YouVersion Logo
Search Icon

متي 5

5
ٽڪر تي اُپديش ڏيڻ
(5‏:1‏–7‏:29)
1يسوع وڏو ميڙ ڏسي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ جڏهن اتي ويهي رهيو تہ چيلا سندس چوڌاري مڙي آيا. 2هو کين هي ڳالهيون چوندي سکيا ڏيڻ لڳو.
سچي خوشي
(لوقا 6‏:20‏-23)
3”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن،
ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ انهن جو آهي.
4 # يس 61‏:2 سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن،
ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي تسلي ڏيندو.
5 # زب 37‏:11 سڀاڳا آهن اهي جيڪي تابعدار آهن،
ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو.
6 # يس 55‏:1‏-2 سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن،
ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.
7سڀاڳا آهن اهي جيڪي ٻين تي ديا ڪن ٿا،
ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن تي ديا ڪندو.
8 # زب 24‏:3‏-4 سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا صاف آهن،
ڇاڪاڻ تہ اهي ايشور کي ڏسندا.
9سڀاڳا آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ صلح ڪرائين ٿا،
ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي پنهنجا ٻار سڏيندو.
10 # 1.پط 3‏:14 سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا،
ڇاڪاڻ تہ اهي آڪاش جي راڄ جون آسيسون ماڻين ٿا.
11 # 1.پط 4‏:14 سڀاڳا آهيو اوهين، جو ماڻهو منهنجي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن ٿا، ستائين ٿا ۽ اوهان تي هر قسم جون تهمتون ٿا هڻن، 12#2.توا 36‏:16، سن 7‏:52 ڇو تہ اهڙيءَ طرح ئي سنديش ڏيندڙ سنتن کي بہ ستايو ويو هو. سو بيحد سرها ۽ خوش ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور وٽ اوهان لاءِ وڏو لاڀ آهي.“
لوڻ ۽ روشنيءَ جا مثال
(مرقس 9‏:50، لوقا 14‏:34‏-35)
13”اوهين انسانذات لاءِ لوڻ مثل آهيو. پر جيڪڏهن لوڻ پنهنجي لوڻياٺ ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري لوڻياٺو بڻائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آهي. اهو بيڪار ٿي پوندو، تنهنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويندو.
14 # يو 8‏:12، 9‏:5 جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي سنسار لاءِ روشنيءَ مثل آهيو. 15#مر 4‏:21، لو 8‏:16، 11‏:33 ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي، پر هو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي هر هڪ ڀاتيءَ کي روشني پهچي ٿي. 16#1.پط 2‏:12 ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پتا جي مهما ڪن، جيڪو آڪاش تي آهي.“
ايشور جي نيم بابت سکيا
17”اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ نيم شاستر توڙي پوِتر شاستر جي ٻين لکتن کي رد ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آءٌ انهن کي رد ڪرڻ لاءِ نہ، پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. 18#لو 16‏:17 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڌرتي ۽ آڪاش باقي آهن، تيستائين ايشور جي نيم جو هڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ رد نہ ٿيندو، تان جو سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿي نہ وڃن. 19تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آڪاش جي راڄ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آڪاش جي راڄ ۾ وڏو سڏبو. 20آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيستائين اوهان جي نيڪي نيم شاسترين ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوهين ڪنهن بہ طرح آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“
ڪاوڙ خلاف چتاءُ
21 # خر 20‏:13، 21‏:12، شر 5‏:17 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خون نہ ڪريو‘ ۽ ’جيڪو خون ڪندو سو عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو.‘ 22پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو پئنچائت واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو نرڳ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو. 23تنهنڪري جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجو دان ٻليدان واري جاءِ تي آڻي چاڙهي ۽ اتي ياد پويس تہ سندس ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جو ڏانهس ڪو رنج آهي، 24تہ پنهنجو دان اتي ٻليدان واري جاءِ جي اڳيان ڇڏي پهريائين وڃي انهيءَ کي پرچائي، پوءِ اچي پنهنجو دان چاڙهي.
25جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ کيس ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ هو واٽ تي ئي ان سان ٺاهہ ڪري ڇڏي، متان اهو فريادي کيس جج جي حوالي ڪري ۽ جج وري کيس سپاهيءَ جي حوالي ڪري ۽ هو جيل ۾ وڌو وڃي. 26آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پوءِ اهو ماڻهو جيستائين ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندو تيستائين ڪنهن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندو.“
زنا خلاف چتاءُ
27 # خر 20‏:14، شر 5‏:18 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’زنا نہ ڪريو.‘ 28پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن ناريءَ ڏانهن بري نظر سان ٿو ڏسي، سو پنهنجيءَ دل ۾ ان ناريءَ سان زنا ڪري چڪو. 29#مت 18‏:9، مر 9‏:47 جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي ساڄي اک کيس ڀَٽڪائي وجھي تہ هو اها ڪڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو شرير نرڳ ۾ نہ پوي. 30#مت 18‏:8، مر 9‏:43 جيڪڏهن ڪنهن جو ساڄو هٿ کيس ڀَٽڪائي وجھي تہ هو ان کي وڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو شرير نرڳ ۾ نہ پوي.“
طلاق خلاف چتاءُ
(متي 19‏:9، مرقس 10‏:11‏-12، لوقا 16‏:18)
31 # شر 24‏:1‏-4، مت 19‏:7، مر 10‏:4 ”اهو بہ چيو ويو هو تہ ’جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انهيءَ کي طلاق نامو بہ لکي ڏئي.‘ 32#1.ڪر 7‏:10‏-11 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي زنا جي ڏوهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو هن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ پوءِ جيڪو انهيءَ طلاق ڏنل ناريءَ سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“
قسم کڻڻ خلاف چتاءُ
33 # لاو 19‏:12، ڳا 30‏:2، شر 23‏:21 ”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’پرميشور جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘ 34#يع 5‏:12، يس 66‏:1، مت 23‏:22 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوهين نہ آڪاش جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو ايشور جو تخت آهي، 35#يس 66‏:1، زب 48‏:2 نڪي ڌرتيءَ جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اها ايشور جي پيرن جي صندلي آهي. اوهين نہ يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو وڏي راجا ايشور جو شهر آهي 36۽ نہ وري پنهنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اوهين هڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو. 37پر قسم کڻڻ جي بدران رڳو ’ها‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آهي.“
بدلو وٺڻ خلاف چتاءُ
(لوقا 6‏:29‏-30)
38 # خر 21‏:24، لاو 24‏:20، شر 19‏:21 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘ 39پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو. 40#خر 22‏:26‏-27جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن جي قميص هٿ ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ دعويٰ ڪري تہ هو ان کي پنهنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏي. 41جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي ڪو #5‏:41 بيگر ۾ هڪ ڪلوميٽر انهيءَ دور ۾ رومي سپاهين کي اهو اختيار حاصل هو تہ هو ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تائين بيگر ۾ وزن کڻائي وڃي ٿي سگھيا (ڏسو متي 27‏:32، مرقس 15‏:21 پڻ).بيگر ۾ هڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنهن سان هو ٻہ ڪلوميٽر هليو وڃي. 42جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کان ڪو اڌارو گھري تہ هو کيس انڪار نہ ڪري، بلڪ جيڪڏهن ڪو اوهان کان ڪجھہ مفت گھري تہ بہ انهيءَ کي ڏيئي ڇڏيو.“
دشمنن سان پيار
(لوقا 6‏:27‏-28‏،32‏-36)
43 # لاو 19‏:18 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’پنهنجي دوستن سان پيار ڪر ۽ پنهنجي دشمنن کان نفرت ڪر.‘ 44پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ پرارٿنا ڪريو، 45تہ جيئن اوهان جو پتا، جيڪو آڪاش تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو. 46جيڪڏهن اوهين رڳو انهن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تہ اوهان کي ڪهڙو لاڀ ملندو؟ #5‏:46 ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ٽيڪس اُڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا. 47وري جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن وشواسي ڀائرن ڀينرن جو ڀليڪار ڪريو ٿا تہ اوهان ڪا خاص ڳالهہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇو تہ غير وشواسي بہ ائين ئي ڪن ٿا.
48 # لاو 19‏:2، شر 18‏:13 سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪامل آهي.“

Currently Selected:

متي 5: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy