ڏينهن جي وقت خداوند انهن جي اڳيان ڪڪر واري ٿنڀي جي وسيلي کين رستو ڏيکاريندو هلندو هو ۽ رات جي وقت باهہ واري ٿنڀي جي وسيلي کين روشني ڏيندو اڳيان هلندو رهندو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ڏينهن رات پنڌ ڪري سگھن. ڏينهن جي وقت اهو ڪڪر جو ٿنڀو ۽ رات جي وقت باهہ جو ٿنڀو، انهن ماڻهن جي اڳيان ڪڏهن بہ گم ڪونہ ٿيندو هو.