YouVersion Logo
Search Icon

خروج 13

13
پهريتا وقف ڪرڻ
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2#ڳا 3‏:13، لو 2‏:23 ”بني اسرائيل ۾ جيڪي پهريتا پٽ ڄمن، سي سڀ منهنجي لاءِ وقف ڪج. ماڻهن جا پهريتا پٽ توڙي جانورن جا پهريتا نر ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.“
بي‌خميري مانيءَ جي عيد
3پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي. 4اوهين #13‏:4 ابيب عبرانين جي سال جو پهريون مهينو، جيڪو بهار جي موسم ۾ ايندو آهي.ابيب مهيني جي اڄوڪي ڏينهن مصر مان ٻاهر نڪتا آهيو.
5جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جنهن ۾ آسودگي ۽ خوشحالي آهي، جڏهن خداوند اوهان کي انهيءَ ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ پهچائي تڏهن اوهين ساڳئي ئي مهيني ۾ اها رسم ادا ڪندا رهجو. 6ستن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي ۽ ستين ڏينهن خداوند لاءِ عيد ملهائجو. 7انهن ستن ئي ڏينهن ۾ بي‌خميري ماني کائجو. خمير واري ماني اوهان وٽ ڏسڻ ۾ بہ نہ اچي ۽ نڪي اوهان جي سرحدن اندر ڪٿي ڪو خمير نظر اچي. 8عيد جي ڏينهن اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي پٽ کي ٻڌائي تہ ’هي ڏينهن آءٌ انهيءَ ڪم جي يادگار لاءِ ملهائيندو آهيان جيڪو خداوند منهنجي لاءِ ان وقت ڪيو جڏهن آءٌ مصر مان نڪري رهيو هئس.‘ 9اها رسم توهان وٽ ڄڻ تہ توهان جي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي ۽ توهان جي اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شريعت توهان جي زبان تي هجي. جيئن تہ خداوند پنهنجي طاقتور هٿ سان توهان کي مصر مان ڪڍي آندو آهي، 10تنهنڪري توهين انهيءَ قانون تي مقرر ڪيل وقت تي هر سال عمل ڪندا رهجو.
پهريتن لاءِ قاعدو
11پوءِ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين جي ملڪ ۾ پهچائي اهو اوهان کي عطا ڪري، جنهن جي ڏيڻ جو هن اوهان سان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، 12#خر 34‏:19‏-20، لو 2‏:23 تڏهن جيڪو بہ پهريتو پٽ پيٽ مان نڪري سو اوهين خداوند لاءِ ڌار ڪجو. اوهان جي چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا نر ٻچا خداوند جا ٿيندا. 13پر گڏهہ جي پهريتي ٻچي جي بدران هڪڙو گھيٽو يا ڇيلو عيوضي طور ڏجو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جي لاءِ عيوضو نہ ڏيو تہ انهيءَ جي ڳچي ڀڃي ڇڏجو. اوهان کي پنهنجي پٽن مان هر هڪ پهريتي پٽ جو عيوضو ڏيڻو پوندو. 14ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان جو پٽ اوهان کان پڇي تہ ’هن رسم جو ڪهڙو مطلب آهي؟‘ تڏهن اوهين هن کي ٻڌائجو تہ ’خداوند اسان کي مصر ملڪ مان، جتي اسين غلام هئاسين، پنهنجي طاقتور هٿ سان ڪڍي ٻاهر آندو. 15جڏهن فرعون جي دل سخت هئي ۽ هن اسان کي وڃڻ نہ ٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ ماڻهن توڙي چوپائي مال جي سڀني پهريتن نر ٻچن کي ماري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو اسين چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي قربان ڪريون ٿا. پر پنهنجن پهريتن پٽن جي بدران عيوضو ڏيون ٿا. 16تنهنڪري اها رسم ڄڻ تہ توهان جي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي ۽ توهان جي اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي، تہ خداوند پنهنجي طاقتور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.‘“
ڪڪر ۽ باهہ جو ٿنڀو
17جڏهن فرعون انهن ماڻهن کي وڃڻ ڏنو، تڏهن خدا کين فلستين جي علائقي واري رستي کان نہ وٺي ويو، جيتوڻيڪ اهو ويجھو هو. هن ڪري جو خدا فرمايو هو تہ ”متان هي ماڻهو جنگ جھيڙو ڏسي پشيمان ٿين ۽ مصر ڏانهن موٽي وڃن.“ 18پر خدا انهن ماڻهن کي بيابان منجھان ڳاڙهي سمنڊ ڏانهن وٺي آيو. بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا هئا.
19 # پيد 50‏:25، يش 24‏:32 موسيٰ يوسف جا هڏا پاڻ سان کنيا، ڇاڪاڻ تہ يوسف بني اسرائيل کي قسم ڏيئي چيو هو تہ ”خداوند ضرور اوهان جي سار لهندو، تڏهن اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي وڃجو.“ 20پوءِ بني اسرائيل سُڪات کان روانا ٿيا ۽ بيابان جي حد وٽ ايتام ۾ اچي منزل ڪيائون. 21ڏينهن جي وقت خداوند انهن جي اڳيان ڪڪر واري ٿنڀي جي وسيلي کين رستو ڏيکاريندو هلندو هو ۽ رات جي وقت باهہ واري ٿنڀي جي وسيلي کين روشني ڏيندو اڳيان هلندو رهندو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ڏينهن رات پنڌ ڪري سگھن. 22ڏينهن جي وقت اهو ڪڪر جو ٿنڀو ۽ رات جي وقت باهہ جو ٿنڀو، انهن ماڻهن جي اڳيان ڪڏهن بہ گم ڪونہ ٿيندو هو.

Currently Selected:

خروج 13: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in