14
ڳاڙهو سمنڊ پار ڪرڻ
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي پٺتي موٽي مجدال ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ تي فيهخيروت وٽ بعلصفون جي اڳيان سمنڊ جي ڪناري تي منزل ڪن. 3فرعون بني اسرائيل جي باري ۾ چوندو تہ اهي بيابان ۾ گھيرجي پيا آهن ۽ اتي ڦاسي ويا آهن. 4آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو اوهان جي پٺيان پوندو. تڏهن فرعون ۽ سندس سڄي لشڪر تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو.
5جڏهن مصر جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي خلاف ڦيرو کاڌو ۽ هو چوڻ لڳا تہ ”اسان هي ڇا ڪيو جو بني اسرائيل کي پنهنجي غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟“ 6سو فرعون پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي ۽ پنهنجي فوج کي پاڻ سان کنيائين. 7هن ڇهہ سؤ چونڊيل جنگي گھوڙي گاڏين سان گڏوگڏ مصر جون ٻيون سموريون عام جنگي گھوڙي گاڏيون بہ پاڻ سان کنيون، جن تي فوجي سالار نگران هئا. 8خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي. سو هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو، ڇاڪاڻ تہ اهي سندس وٽان وڏي دليريءَ سان نڪري ويا هئا. 9مصري فوج فرعون جي سڀني گھوڙن، گاڏين ۽ سوارن سميت انهن جي پٺيان پيئي. هو اتي اچي پهتا جتي بني اسرائيل سمنڊ جي ڪناري تي فيهخيروت وٽ، بعلصفون جي سامهون منزل ڪيو ويٺا هئا.
10جڏهن فرعون ويجھو اچي پهتو ۽ بني اسرائيل ڏٺو تہ مصري سندن پٺيان ڪاهيندا پيا اچن، تڏهن هو ڏاڍا اچي ڊنا ۽ خداوند کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳا. 11هنن موسيٰ کي چيو تہ ”مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اتان اسان کي هن رڻپٽ ۾ مرڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو جو اسان کي مصر مان ڪڍي آئين. 12اسان تو کي مصر ۾ ائين ڪين چيو هو ڇا تہ اسان کي ڇڏي ڏي تہ ڀلي پيا مصرين جي غلامي ڪريون؟ اسان جي لاءِ هن رڻپٽ ۾ مرڻ کان مصرين جي غلامي ڪرڻ بهتر ٿئي ها.“ 13تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ، بيٺا رهو ۽ خداوند جو ڇڏائڻ ڏسو جيڪو اڄ ئي اوھان لاءِ ٿيندو. اوهين جن مصرين کي اڄ ڏسي رهيا آهيو، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا. 14خداوند اوهان جي طرفان پاڻ جنگ ڪندو. اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.“
15پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون منهنجي آڏو مدد لاءِ ڇو ٿو پڪارين؟ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اهي اڳتي هلن. 16تون پنهنجي لٺ کڻي پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھير تہ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي، تہ جيئن بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي وڃن. 17آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس ۽ اهي سندن پٺيان ڪاهي ايندا. تڏهن فرعون تي، سندس سڄي لشڪر تي، سندس جنگي گھوڙي گاڏين تي ۽ سندس گھوڙي سوارن تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو. 18جڏهن آءٌ انهن تي فتح حاصل ڪندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“
19تنهن کان پوءِ خدا جو ملائڪ جيڪو بني اسرائيل جي لشڪر جي اڳيان هلندو رهندو هو، سو ڦري انهن جي پٺيان هلڻ لڳو. ڪڪر جو ٿنڀو بہ هنن جي اڳ کان نڪري سندن پٺيان آيو. 20اهو مصرين جي لشڪر ۽ بني اسرائيل جي لشڪر جي وچ ۾ وڃي بيٺو. اهو مصرين جي لاءِ اونداهو ڪڪر هو، پر بني اسرائيل جي لاءِ رات جو روشني ڏيندڙ هو. تنهنڪري سڄي رات ٻئي لشڪر هڪٻئي کي ويجھو اچي نہ سگھيا.
21 موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. 22#1.ڪر 10:1-2، عبر 11:29 بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. هنن جي ٻنهي پاسن کان پاڻي ڀت وانگر ٿي پيو. 23مصري بہ انهن جي پٺيان ڪاهي پيا ۽ فرعون جا سڀ گھوڙا، گاڏيون ۽ سوار سندن پٺيان سمنڊ جي وچ ۾ آيا. 24صبح جو پرهہ ڦٽڻ کان اڳ خداوند باهہ ۽ ڪڪر جي ٿنڀي منجھان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو ۽ انهن جي لشڪر کي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيائين. 25هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهنڪري اهي تمام مشڪل سان ٿي هليون. تڏهن مصري چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل کان ڀڄي نڪرون، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن جي پاران اسان سان وڙهي ٿو.“
26پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگھير تہ پاڻي موٽي مصرين، سندن گاڏين ۽ سوارن جي مٿان اچي.“ 27موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو ۽ پرهہ ڦٽڻ وقت سمنڊ ڦري پنهنجي اصلي حالت تي اچي بيٺو. مصرين پاڻيءَ کان بچي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خداوند کين سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏيو. 28سو پاڻي موٽي آيو ۽ گاڏين، سوارن ۽ فرعون جي سڄي لشڪر کي، جيڪو هنن جي پٺيان ڪاهي سمنڊ جي وچ ۾ آيو هو ٻوڙي ڇڏيائين. انهن منجھان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو. 29پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو ۽ پاڻي هنن جي ٻنهي پاسن کان ڀت وانگر بيٺو هو.
30اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي مصرين جي هٿان بچايو ۽ بني اسرائيل مصرين کي سمنڊ جي ڪناري تي مئل ڏٺو. 31جڏهن بني اسرائيل اها عظيم قدرت، جيڪا خداوند مصرين تي ظاهر ڪئي سا ڏٺي، تڏهن اهي خداوند کان ڊنا. انهيءَ سبب هنن خداوند تي ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ڀروسو ڪيو.