نحمياہ 9
9
1هاڻي انهيءَ مهيني جي چوويهين تاريخ بني اسرائيل روزو رکي، ۽ کٿا ڍڪي، ۽ پاڻ تي مٽي وجهي اچي گڏ ٿيا. 2۽ اسرائيل جي نسل وارن پاڻ کي ٻين سڀني غير قومن کان ڌار ڪيو، ۽ بيهي پنهنجا گناهہ ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جا ڏوهہ قبول ڪرڻ لڳا. 3۽ هنن پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جو ڪتاب ڏينهن جي هڪڙي پهر تائين پڙهيو؛ ۽ ٻئي پهر ۾ هنن پنهنجا گناهہ قبول ڪيا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪيائون. 4تنهن کانپوءِ يشوع، ۽ باني، قدمي ايل، سبنياہ، بني، سربياہ، باني، ۽ ڪنعاني، لاوين جي ڏاڪڻ تي اُٿي بيٺا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان وڏي سڏ دانهون ڪيائون. 5تنهن کانپوءِ لاوين، يعني يشوع، ۽ قدمي ايل، باني، حسبنياہ، سربياہ، هودياہ، سبنياہ، ۽ فتحياہ چيو تہ اُٿي بيهو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي هميشہ کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ چئو: تہ شل تنهنجو سڳورو نالو مبارڪ هجي، جو سڀ حمد ۽ تعريف کان اعليٰ آهي. 6تون ئي تون خدا آهين: تو آسمان، ۽ آسمانن جو آسمان، اُن جي سڄي لشڪر سميت، ۽ زمين ۽ ٻيون جيڪي شيون اُتي آهن، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي، سو سڀ تو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني کي تون ئي قائم رکين ٿو؛ ۽ آسمان جو لشڪر توکي سجدو ڪري ٿو. 7تون ئي خداوند خدا آهين، جنهن ابرام کي پسند ڪيو، ۽ جنهن کي تو ڪسدين جي اور مان ڪڍي آندو، ۽ انهيءَ کي ابرهام جو نالو ڏنو؛ 8۽ هن جي دل تو پنهنجي اڳيان سچي ڏٺي، ۽ هن سان اهو عهد اقرار ڪيو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ جرجاسين جي زمين انهيءَ جي اولاد کي ڏيندين ۽ تو پنهنجو انجام پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو تون سچو آهين. 9۽ تو اسانجن ابن ڏاڏن جي مصيبت ڏٺي ۽ ڳاڙهي سمنڊ وٽ تو هنن جي دانهن ٻڌي؛ 10۽ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، ۽ سندس ملڪ جي سڀني ماڻهن تي تو نشان ۽ عجيب ڪم ڏيکاريا؛ ڇالاءِ جو توکي خبر هئي تہ هو انهن سان مغروريءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي. 11۽ تو اُنهن جي اڳيان سمنڊ چيريو، جنهنڪري هو سمنڊ جي وچان سڪي زمين تان لنگهيا؛ ۽ هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي تو ائين اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇلائبو آهي. 12تنهن کانسواءِ تون انهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ سان وٺي هلئين؛ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ سان، انهيءَ لاءِ تہ جنهن رستي تي اُنهن کي هلڻو هجي، انهيءَ تي هنن کي روشنائي ڏين. 13تون سينا جبل تي بہ آئين، ۽ تو انهن سان آسمان مان ڳالهايو، ۽ انهن کي چڱا فيصلا ۽ سچا قاعدا، عمدا قانون ۽ حڪم ڏنا: 14۽ تو پنهنجو پاڪ سبت انهن کي ڄاڻايو، ۽ پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي هٿان هنن کي حڪم، ۽ قاعدا، ۽ شريعت ڏني. 15۽ هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو آسمان مان هنن کي ماني ڏني، ۽ اُنهن جي اُڃ لاهڻ لاءِ هنن جي واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍي آندو، ۽ هنن کي حڪم ڏنو تہ اُنهيءَ زمين جي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃن، جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ تو قسم کنيو هو. 16پر هنن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن مغروريءَ سان هلت ڪئي، ۽ پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ تنهنجا حڪم نہ ٻڌائون، 17۽ انهن جي مڃڻ کان انڪار ڪيائون، ۽ جيڪي عجيب ڪم تو هنن ۾ ڪيا سي هنن ياد نہ ڪيا؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ باغي ٿي هڪڙو سردار مقرر ڪيائون، تہ موٽي پنهنجي ٻانهپ ۾ وڃي پون: پر تون اهڙو خدا آهين جو بخشڻ لاءِ تيار، ۽ مهربان، ۽ رحم ڀريو، ۽ ڪاوڙ ۾ ڍرو، ۽ گهڻي رحم وارو آهين، ۽ تو هنن کي ڦٽو ڪري ڇڏي نہ ڏنو. 18هائو، جڏهن هنن پنهنجي لاءِ پلٽيل گابو جوڙيو، ۽ چوڻ لڳا تہ اهو اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ وڏا ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون؛ 19تڏهن بہ تو پنهنجي نهايت گهڻي رحم جي ڪري، هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو: اهو ڪڪر جو ٿنڀو ڏينهن جو هنن کي رستي ڏيکارڻ کان ڇڏي هليو نہ ويو؛ نڪي باهہ جو ٿنڀو جنهن رستي تي هنن کي هلڻو هو، تنهن جي ڏيکارڻ ۽ روشنائي ڪرڻ کان هنن کي ڇڏي ويو. 20تو هنن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو چڱو روح بہ ڏنو، ۽ هنن جي وات کان من بہ بند ڪري نہ ڇڏيو، ۽ اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن کي پاڻي ڏنو. 21هائو، چاليهہ سال برابر تو هنن کي بيابان ۾ پاليو، ۽ هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهرج نہ ٿي؛ هنن جا ڪپڙا پراڻا نہ ٿيا، ۽ هنن جا پير نہ سُڄيا. 22تنهن کانسواءِ تو هنن کي بادشاهتون، ۽ قومون ڏنيون، جي تو هنن کي حصن موجب ورهائي ڏنيون: جنهنڪري هنن کي سيحون جو ملڪ، يعني حسبون جي بادشاهہ جو ملڪ، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو ملڪ، ورثي ۾ مليو. 23هنن جو اولاد بہ تو آسمان جي تارن جيترو وڌايو، ۽ هنن کي اُنهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي نسبت ۾ تو هنن جي ابن ڏاڏن کي چيو تہ وڃي اُهو پنهنجي قبضي ۾ آڻيو. 24تڏهن انهن جو اولاد ويو ۽ اُهو ملڪ وڃي هٿ ڪيائون، ۽ تو انهن جي اڳيان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي، يعني ڪنعانين کي، شڪست ڏني، ۽ انهن کي سندن بادشاهن ۽ ملڪ جي ماڻهن سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنو، تہ جيئن وڻين تيئن هنن سان ڪن. 25۽ هنن قلعن وارا شهر ورتا، ۽ ڀلي زمين، ۽ هر قسم جي شين سان ڀريل گهر، ۽ ٽڪيل حوض، ۽ انگورن ۽ زيتونن جا باغ، ۽ بيشمار ميوي دار وڻ هٿ ڪيائون: انهيءَ طرح هنن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٿلها متارا ٿيا، ۽ تنهنجيءَ وڏي ڀلائيءَ جي ڪري ڏاڍا سرها ٿيا. 26انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون. 27تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو. 28پر جڏهن هنن کي آرام آيو، تڏهن وري بہ هو تنهنجي اڳيان بڇڙائي ڪرڻ لڳا: تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمن جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو، جي مٿن غالب ٿيا: انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو موٽيا، ۽ تو وٽ دانهون ڪيائون، تڏهن تو اُهي آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ ڪيترائي دفعا تو پنهنجي گهڻي رحم سان هنن کي ڇڏايو؛ 29۽ کين خبردار ڪيو، تہ تون کين پنهنجي شريعت ڏانهن موٽائي آڻين: انهيءَ هوندي بہ هو مغروريءَ سان هليا، ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون پر تنهنجن فيصلن جي برخلاف گناهہ ڪيائون، (جن تي جيڪڏهن انسان تعميل ڪري تہ اُنهن جي ڪري جيئندو رهي)، ۽ هنن پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ ٻڌڻ نہ گهريائون. 30انهيءَ هوندي بہ گهڻائي سال تون سندن برداشت ڪندو رهين، ۽ تو پنهنجي روح سان پنهنجن نبين جي وسيلي، هنن جي برخلاف شاهدي پئي ڏني: تڏهن بہ هنن ڪَن نہ ڏنو: تنهنڪري تو هنن کي انهن ملڪن جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو. 31پوءِ بہ پنهنجي بي انداز رحمت سان تو هنن کي اصل نيست نابود نہ ڪري ڇڏيو، نڪي هنن کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو تون فضل ۽ رحم وارو خدا آهين. 32تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي. 33انهيءَ هوندي بہ جيڪي اسان تي آيو آهي، تنهن جي ڪري تون انصاف وارو آهين؛ ڇالاءِ جو تون سچائيءَ سان هليو آهين، پر اسان بڇڙا ڪم ڪيا آهن: 34نڪي اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، اسانجن ڪاهنن، نڪي اسانجن ابن ڏاڏن، تنهنجي شريعت تي عمل ڪيو آهي، ۽ نہ تنهنجا حڪم، ۽ تنهنجون شاهديون ٻڌيون اٿن، جن سان تو هنن جي برخلاف شاهدي ڏني. 35ڇالاءِ جو هنن پنهنجيءَ بادشاهت ۾، ۽ جيڪو وڏو احسان تو هنن سان ڪيو، ۽ جا وڏي ۽ پيدائش واري زمين تو هنن کي ڏني، تنهن هوندي بہ هنن تنهنجي عبادت نہ ڪئي، ۽ نہ هو پنهنجن بڇڙن ڪمن کان باز آيا. 36ڏس، اڄ اسين غلام آهيون، ۽ جيڪا زمين تو اسان جي ابن ڏاڏن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ اُنهيءَ جو ڦر ۽ انهيءَ مان جيڪي شيون پيدا ٿين سي کائين، تنهن ۾ اسين غلام آهيون. 37۽ اُها زمين انهن بادشاهن کي گهڻو فائدو ٿي ڏئي، جن کي تو اسان جن گناهن سبب اسان تي مقرر ڪيو آهي: هنن کي تو اسانجن جسمن تي ۽ اسان جي چوپائي مال تي اختيار ڏنو آهي، تہ جيئن وڻين تيئن ڪن، ۽ اسين ڏاڍيءَ مصيبت ۾ آهيون. 38۽ انهن سڀني ڳالهين جي ڪري اسين پڪو عهد اقرار ٿا ڪريون، ۽ لکي ٿا ڏيون: ۽ اسان جا امير، ۽ اسان جا لاوي، ۽ اسان جا ڪاهن، انهيءَ تي مهر ٿا هڻن.
Currently Selected:
نحمياہ 9: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.