4
يسوع مسيح جي آزمائش
(متي 4:1-11، مرقس 1:12-13)
1-2يسوع اردن درياءَ کان پوِتر آتما سان ڀريل موٽيو ۽ پوِتر آتما جي رهنمائيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن بيابان ۾ گھمندو رهيو، جتي شيطان هن کي آزمايو. انهن ڏينهن ۾ هن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏهن اهي ڏينهن گذري ويا تہ پوءِ هن کي بک لڳي.
3تڏهن شيطان چيس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هن پٿر کي حڪم ڪر تہ روٽي ٿي پوي.“ 4#نيم 8:3 پر يسوع ورندي ڏنس تہ ”پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي ئي جيوت نہ ٿو رهي.‘“
5پوءِ شيطان کيس هڪ مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ هڪ پل ۾ سنسار جا سڀيئي راڄ ڏيکاريائينس. 6شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انهن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس، ڇو تہ اهو مون تي ڇڏيل آهي تہ آءٌ جنهن کي چاهيان تنهن کي ڏيان. 7سو جيڪڏهن تون مون اڳيان سيس نوائيندين تہ اهو سڀ ڪجھہ تنهنجو ٿيندو.“ 8#نيم 6:13 تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“
9تنهن کان پوءِ شيطان کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، 10#زب 91:11 ڇاڪاڻ تہ اهو بہ لکيل آهي تہ ’ايشور پنهنجي دوتن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنهنجي سنڀال ڪندا. 11#زب 91:12 اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ 12#نيم 6:16 پر يسوع کيس وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ ائين بہ چيو ويو آهي تہ ’تون پرميشور پنهنجي ايشور کي نہ آزماءِ.‘“ 13پوءِ جڏهن شيطان يسوع کي هر طرح سان آزمائي چڪو، تڏهن ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس هليو ويو.
يسوع مسيح جو سيوا وارو ڪم شروع ڪرڻ
(متي 4:12-17، مرقس 1:14-15)
14پوءِ يسوع جيڪو پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڀريل هو، سو گليل علائقي ڏانهن موٽيو. سندس هاڪ آسپاس واري سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي. 15هن ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏني ۽ سڀني سندس ساراهہ ڪئي.
ناصرت ۾ يسوع مسيح جي مخالفت
(متي 13:53-58، مرقس 6:1-6)
16 پوءِ هو پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي هئي. #4:16 سبت هفتي جو ستون ڏينهن يعني ڇنڇر يهودين جو خاص ڀڳتيءَ جو ڏينهن هوندو هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“سبت جي ڏينهن تي پنهنجي دستور موجب هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو ۽ پوِتر شاستر پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو. 17کيس سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جو شاستر ڏنو ويو ۽ هن اهو هنڌ کوليو جتي لکيل هو تہ
18 #
يس 61:1-2
”پرميشور مون کي پنهنجي آتما سان ڀري ڇڏيو آهي،
ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ
هن مون کي مخصوص ڪيو آهي.
هن مون کي موڪليو آهي تہ
قيدين جي رهائيءَ،
۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان،
۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،
19۽ اهو بہ اعلان ڪريان تہ
پرميشور جي ڪرپائن جو سال آيو آهي.“
20پوءِ يسوع شاستر بند ڪري موٽائي سيواداريءَ کي ڏنو ۽ پاڻ ويهي رهيو. ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ موجود سڀني جون نظرون هن تي کتل هيون. 21تڏهن هو کين چوڻ لڳو تہ ”اڄ اوهان جي ٻڌندي ئي هيءَ لکت پوري ٿي آهي.“ 22سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا ڪرپا ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“ 23تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘ 24#يو 4:44 سچ پڇو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪنهن بہ سنت جو پنهنجي ديس ۾ قدر نہ ٿو ٿئي. 25#1.راج 17:1 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آڪاش مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي وڌوائون هيون، 26#1.راج 17:8-16 تنهن هوندي بہ ايلياہ کي پنهنجي ڀوڄن لاءِ انهن مان ڪنهن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارپت شهر ۾ رهندڙ هڪ وڌوا وٽ ئي موڪليو ويو. 27#2.راج 5:1-14 ساڳيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت اليشع جي ڏينهن ۾ اسرائيل ملڪ ۾ ڪيترائي ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا هئا، پر انهن مان ڪنهن کي بہ ڇٽائي چڱو ڀلو نہ ڪيو ويو، بلڪ رڳو شام ملڪ جي رهندڙ نعمان کي ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ويو.“ 28تڏهن جيڪي بہ ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ موجود هئا، سي سڀ اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي ڏاڍا ڪاوڙيا. 29هو هڪدم اُٿي کڙا ٿيا ۽ يسوع کي گهلي شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا. پوءِ جنهن ٽڪريءَ تي سندن شهر اڏيل هو، تنهن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ جيئن اتان هيٺ اڇلائينس. 30پر هو انهن جي وچ مان لنگھي هليو ويو.
ڀوت ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(مرقس 1:21-28)
31 ان کان پوءِ يسوع گليل جي شهر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينهن تي ماڻهن کي سکيا ڏيڻ لڳو. 32#مت 7:28-29 سڀيئي ماڻهو هن جي سکيا تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن اختيار سان پئي ڳالهايو. 33ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ هڪ اهڙو ماڻهو بہ هو جنهن تي ڪنهن ڀوت جو پاڇو هو، تنهن وڏي رڙ ڪري چيو تہ 34”اي يسوع ناصري! اسان سان تنهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون ايشور جي هڪ پوِتر هستي آهين.“ 35تنهن تي يسوع کيس دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي سڀني اڳيان هيٺ ڪيرايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ منجھانئس نڪري ويو. 36اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ شڪتيءَ سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“ 37تڏهن آسپاس واري علائقي ۾ جتي ڪٿي يسوع جي هاڪ پئجي ويئي.
گھڻن ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 8:14-17، مرقس 1:29-34)
38يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار هو، سو اُنهيءَ لاءِ کيس وينتي ڪئي ويئي. 39تڏهن يسوع وٽس وڃي بيٺو ۽ بخار کي حڪم ڪيائين تہ اهو کيس ڇڏي ويو. پوءِ هوءَ هڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ هنن جي سيوا ڪرڻ لڳي.
40سج لهڻ مهل ماڻهو انهن سڀني مريضن کي يسوع وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين ۾ ورتل هئا. يسوع انهن مان هر هڪ کي پنهنجو هٿ لاتو تہ اهي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا. 41ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.
ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ پرچار ڪرڻ
(مرقس 1:35-39)
42جڏهن ڏينهن ٿيو تہ يسوع نڪري هڪڙي ويران هنڌ ڏانهن هليو ويو. پر ماڻهن جي ميڙن کيس ڳولي لڌو ۽ روڪيندي چوڻ لڳس تہ ”اسان کي ڇڏي نہ وڃو.“ 43پر هن انهن کي چيو تہ ”مون کي ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ٻين شهرن ۾ بہ ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آهيان.“ 44سو هو سڄي ملڪ جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پرچار ڪندو رهيو.