3
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو پرچار ڪرڻ
(متي 3:1-12، مرقس 1:1-8، يوحنا 1:19-28)
1تبريس نالي رومي قيصر جي حڪومت جو پندرهون سال هو. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ صوبي جو گورنر پنطيس پلاطس هو ۽ گليل صوبي جو حڪمران #3:1 هيروديس انتپاس هي راجا هيروديس اعظم جو پٽ هو.هيروديس انتپاس هو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جي علائقن جو حڪمران هيروديس جو ڀاءُ فلپس هو ۽ ابليني علائقي جو حڪمران لسانياس هو. 2جڏهن تہ حَنا ۽ ڪائفا يهودين جا وڏا سردار ڪاهن هئا. انهن ڏينهن ۾ ايشور جو وچن زڪرياہ جي پٽ يوحنا تي پرگھٽ ٿيو، جيڪو رڻپٽ ۾ رهندو هو. 3سو هو اردن درياءَ جي آسپاس واري سڄي علائقي ۾ ويو ۽ ماڻهن ۾ پرچار ڪرڻ لڳو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوهان کي پنهنجن پاپن جي معافي ملي.“ 4#يس 40:3-5 اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي هيءَ لکت پوري ٿي تہ
”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو.
هائو، هن جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.
5ائين ڪرڻ سان سڀڪا ماٿري ڀرجي پوندي،
۽ هر هڪ جبل ۽ ٽڪري هموار ڪئي ويندي.
هائو، ڏنگا رستا سڌا ٿيندا
۽ کڏن کوٻن واريون واٽون سنئيون ٿينديون.
6تڏهن ئي سڄي انسانذات ايشور جي مڪتي ڏسندي.‘“
7 #
مت 12:34، 23:33 ماڻهن جا جيڪي ميڙ يوحنا کان بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي هن چيو پئي تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟ 8#يو 8:33 انهيءَ لاءِ اوهين وڃي اهڙا ڪم ڪريو جن مان سڌ پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن پاپن تي پڇتايو آهي. اوهين ائين بہ نہ سوچو تہ ’اسين ابرهام جو اولاد آهيون تنهنڪري بچي وينداسين.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور هنن پٿرن مان بہ ابرهام لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. 9#مت 7:19 ياد رکو، هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو.“
10تنهن تي ماڻهن کانئس پڇيو تہ ”پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ 11هن ورندي ڏنن تہ ”جنهن وٽ ٻہ قميصون هجن تہ اهو هڪ انهيءَ کي ڏئي جنهن کي هڪ بہ ڪانهي ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي، سو بہ اهو ورهائي.“ 12#لو 7:29 ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پڻ بپتسما وٺڻ آيا ۽ انهن پڇيس تہ ”اي گرو! اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ 13تنهن تي انهن کي چيائين تہ ”مقرر اگھہ کان وڌيڪ نہ اُڳاڙيو.“ 14سپاهين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنهن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پئسا نہ وٺو، پر پنهنجي پگھار مان پورت ڪريو.“
15هاڻي ماڻهن ۾ جڏهن هڪ آس پيدا ٿيڻ لڳي تڏهن هو يوحنا بابت انهيءَ ويچار ۾ پئجي ويا تہ ”ڇا هي مسيح تہ نہ آهي!“ 16تنهن تي يوحنا انهن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اهو اچڻ وارو آهي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آهيان. اهو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. 17هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. پوءِ هو ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکندو ۽ بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“ 18يوحنا ٻيون بہ ڪيتريون ئي نصيحتون ڪندي ماڻهن کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندو رهيو.
19 #
مت 14:3-4، مر 6:17-18 پوءِ يوحنا هيروديس انتپاس کي ڦٽ لعنت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيوت ئي سندس پتني هيرودياس سان پرڻيو هو ۽ ٻيا بہ ڪيترائي برا ڪم ڪيا هئائين. 20تڏهن هيروديس هڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يوحنا کي کڻي جيل ۾ وڌائين.
يسوع مسيح جو بپتسما وٺڻ
(متي 3:13-17، مرقس 1:9-11)
21هڪڙي دفعي جڏهن سڀني ماڻهن اردن درياءَ ۾ يوحنا کان بپتسما پئي ورتي تڏهن يسوع بہ کانئس بپتسما ورتي. پوءِ اتي بيٺي جيئن ئي پرارٿنا ٿي ڪيائين تہ آڪاش کُلي پيو 22#پيد 22:2، زب 2:7، يس 42:1، مت 3:17، مر 1:11، لو 9:35 ۽ پوِتر آتما ڪبوتر جي روپ ۾ مٿس اچي لٿي. تڏهن آڪاش مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“
يسوع مسيح جا ابا ڏاڏا
(متي 1:1-17)
23جڏهن يسوع پاڻ سکيا ڏيڻ شروع ڪئي، تڏهن سندس عمر اٽڪل ٽيهہ سال هئي. يسوع کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو هو، يوسف پٽ عيليءَ جو هو 24۽ عيلي پٽ متات جو، متات پٽ لاويءَ جو، لاوي پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ ينا جو ۽ ينا پٽ يوسف جو، 25يوسف پٽ متتياہ جو، متتياہ پٽ عاموس جو، عاموس پٽ ناحوم جو، ناحوم پٽ اسلياہ جو ۽ اسلياہ پٽ نوگہ جو، 26نوگہ پٽ ماعت جو، ماعت پٽ متتياہ جو، متتياہ پٽ شمعيءَ جو، شمعي پٽ يوسيخ جو ۽ يوسيخ پٽ يوداہ جو، 27يوداہ پٽ يوحناہ جو، يوحناہ پٽ رسيا جو، رسيا پٽ زربابل جو، زربابل پٽ سيالتيايل جو ۽ سيالتيايل پٽ نيريءَ جو، 28نيري پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ اديءَ جو، ادي پٽ قوسام جو، قوسام پٽ المودام جو ۽ المودام پٽ عير جو، 29عير پٽ يشوع جو، يشوع پٽ اليعزر جو، اليعزر پٽ يوريم جو، يوريم پٽ متات جو ۽ متات پٽ لاويءَ جو، 30لاوي پٽ شمعون جو، شمعون پٽ يهوداہ جو، يهوداہ پٽ يوسف جو، يوسف پٽ يونان جو ۽ يونان پٽ الياقيم جو، 31الياقيم پٽ مليآہ جو، مليآہ پٽ مناہ جو، مناہ پٽ متتاہ جو، متتاہ پٽ ناتن جو ۽ ناتن پٽ دائود جو، 32دائود پٽ يسيءَ جو، يسي پٽ عوبيد جو، عوبيد پٽ بوعز جو، بوعز پٽ سلمون جو ۽ سلمون پٽ نحسون جو، 33نحسون پٽ عمينداب جو، عمينداب پٽ ارنيءَ جو، ارني پٽ حصرون جو، حصرون پٽ فارص جو ۽ فارص پٽ يهوداہ جو، 34يهوداہ پٽ يعقوب جو، يعقوب پٽ اضحاق جو، اضحاق پٽ ابرهام جو، ابرهام پٽ تارح جو ۽ تارح پٽ نحور جو، 35نحور پٽ سروگ جو، سروگ پٽ رعو جو، رعو پٽ فلج جو، فلج پٽ عبر جو ۽ عبر پٽ سِلح جو، 36سِلح پٽ قينان جو، قينان پٽ ارفڪسد جو، ارفڪسد پٽ سِم جو، سِم پٽ نوح جو ۽ نوح پٽ لمڪ جو، 37لمڪ پٽ متوسلح جو، متوسلح پٽ حنُوڪ جو، حنُوڪ پٽ يارد جو، يارد پٽ مهللايل جو ۽ مهللايل پٽ قينان جو، 38قينان پٽ انوس جو، انوس پٽ سيت جو، سيت پٽ آدم جو ۽ آدم ايشور جو پٽ هو.