تعارف
”رسولن جا ڪم“ نالي هي مقدس ڪتاب لوقا حڪيم، جيڪو عيسيٰ مسيح جي پوئلڳن مان هڪ هو، تنهن جي معرفت مليل خوشخبريءَ جو وڌيڪ سلسليوار حصو آهي. انهيءَ جو مکيہ مقصد هي ٻڌائڻ آهي تہ جن عيسيٰ مسيح تي پهريائين ايمان آندو، تن پاڪ روح جي رهنمائيءَ هيٺ سندس بابت خوشخبريءَ کي يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ ڪيئن پهچايو (1:8). هن ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ماڻهن ڪيئن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو، جيئن تہ شروعات يهودي قوم کان ٿي ۽ آخرڪار دنيا جي ٻين قومن جا ماڻهو بہ مسيح جي پوئلڳن ۾ شامل ٿي ويا. هن مقدس ڪتاب ۾ پڙهندڙن کي اطمينان ڏياريندي اهو يقين ڏياريو ويو آهي تہ عيسيٰ مسيح جا پوئلڳ رومي شهنشاهت لاءِ تخريبي سياسي انديشو نہ هئا ۽ اها بہ تہ عيسيٰ کي مسيح طور قبول ڪري مٿس ايمان آڻڻ ئي يهودي مذهب جو پورائو هو. عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙن لاءِ هن مقدس ڪتاب ۾ ”ايمان وارا“ لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
”رسولن جا ڪم“ نالي مقدس ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو، جيڪي هميشہ وڌندو رهندڙ انهيءَ علائقي جو عڪس پيش ٿا ڪن، جنهن ۾ عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ ڪليسيا قائم ڪئي ويئي هئي.
1. يروشلم شهر ۾ ايمان وارن جي جماعت يعني ڪليسيا جي شروعات، جيڪا عيسيٰ مسيح جي مٿي کڄي وڃڻ کان پوءِ ٿي.
2. يهوديہ ۽ سامريہ علائقن ۾ ڦهلاءُ.
3. ڀونوچ سمنڊ واري علائقي ۾ روم تائين ڦهلاءُ.
”رسولن جا ڪم“ نالي مقدس ڪتاب جي هڪ اهم خاصيت پاڪ روح جي سرگرمي پڻ آهي. اهو پاڪ روح يروشلم ۾ عيد پنتيڪُست واري ڏينهن ايمان وارن تي زور سان نازل ٿئي ٿو ۽ اهي سندس قدرت سان ڀرپور ٿين ٿا. ان کان علاوہ انهن واقعن ۾ جيڪي هن مقدس ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهن، پاڪ روح ڪليسيا ۽ انهيءَ جي اڳواڻن جي رهنمائي ڪرڻ ۽ کين سگھارو ڪرڻ کي پڻ جاري رکي ٿو. ”رسولن جا ڪم“ نالي مقدس ڪتاب ۾ مسيح بابت شروعاتي پيغام جو خلاصو ڪيترن ئي خطبن ۾ آيل آهي ۽ جيڪي واقعا لکيل آهن سي ايمان وارن جي زندگيءَ ۾ ۽ ڪليسيا جي رفاقت ۾ انهيءَ پيغام جي قوت ڏيکارين ٿا.
سِٽاءُ
خوشخبري ڦهلائڻ لاءِ تياري 1:1-26
1. عيسيٰ مسيح جو آخري حڪم ۽ واعدو 1:1-11
2. يهوداہ اسڪريوتي شاگرد جو جاءِنشين چونڊڻ 1:12-26
يروشلم ۾ خوشخبري ڦهلائڻ 2:1–8:3
يهوديہ ۽ سامريہ علائقن ۾ خوشخبري ڦهلائڻ 8:4–12:25
پولس رسول جو تبليغ ڪرڻ 13:1–28:31
1. پهريون تبليغي سفر 13:1–14:28
2. يروشلم ۾ رسولن ۽ اڳواڻن جي گڏجاڻي 15:1-35
3. ٻيو تبليغي سفر 15:36–18:22
4. ٽيون تبليغي سفر 18:23–21:16
5. پولس رسول جو يروشلم، قيصريہ ۽ روم ۾ قيد هجڻ 21:17–28:31