YouVersion Logo
Search Icon

متي 4

4
يسوع مسيح جي آزمائش
(مرقس 1‏:12‏-13، لوقا 4‏:1‏-13)
1 # عبر 2‏:18، 4‏:15 پوءِ پوِتر آتما يسوع کي رڻ‌پٽ ۾ وٺي ويو تہ جيئن شيطان کيس آزمائي. 2جيئن تہ يسوع چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون وِرت ۾ گذاريو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي هئي. 3سو شيطان هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ روٽيون ٿي پون.“ 4#شر 8‏:3 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي جيوت نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا ايشور چوي ٿو.‘“
5 پوءِ شيطان يسوع کي پوِتر شهر يروشلم ۾ وٺي ويو. هن کي هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري 6#زب 91‏:11‏-12 چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ
’ايشور پنهنجي دوتن کي تو لاءِ حڪم ڪندو،
اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا،
تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“
7 # شر 6‏:16 تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”پوِتر شاستر ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون پرڀوءَ پنهنجي ايشور کي نہ آزماءِ.‘“
8شيطان يسوع کي وري هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ سنسار جا سڀيئي راڄ شان وَ شوڪت سميت ڏيکاريائينس 9۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي هي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏهن تون هيٺ نِوڙي مون اڳيان سيس نوائيندين.“ 10#شر 6‏:13 تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پرڀوءَ پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“
11پوءِ شيطان هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم دوت اچي پهتا ۽ يسوع جي سيوا ڪرڻ لڳا.
يسوع مسيح جو گليل ۾ سيوا وارو ڪم شروع ڪرڻ
(مرقس 1‏:14‏-15، لوقا 4‏:14‏-15)
12 # مت 14‏:3، مر 6‏:17، لو 3‏:19‏-20 جڏهن يسوع ٻڌو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کي جيل ۾ وڌو ويو آهي تڏهن هو گليل علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو. 13#يو 2‏:12 هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي. 14اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ
15 # يس 9‏:1‏-2 ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو
جن وٽان وڏو رستو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو
۽ جيڪو اردن جي اوڀر پاسي تائين
غير قومن وارو گليل آهي،
16اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا،
تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي.
هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا،
تن تي روشني ظاهر ٿي.“
17 # مت 3‏:2 سو انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي سنديش جو پرچار ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“
چئن مهاڻن کي پوئلڳ بڻائڻ
(مرقس 1‏:16‏-20، لوقا 5‏:1‏-11)
18جيئن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون جنهن کي پطرس بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. اهي ٻيئي مهاڻا هئا ۽ ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌائون. 19يسوع انهن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“ 20هو هڪدم پنهنجا ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا.
21هو اتان اڳڀرو ٿيو تہ هن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ هئا. اهي پنهنجي پتا زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رهيا هئا. يسوع انهن کي سڏيو، 22تہ اهي بہ هڪدم ٻيڙيءَ ۽ پنهنجي پتا کي ڇڏي يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا.
عوام جي سيوا ڪرڻ
(لوقا 6‏:17‏-19)
23 # مت 9‏:35، مر 1‏:39 يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو. 24انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. 25سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي هليا، جيڪي گليل ۽ دڪاپلس جي علائقن، يروشلم بلڪ سڄي يهوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر واري علائقي کان آيل هئا.

Currently Selected:

متي 4: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy