YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 2

2
پاڪ روح جو نازل ٿيڻ
1 # لاو 23‏:15‏-21، شر 16‏:9‏-11 جڏهن عيد پنتيڪُست جو ڏينهن آيو، تڏهن سڀيئي ايمان وارا اچي هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا. 2اوچتو ئي آسمان مان هڪ آواز آيو ۽ اهو آواز تيز هوا جي گھوگھٽ جهڙو هو، جنهن سان اها سڄي جاءِ جنهن ۾ هو ويٺا هئا گونجڻ لڳي. 3تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون. 4اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا.
5ان وقت دنيا جي هر هڪ ملڪ مان ديندار يهودي يروشلم ۾ رهيل هئا. 6انهن جڏهن اهو آواز ٻڌو تہ اهي وڏي ميڙ جي صورت ۾ اچي گڏ ٿيا. هو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهن کي ڳالهائيندي ٻڌو. 7انهن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو جيڪي ائين ٿا ڳالهائين، ڇا اهي سڀ گليلي نہ آهن؟ 8پوءِ ڪيئن اسان مان هر ڪو انهن کان پنهنجي پنهنجي مادري زبان ٿو ٻڌي؟ 9ڇاڪاڻ تہ اسين پارٿين، مادئين ۽ عيلامين جي ملڪن ۾ رهندڙ توڙي #2‏:9 مسوپتاميہ ان دور ۾ هي علائقو موجودہ شام ۽ عراق ملڪن جي ڪن حصن تي مشتمل هو.مسوپتاميہ، يهوديہ، ڪپدُڪيا، پنطس، آسيا، 10فروگيا، پمفيليا ۽ مصر جي علائقن وارا ۽ لبيا ۾ ڪريني شهر جي آس‌پاس رهندڙ آهيون. ان کان علاوہ روم کان آيل مسافر، 11جيڪي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي اهي غير قوم وارا جيڪي يهودي مذهب ۾ شامل ٿيل آهن ۽ ڪي ڪريتي ۽ عرب آهن. ان جي باوجود اسين انهن کي پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“ 12سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي؟“ 13پر انهن مان ڪي وري ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ ”اهي سڀ مئي جي نشي ۾ آهن.“
پطرس جو پيغام
14پوءِ پطرس ٻين يارهن رسولن سان گڏ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيائين تہ ”اي يهودي دوستؤ ۽ يروشلم جا ٻيا سڀيئي رهواسيؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو. 15هي ماڻهو مئي پي نشي ۾ نہ آهن جيئن اوهين سمجھو ٿا، ڇو تہ صبح جا اڃا نوَ ئي مس ٿيا آهن. 16پر هن مان اها ڳالهہ پوري ٿئي ٿي جيڪا يوايل نبيءَ جي معرفت خدا فرمائي هئي تہ
17 # يوا 2‏:28‏-32 ’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو
آءٌ پنهنجو روح سڀني ماڻهن تي نازل ڪندس،
تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائيندا.
اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسندا.
18بلڪ انهن ڏينهن ۾ آءٌ ٻانهي توڙي ٻانهيءَ تي بہ
پنهنجو روح نازل ڪندس،
سي بہ منهنجو پيغام ٻڌائيندا،
ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجا آهن.
19آءٌ مٿي آسمان ۾ عجب جهڙا ڪم
۽ هيٺ زمين تي معجزا ڏيکاريندس،
جهڙوڪ: رت، باهہ ۽ گھاٽو دونهون.
20تڏهن سج ڪاراٽجي ويندو
۽ چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو.
هائو، اهو سڀ مون خداوند جي عظيم
۽ جلويدار ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين ٿيندو.
21ان وقت جيڪو بہ مون خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو،
سو بچي ويندو.‘“
22پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ خدا اوهان جي اڳيان عيسيٰ ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، خدا انهيءَ جي هٿان معجزا، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. 23#مت 27‏:35، مر 15‏:24، لو 23‏:33، يو 19‏:18 خدا جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب عيسيٰ کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو. 24#مت 28‏:5‏-6، مر 16‏:6، لو 24‏:5 پر خدا هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيئرو ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي. 25#زب 16‏:8‏-11 سو دائود اڳ ۾ ئي عيسيٰ جا لفظ لکيا تہ
’مون تو خداوند کي هر وقت پنهنجي اڳيان ڏٺو،
ڇاڪاڻ تہ تون مون سان گڏ آهين،
انهيءَ لاءِ تہ جيئن مون کي ڪو لوڏو نہ اچي.
26تنهنڪري منهنجي دل خوش آهي
۽ منهنجي زبان خوشيءَ سان ڳالهائي ٿي،
بلڪ منهنجو فاني جسم بہ اميد سان ڀريل رهندو.
27يقين اٿم تہ تون منهنجي روح کي
مئلن جي دنيا ۾ ڇڏي نہ ڏيندين،
نڪي پنهنجي پاڪ ٻانهي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.
28تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون آهن،
۽ تون مون کي پنهنجو ديدار ڪرائي
خوشيءَ سان ٽمٽار ڪري ڇڏيندين.‘
29اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي ڏاڏي دائود بابت کُليو کُلايو ٻڌايان ٿو تہ هو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آهي. 30#زب 132‏:11، 2.سم 7‏:12‏-13 هو نبي هو ۽ ڄاتائين ٿي تہ خدا هن سان قسم کڻي انهيءَ ڳالهہ جو واعدو ڪيو هو تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.‘ 31دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنهنڪري هن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي ائين چيو تہ مسيح نڪي مئلن جي دنيا ۾ ڇڏيو ويندو ۽ نہ وري سندس جسم ڳري سڙي ويندو.
32انهيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون. 33هو پنهنجي پيءُ يعني خدا جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان واعدي ڪيل پاڪ روح وٺي هن اهو اسان تي نازل ڪيو آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.
34 # زب 110‏:1 دائود پاڻ آسمان ڏانهن کڄي نہ ويو، سو هو پاڻ بابت نہ ٿو چوي جڏهن هن هيئن چيو تہ
خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ
”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،
35جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي
تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘
36سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو عيسيٰ، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيو، خدا تنهن کي خداوند بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“
37جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني رسولن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“ 38تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي گناهن جي معافيءَ لاءِ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح عطا ڪيو ويندو. 39خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“
40پطرس انهن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي هن بڇڙي زماني کان بچايو.“ 41انهيءَ ڏينهن جن پطرس جي پيغام کي قبول ڪيو، سي بپتسما وٺي ايمان وارن ۾ شامل ٿي ويا. اهي اٽڪل ٽي هزار ماڻهو هئا. 42اهي پنهنجو وقت رسولن کان سکڻ، هڪٻئي جي صحبت ۾ رهڻ، #2‏:42 گڏجي ماني کائڻ هتي ۽ 2‏:46 ۾ گھڻو ڪري گڏجي ماني کائڻ وقت ايمان وارا خداوند عيسيٰ جي يادگيريءَ واري ماني بہ ڀڃي کائيندا هئا. ڏسو لوقا 22‏:19‏-20. گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذارڻ لڳا.
ايمان وارن جي هلت چلت
43جيئن تہ رسولن ڪيترائي معجزا ۽ عجب جهڙا ڪم ڪيا، سو سڀيئي ماڻهو خدا جو خوف ڪرڻ لڳا. 44#رس 4‏:32‏-35 جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو هو، سي سڀ گڏ گذارڻ لڳا ۽ هڪٻئي جي شين ۾ ڀائيوار ٿي رهندا هئا. 45اهي پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي پئسا پاڻ ۾ ورهائيندا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي گھرج آهر ملندو هو. 46اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا. 47هو خدا جي واکاڻ ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. خداوند عيسيٰ ڏينهون ڏينهن ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن جي جماعت ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 2: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in