا تہ خالي هٿين ڪين نڪرندا. 22پر اوهان جي هر ڪا عورت پنهنجي پاڙي واريءَ کان ۽ گھر ۾ رهندڙ مهمان عورت کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گھري وٺندي. اهي اوهين پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي پارائيندا. اهڙيءَ طرح اوهين مصرين کي لُٽي ڇڏيندا.“

Currently Selected:

خروج 3: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in