1
پاڪ روح جي موڪلڻ جو واعدو
1-2 #
لو 1:1-4
محترم ٿئوفلس!
مون پنهنجي #1:1-2 پهرئين ڪتابهن مان مراد ”لوقا جي معرفت خوشخبري“ جو ڪتاب آهي.پهرئين ڪتاب ۾ اُهي سڀ ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي عيسيٰ پنهنجي خدمت واري ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. هن آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پاڪ روح جي وسيلي انهن ماڻهن کي هدايتون ڏنيون، جن کي پنهنجا رسول ڪري چونڊيائين. 3هن پنهنجي موت کان پوءِ انهن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ هو جيئرو آهي. هن چاليهن ڏينهن تائين انهن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن خدا جي بادشاهيءَ بابت ڳالهايائين. 4#لو 24:49 هڪڙي دفعي جڏهن اهي سڀيئي شاگرد اچي گڏ ٿيا تہ هن کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منهنجي پيءُ جي ڪيل واعدي جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنهن بابت مون اوهان کي ٻڌايو هو. 5#مت 3:11، مر 1:8، لو 3:16، يو 1:33 ڏسو، يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ڪيل واعدي موجب پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.“
عيسيٰ مسيح جو آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ
6ٻئي دفعي جڏهن اهي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انهن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خداوند! ڇا اوهين هن وقت ئي بني اسرائيل جي بادشاهي بحال ڪرڻ وارا آهيو؟“ 7عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينهن منهنجي پيءُ پنهنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي. 8#مت 28:19، مر 16:15، لو 24:47-48 پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“
9 #
مر 16:19، لو 24:50-51 اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو. 10جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آسمان ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا. 11انهن چيو تہ ”اي گليليؤ! اوهين آسمان ڏانهن ڇو ٿا بيٺا نهاريو؟ اهو ئي عيسيٰ، جيڪو اوهان وٽان آسمان ڏانهن کڄي ويو آهي، سو ساڳيءَ طرح وري موٽي ايندو جيئن اوهان کيس آسمان ڏانهن ويندي ڏٺو آهي.“
يهوداہ جي جاءِ تي متياہ کي چونڊڻ
12پوءِ رسول زيتون نالي ٽڪر کان يروشلم شهر ڏانهن موٽيا. اهو ٽڪر يروشلم کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر پري هو. 13#مت 10:2-4، مر 3:16-19، لو 6:14-16 جڏهن اهي شهر ۾ داخل ٿيا تہ انهيءَ ماڙيءَ تي مٿي چڙهي ويا جتي اهي يعني پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برتُلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون #1:13 قومپرست يهودي قوم جو هڪ ٽولو جيڪو پنهنجي قوم جي مٿان رومي حڪمرانيءَ جو مخالف هو، تنهن کي ”قومپرست“ سڏيو ويندو هو.قومپرست ۽ يعقوب جو پٽ يهوداہ رهيل هئا. 14اهي سڀيئي عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪجھہ عورتن ۽ عيسيٰ جي ڀائرن سان گڏجي دعا گھرندا هئا.
15هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ #1:15 ايمان وارا نئين عهدنامي ۾ هن مان مراد اهي ماڻهو آهن جن عيسيٰ کي مسيح طور قبول ڪري مٿس ايمان آندو آهي.ايمان وارا اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ 16#يو 13:18، زب 41:9 ”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڪ ڪلام جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي. 17يهوداہ اسان رسولن جي ٽولي مان هو، ڇاڪاڻ تہ خدمت واري ڪم ۾ اسان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو هو.“
18-19 #
مت 27:3-8
يروشلم جي سڀني ماڻهن ۾ اهو مشهور هو تہ يهوداہ جيڪي پئسا پنهنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا هئا، تن مان هن زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو هو. اتي هو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاهر نڪري آيس. سو ماڻهن انهيءَ زمين کي پنهنجي ارامي ٻوليءَ ۾ ”اڪالديمي“ سڏيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”خون واري زمين.“
20 #
زب 69:25، 109:8 پطرس وڌيڪ چين تہ ”انهيءَ بابت زبور ۾ لکيل آهي تہ
’شل انهيءَ جو گھر ويران ٿئي،
۽ منجھس ڪوبہ نہ رهي.‘
هي بہ لکيل آهي تہ
’شل ڪو ٻيو هن جو جاءِنشين ٿئي.‘
21-22 #
مت 3:16، مر 1:9، 16:19، لو 3:21، 24:51 تنهنڪري اهو ضروري آهي تہ هڪ اهڙو ماڻهو چونڊجي، جيڪو خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاهدي ڏئي. اهو اهڙو هئڻ گھرجي جيڪو اسان سان انهيءَ سموري وقت ۾ گڏ رهيو هجي، جنهن ۾ خداوند عيسيٰ اسان سان هو، يعني سندس يحيٰ کان بپتسما وٺڻ کان وٺي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ تائين.“
23سو انهن ٻن ماڻهن جا نالا پيش ڪيا، هڪڙو يوسف، جنهن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا هئا ۽ ٻيو متياہ. 24پوءِ انهن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ 25اهو رسول جي خدمت واري اها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداہ خارج ٿيو ۽ پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن هليو ويو.“ 26پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.