پوءِ شيطان کيس هڪ مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ هڪ پل ۾ سنسار جا سڀيئي راڄ ڏيکاريائينس. شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انهن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس، ڇو تہ اهو مون تي ڇڏيل آهي تہ آءٌ جنهن کي چاهيان تنهن کي ڏيان. سو جيڪڏهن تون مون اڳيان سيس نوائيندين تہ اهو سڀ ڪجھہ تنهنجو ٿيندو.“ تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“