YouVersion Logo
Search Icon

نحمياہ 10

10
1هاڻي جن مهر هنئي هئي سي هئا، نحمياہ بن حڪلياہ جو حاڪم هو، ۽ صدقياہ؛ 2سراياہ، عزرياہ، يرمياہ؛ 3فشحور، امرياہ، ملڪياہ؛ 4حطوش، سبنياہ، ملوڪ؛ 5حارم، مريموت، عبدياہ؛ 6داني ايل، جنتون، باروڪ؛ 7مسلام، ابياہ، ميامين؛ 8معزياہ، بلجي، سمعياہ: اهي هئا ڪاهن. 9۽ لاوي هي هئا: يشوع بن ازيناہ، بنوي، جو حنداد جي پٽن مان هو، ۽ قدمي ايل؛ 10۽ انهن جا ڀائر، سبنياہ، هودياہ، قليطا؛ فلاياہ، حنان؛ 11ميڪا، رحوب، حسابياہ؛ 12زڪور، سربياہ، سبنياہ؛ 13هودياہ، باني، بنينو. 14قوم جا سردار: پرعوس، پخت موآب، عيلام، زتو، باني؛ 15بني، عزجاد، ببي؛ 16ادونياہ، بگوي، عدين؛ 17اطير، حزقياہ، عزور؛ 18هودياہ، حاشوم، بضي؛ 19خاريف، عنتوت، نوبي؛ 20مگفيعاس، مسلام، حزير؛ 21مشيزبيل، صدوق، يدوع؛ 22فلطياہ، حنان، عناياہ؛ 23هوسيع، حننياہ، حسوب؛ 24هلوحيس، فلحا، سوبيق؛ 25رحوم، حسبناہ، معسياہ؛ 26اخياہ، حنان، عنان؛ 27ملوڪ، حارم، بعناہ. 28۽ باقي ٻيا ماڻهو، ڪاهن، لاوي، دربان، ڳائڻ وارا، نتينيم، ۽ اُهي سڀ جن پاڻ کي خدا جي شريعت لاءِ اُنهن ملڪن جي قومن کان ڌار ڪيو هو، سندن زالون، سندن پٽ ۽ سندن ڌيئرون، اُهي سڀ جن کي عقل ۽ علم هو؛ 29اُهي پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿيا، ۽ لعنت، ۽ قسم ۾ شامل ٿيا، تہ خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جا خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏني هئي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي سڀني حڪمن، ۽ فيصلن ۽ قاعدن کي مڃينداسين ۽ انهن تي هلنداسين؛ 30۽ اسين هن ملڪ جي ماڻهن کي پنهنجون ڌيئون نہ ڏينداسين، ۽ نہ هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ وٺنداسين: 31۽ جيڪڏهن هن ملڪ جون قومون، ڪي بہ شيون، يا ڪي بہ طعام، سبت جي ڏينهن وڪڻڻ ايندا، تہ اسين سبت جي ڏينهن يا ٻئي ڪنهن سڳوري ڏينهن اُهي خريد نہ ڪنداسين: ۽ اسين ستون سال، ۽ سڀ قرض جي ڪوشش، ڇڏي ڏينداسين. 32اسان پنهنجي لاءِ قانون بہ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تہ هر سال پنهنجي خداوند جي گهر جي خدمت لاءِ پنهنجي مال مان شيڪل جي ٽين پتي ڏينداسين؛ 33يعني نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ هميشہ جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ لاءِ، سبت جي ڏينهن، ۽ نئين چنڊ تي، مقرر عيدن لاءِ، ۽ پاڪ شين لاءِ، ۽ اسرائيل جو ڪفارو ڪرڻ واسطي گناهہ جي قربانين لاءِ، ۽ اسان جي خدا جي گهر جي هر قسم جي ڪم لاءِ. 34۽ اسان يعني ڪاهنن، لاوين، ۽ باقي قوم ڪُڻا وڌا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاٺين جي قرباني، سال بسال ٺهرايل وقتن تي پنهنجن ابن جي گهراڻن موجب پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻيون، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي ساڙيون، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي: 35۽ پنهنجيءَ زمين جي پهرين پيدائش، ۽ هر قسم جي وڻن جي ميون مان پهريان ميوا، سال بسال خداوند جي گهر ۾ آڻيون: 36پنهنجن پٽن ۽ پنهنجي چوپائي مال مان پهريان ڄاول بہ، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي، ۽ پنهنجن ڌڻن ۽ گلن جا پهريان ڄاول ڦر بہ، پنهنجي خدا جي گهر ۾، اُنهن ڪاهنن وٽ آڻيون، جي اسان جي خدا جي گهر ۾ خدمت ٿا ڪن: 37۽ اسين پنهنجي ڳوهيل اٽي جي پهرين مُٺ، پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون، ۽ هر قسم جي وڻن جو ميوو، شراب ۽ تيل، ڪاهنن وٽ، پنهنجي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾ آڻينداسين؛ ۽ پنهنجي زمين جي پيدائش جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسين: ڇالاءِ جو اسانجن پوک وارن سڀني شهرن ۾ لاوي ڏهون حصو وٺندا آهن. 38۽ ڪاهن، جو هارون جو پٽ آهي، سو لاوين جي ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت ساڻن حاضر رهندو: ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو، اسان جي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾، خزاني جي گهر ۾ آڻيندا. 39ڇالاءِ جو بني اسرائيل، ۽ بني لاوي اَن ۽ شراب، ۽ تيل جي کڻڻ واري قرباني ڪوٺين ۾ آڻيندا، جتي پاڪ مڪان جا باسڻ، ۽ خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا آهن: ۽ اسين پنهنجي خدا جو گهر ڇڏي نہ ڏينداسين.

Currently Selected:

نحمياہ 10: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in