نحمياہ 8
8
1۽ سڄي قوم يڪ مُشت ٿي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان جيڪو ڪشادو ميدان آهي، تنهن ۾ گڏ ٿي؛ ۽ اُنهن عزرا استاد کي چيو تہ موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب، جنهن جو خداوند اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، سو کڻي اچ. 2۽ عزرا ڪاهن ستين مهيني جي پهرين تاريخ سڄيءَ جماعت جي اڳيان، يعني مردن، توڙي زالن، ۽ جيڪي ٻڌي ۽ سمجهي ٿي سگهيا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آندو. 3۽ جيڪو ڪشادو ميدان پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان هو، اُتي سوير صبح کان وٺي ٻنپهرن تائين مردن، ۽ زالن، ۽ سمجهہ وارن جي اڳيان، اُنهيءَ ڪتاب مان هن پڙهيو؛ ۽ سڀني ماڻهن ڌيان سان ڪن ڏيئي اُهو شريعت جو ڪلام پئي ٻڌو. 4۽ عزرا اُستاد ڪاٺ جي هڪڙي منبر تي اُٿي بيٺو، جو انهيءَ ڪم لاءِ هنن جوڙيو هو؛ ۽ اُن جي پاسي ۾، سڄي پاسي، متتياہ، ۽ سمع، ۽ عناياہ، ۽ اورياہ، ۽ خلقياہ ۽ معسياہ بيٺا؛ ۽ کٻي پاسي، فداياہ، ۽ مساايل، ۽ ملڪياہ، ۽ حاشوم، ۽ حسبدانہ، زڪرياہ، ۽ مسلام بيٺا. 5۽ عزرا سڀني ماڻهن جي اڳيان ڪتاب پڙهيو؛ (ڇالاءِ جو هو سڀني ماڻهن کان مٿي هو؛) ۽ جڏهن هن اهو پٽيو، تڏهن سڀ ماڻهو اُٿي بيٺا: 6۽ عزرا، خداوند، عظيم خدا کي مبارڪ چيو، ۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي، پنهنجا هٿ مٿي کڻي چيو تہ آمين: پوءِ ڪنڌ جهڪائي زمين تي منهن رکي خداوند کي سجدو ڪيائون. 7۽ يشوع، ۽ باني، ۽ سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان، فلاياہ، ۽ لاوين بہ ماڻهن کي شريعت جي سمجهاڻي ڏني: ۽ ماڻهو پنهنجي جاءِ تي بيٺا هئا. 8۽ اُنهن انهيءَ ڪتاب مان، يعني خدا جي شريعت مان، صاف آواز سان پڙهيو؛ ۽ اُنهن انهيءَ جو مطلب بيان ڪري ٻڌايو، جنهنڪري جيڪي پڙهيو ويو، سو هنن سمجهيو. 9۽ نحمياہ، جو ترشاتا هو، سو ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد، ۽ لاوي، جي ماڻهن کي تعليم ڏيندا هئا، تن سڄيءَ قوم کي چيو تہ اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ پاڪ آهي؛ ڪوبہ ڏک نہ ڪريو، نڪي روئو. ڇالاءِ جو جڏهن ماڻهن شريعت جو ڪلام ٻڌو، تڏهن سڀيئي روئڻ لڳا. 10تڏهن هنن انهن کي چيو تہ هليا وڃو، وڃي سڻڀا طعام کائو، ۽ مٺا پاڻي پيئو، ۽ جنهن جي لاءِ ڪجهہ بہ تيار ٿيل نہ آهي، تنهن کي بہ ڪجهہ ڏيو: ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند لاءِ پاڪ آهي: غمگين نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي خوشي اوهان جو زور آهي. 11تڏهن لاوين ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ صبر ڪريو، ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن پاڪ آهي؛ غمگين نہ ٿيو. 12۽ سڀ ماڻهو پنهنجي منهن هليا ويا، تہ وڃي کائن پيئن، ۽ ٻين کي ڪجهہ موڪلين، ۽ گهڻي خوشي ڪن، ڇالاءِ جو جيڪو ڪلام کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجهيو هو.
13ٻئي ڏينهن سڄيءَ قوم جي ابن جي گهراڻن جا رئيس ۽ ڪاهن ۽ لاوي، عزرا استاد وٽ اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ شريعت جون ڳالهيون ڌيان ڏيئي ٻڌن. 14۽ هنن شريعت ۾ لکيل ڏٺو تہ خداوند موسيٰ جي معرفت فرمايو هو تہ ستين مهيني واريءَ عيد تي لانڍين ۾ رهن: 15۽ پنهنجن سڀني شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾، اشتهار ڪن، ۽ پڌرائي ڪرائين، ۽ چون تہ نڪري جبل ڏانهن وڃو ۽ زيتون جون ٽاريون ۽ جهنگلي زيتون جون ٽاريون، ۽ مر جي وڻن جون ٽاريون، ۽ کجيءَ جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جون ٽاريون لانڍين جوڙڻ لاءِ آڻيو، جيئن ڪ لکيل آهي. 16تڏهن ماڻهو نڪري ويا ۽ اُهي کڻي آيا، ۽ پنهنجي لاءِ لانڍيون جوڙيائون، سڀني پنهنجن گهرن جي مٿان، ۽ پنهنجن ايوانن ۾، ۽ خدا جي گهر جي ايوانن ۾، ۽ پاڻيءَ واري دروازي جي ڪشادي ميدان تي، ۽ افرائيم واري دروازي جي ڪشادي ميدان تي لانڍيون جوڙيون. 17۽ جيڪي ماڻهو قيد مان وري نڪري آيا هئا، تن جي سڄي جماعت لانڍيون جوڙيون، ۽ انهن لانڍين ۾ رهڻ لڳا: ڇالاءِ جو يشوع بن نون جي ڏينهن کان وٺي انهيءَ ڏينهن تائين بني اسرائيل ائين نہ ڪيو هو. ۽ ڏاڍي خوشي ٿي. 18روز بروز، پهرين ڏينهن کان وٺي پوئين ڏينهن تائين، هو خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهندو هو. ۽ هنن ست ڏينهن برابر عيد ڪئي؛ ۽ اٺين ڏينهن، دستور موجب هنن هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي.
Currently Selected:
نحمياہ 8: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.