YouVersion Logo
Search Icon

خروج 2

2
موسيٰ جو ننڍپڻ
1ان عرصي ۾ لاوي قبيلي جي هڪڙي ماڻهوءَ وڃي پنهنجي قبيلي جي هڪڙيءَ عورت سان شادي ڪئي. 2#رس 7‏:20، عبر 11‏:23 اها عورت پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. جڏهن هن ڏٺو تہ ٻار سهڻو آهي تڏهن کيس لڪائي رکيائين. ائين کيس ٽي مهينا گذري ويا. 3پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگھي، تڏهن ڪانن جو هڪڙو ٽوڪرو ٺاهيائين جنهن کي رال ۽ ڏامر لڳائي ٻار کي انهيءَ ۾ رکي اهو درياءَ جي ڪناري تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين. 4انهيءَ ٻار جي ڀيڻ پري کان بيهي ڏسندي رهي تہ هن سان ڇا ٿو ٿئي.
5ان وقت فرعون جي ڌيءَ درياءَ تي وهنجڻ آئي. سندس ٻانهيون درياءَ جي ڪناري تي گھمڻ لڳيون. اوچتو فرعون جي ڌيءَ جي نظر انهيءَ ٽوڪري تي پيئي. هن پنهنجي ٻانهيءَ کي موڪليو تہ اهو کڻي اچي. 6جڏهن هن اهو کوليو تہ ڏٺائين تہ ان ۾ هڪ ڇوڪرو هو جيڪو رنو پئي. کيس انهيءَ ٻار تي رحم آيو ۽ چوڻ لڳي تہ ”هي ڪنهن عبرانيءَ جو ٻار آهي.“
7تڏهن ٻار جي ڀيڻ فرعون جي ڌيءَ کي چيو تہ ”جيڪڏهن توهان چئو تہ آءٌ وڃي عبراني عورتن مان ڪنهن ٿڃ ڌارائيندڙ دائيءَ کي توهان وٽ وٺي اچان، جيڪا توهان جي لاءِ هن ٻار کي کير پيئاري.“ 8فرعون جي ڌيءَ چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ تڏهن اها ڇوڪري ويئي ۽ انهيءَ ٻار جي ماءُ کي سڏي آئي. 9فرعون جي ڌيءَ هن کي چيو تہ ”هن ٻار کي کڻي وڃي منهنجي طرفان نپاءِ. آءٌ تو کي انهيءَ جو اجورو ڏينديس.“ سو اها عورت انهيءَ ٻار کي کڻي ويئي ۽ کيس نپايائين. 10#رس 7‏:21 پوءِ جڏهن ٻار وڏو ٿيو تڏهن هوءَ کيس فرعون جي ڌيءَ وٽ وٺي آئي. هن کيس پنهنجو پٽ بڻايو ۽ سندس نالو #2‏:10 موسيٰ هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪڍڻ.“موسيٰ رکيائين، جو چيائين تہ ”مون هن کي پاڻيءَ مان ڪڍيو آهي.“
موسيٰ جو مديان ڏانهن ڀڄي وڃڻ
11 # عبر 11‏:24 #رس 7‏:23‏-28 پوءِ جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو تہ هڪ ڏينهن ٻاهر پنهنجي هم‌قوم عبرانين وٽ ويو، جتي سندن تڪليفون ڏٺائين. هن ڏٺو تہ هڪڙو مصري سندس هڪ عبراني ڀاءُ کي ماري رهيو هو. 12موسيٰ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. جڏهن ڏٺائين تہ اتي ٻيو ڪو ماڻهو ڪونهي تڏهن انهيءَ مصريءَ کي ماري سندس لاش واريءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين. 13ٻئي ڏينهن جڏهن وري ٻاهر نڪتو تڏهن ٻن عبرانين کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏٺائين. انهن مان جيڪو ناحق تي هو تنهن کي چيائين تہ ”تون پنهنجي قوم واري کي ڇو ٿو مارين؟“ 14هن چيس تہ ”ڪنهن تو کي اسان جي مٿان حاڪم يا منصف مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي انهيءَ مصريءَ وانگر مارڻ ٿو چاهين ڇا؟“ اهو ٻڌي موسيٰ ڊڄي ويو ۽ دل ۾ چيائين تہ ”ضرور اها ڳالهہ ظاهر ٿي چڪي آهي.“ 15#رس 7‏:29، عبر 11‏:27 فرعون جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن موسيٰ کي مارائڻ جو ارادو ڪيائين. پر موسيٰ فرعون وٽان ڀڄي ويو ۽ وڃي مديان جي علائقي ۾ رهڻ لڳو.
هڪ ڏينهن جڏهن موسيٰ هڪڙي کوهہ وٽ ويٺو هو 16تہ اتي مديان جي مذهبي اڳواڻ يٿرو جون ست ئي ڌيئرون آيون. اهي کوهہ مان پاڻي ڪڍي ڪونارين کي ڀرڻ لڳيون تہ جيئن پنهنجي پيءُ جي ڌڻ کي پاڻي پيئارين. 17ان وقت ڪجھہ ڌنار اچي هنن کي اتان هٽائڻ لڳا. تڏهن موسيٰ اُٿي سندن مدد ڪئي ۽ سندن ڌڻ کي پاڻي پيئاريائين. 18جڏهن اهي پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آيون تڏهن هن پڇين تہ ”اڄ اوهين ايترو جلد ڪيئن آيون آهيو؟“ 19هنن ٻڌايس تہ ”هڪڙي مصريءَ اسان کي ڌنارن جي هٿان ڇڏايو ۽ اسان جي لاءِ پاڻي ڪڍي ڌڻ کي پيئاريائين.“ 20تڏهن هن پنهنجي ڌيئرن کي چيو تہ ”اهو ماڻهو ڪٿي آهي؟ اوهين ڇو انهيءَ کي ڇڏي آيون آهيو؟ سڏي اچوس تہ ماني کائي.“ 21پوءِ موسيٰ يٿرو جي گھر ۾ رهڻ لڳو.
يٿرو پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي پرڻائي ڏني 22۽ انهيءَ مان موسيٰ کي هڪڙو پٽ ڄائو جنهن جو نالو #2‏:22 جيرشوم عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”ڌاريو“ يا ”مسافر.“جيرشوم رکيائين، جو چيائين تہ ”آءٌ غير ملڪ ۾ ڌاريو هئس.“
23گھڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ مصر جو اهو فرعون بادشاهہ مري ويو ۽ ٻيو فرعون بادشاهہ بڻيو. پر بني اسرائيل اڃا تائين غلاميءَ جي ڪري آهون ڀريندا ۽ روئندا ٿي رهيا. سندن روئڻ جيڪو غلاميءَ جي مصيبت جي ڪري هو، سو خدا تائين وڃي پهتو. 24#پيد 15‏:13‏-14 تڏهن خدا سندن دانهون ٻڌي پنهنجي انهيءَ عهد کي ياد ڪيو، جيڪو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان ٻڌو هو. 25خدا بني اسرائيل تي نظر ڪئي ۽ سندن سار لڌائين.

Currently Selected:

خروج 2: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in