YouVersion Logo
Search Icon

متي 6

6
پاکنڊپائيءَ خلاف ڇينڀڻ
(6‏:1‏-18)
1 # مت 23‏:5 ”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اوهان کي پنهنجي آڪاش واري پتا وٽان ڪوبہ لاڀ نہ ملندو.
(دان ۾)
2تنهنڪري جڏهن اوهين ڪنهن کي دان ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن #6‏:2 پاکنڊي ٻين ترجمن ۾ ”رياڪار“ لکيو ويو آهي.پاکنڊي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ بازارن ۾ ڪندا آهن. اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا آهن تہ جيئن ماڻهو انهن جي ساراهہ ڪن. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي. 3جڏهن اوهين دان ڏيو تہ اوهان جي کاٻي هٿ کي اها سڌ نہ پوي تہ ساڄو هٿ ڇا ٿو ڪري، 4تہ جيئن اوهان جو دان ڏيڻ ڳجھو رهي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو.“
(پرارٿنا ۾)
(لوقا 11‏:2‏-4)
5 # لو 18‏:10‏-14 ”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تڏهن پاکنڊين وانگر نہ ٿيو. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي پرارٿنا ڪندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو. 6پر جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پتا آڏو پرارٿنا ڪريو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو.
7اوهين پنهنجي پرارٿنا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير وشواسي ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون پرارٿنائون ڪرڻ ڪري ايشور سندن ٻڌندو. 8سو انهن وانگر نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو پتا اوهان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڇا گھرجي. 9تہ پوءِ هن ريت پرارٿنا ڪريو تہ
’اي اسان جا پتا! تون جيڪو آڪاش تي آهين،
شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي،
10۽ تنهنجو راڄ اچي.
تنهنجي مرضي جيئن آڪاش تي پوري ٿئي ٿي،
تيئن ڌرتيءَ تي بہ ٿئي.
11اسان جي روزانو واري روٽي اڄ اسان کي ڏي.
12اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر،
جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون.
13اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي،
پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي #6‏:13 بڇڙائيءَ کان يا بڇڙي کان يعني شيطان کان.بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘#6‏:13 معمول موجب وشواسي آيت جي آخر ۾ هي جملو چوندا آهن: ”ڇاڪاڻ تہ راڄ، شڪتي ۽ مهانتا هميشہ تنهنجا ئي آهن.“
14 # مر 11‏:25‏-26 سو جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندو. 15پر جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف نہ ڪندو.“
(وِرت ۾)
16”جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پاکنڊين وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن وِرت رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي. 17پر جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو، 18تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پتا جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي وِرت سان سمجھي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي لاڀ ڏيندو.“
ايشور جي ئي ڳولا ۾ رهو
(6‏:19‏-34)
(ايشور وٽ خزانو گڏ ڪرڻ)
(لوقا 12‏:33‏-34)
19 # يع 5‏:2‏-3 ”اوهين هن سنسار ۾ پنهنجي لاءِ خزانو گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباهہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ هڻي چوري ڪن ٿا. 20بلڪ پنهنجو خزانو ايشور وٽ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ ان کي تباهہ ڪري سگھن ٿا ۽ نہ وري چور کاٽ هڻي چورائي سگھن ٿا، 21ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ اوهان جي دل بہ اتي ئي هوندي.“
(ايشور ڏانهن نظر رکڻ)
(لوقا 11‏:34‏-36)
22”اکيون شرير لاءِ ڏيئي مثل آهن. سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جي سڄي شرير اندر روشني هوندي. 23پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي شرير اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“
(ايشور ۽ دولت جي هڪ ئي وقت غلامي ٿي نہ ٿي سگھي)
(لوقا 16‏:13، 12‏:22‏-31)
24”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.
25تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ شرير ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟ 26پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آڪاش وارو پتا انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟ 27ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي جيون جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟
28اوهين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ جھنگ ۾ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن. 29#1.با 10‏:4‏-7، 2.توا 9‏:3‏-6 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو. 30ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي! 31سو اوهين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پهرينداسين؟‘ 32غير وشواسي انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن. 33پر اوهين پهريائين هن جي راڄ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون. 34سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“

Currently Selected:

متي 6: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in