YouVersion Logo
Search Icon

نحمياہ 7

7
1هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن ڀت جُڙي تيار ٿي، ۽ مون در بيهاريا؛ ۽ دربان، ۽ ڳائيندڙ، لاوي مقرر ٿي ويا، 2تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حناني، ۽ قلعي جي حاڪم حننياہ کي يروشلم حوالي ڪري ڏنو: ڇالاءِ جو هو ايماندار ماڻهو هو ۽ گهڻن ماڻهن کان وڌيڪ خدا ترس هو. 3۽ مون هنن کي چيو تہ جيستائين اُس تيز نہ ٿئي، تيستائين يروشلم جا در نہ پٽجو؛ ۽ جيستائين هو پهري تي بيٺل هجن، تيستائين در بند رهن، ۽ انهن کي تاڙيون لڳل هجن: ۽ يروشلم جي رهاڪن مان پهري وارا مقرر ڪريو، جيئن سڀڪو پنهنجو پنهنجو پهرو ڏئي، ۽ سڀڪو پنهنجي گهر جي سامهون هجي. 4هاڻي شهر ڪشادو ۽ وڏو هو: پر انهيءَ ۾ ماڻهو ٿورا هئا ۽ گهر جڙيل نہ هئا. 5۽ منهنجي خدا منهنجي دل ۾ وڌو تہ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ ماڻهن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ هو نسب نامي موجب شمار ٿين. ۽ مون انهن جي نسب نامي جو ڪتاب لڌو، جي پهرين آيا هئا ۽ انهيءَ ۾ مون لکيل ڏٺو: 6تہ پرڳڻي جا ماڻهو هي آهن، جي قيد ۾ کڄي ويل ماڻهن مان موٽي آيا هئا، جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر کڻي ويو هو، ۽ جيڪي پوءِ موٽي يروشلم ۽ يهوداہ ۾ آيا، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ ويو؛ 7جي زربابل، يشوع، نحمياہ، عزرياہ، رعمياہ، نحماني، مردڪئي، بلشان، مسفرت، بگوي، نحوم، ۽ بعنہ سان آيا هئا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد: 8بني پرعوس، ٻہ هزار هڪ سؤ ٻاهتر. 9بني سفطياہ، ٽي سؤ ٻاهتر. 10بني ارخ، ڇهہ سؤ ٻاونجاهہ. 11بني پخت موآب، جي يشوع ۽ يوآب جي اولاد مان هئا، ٻہ هزار اٺ سؤ ارڙهن. 12بني عيلام، هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ. 13بني زتو، اٺ سؤ پنجيتاليهہ. 14بني زڪي، ست سؤ سٺ. 15بني بنوي، ڇهہ سؤ اٺيتاليهہ. 16بني ببي، ڇهہ سؤ اٺاويهہ. 17بني عزجاد، ٻہ هزار ٽي سؤ ٻاويهہ. 18بني ادونقام، ڇهہ سؤ ستهٺ. 19بني بگوي ٻہ هزار ستهٺ. 20بني عدين، ڇهہ سؤ پنجونجاهہ. 21بني اطير، حزقياہ جي اولاد مان، اٺانوي. 22بني حشوم، ٽي سؤ اٺاويهہ. 23بني بضي، ٽي سؤ چوويهہ. 24بني خارف، هڪ سؤ ٻارنهن. 25بني جبعون، پنجانوي. 26بيت الحم ۽ نطوفہ جا ماڻهو، هڪ سؤ اٺاسي. 27عنتوت جا ماڻهو، هڪ سؤ اٺاويهہ. 28بيت عزماوت جا ماڻهو، ٻائيتاليهہ. 29قريت يعريم، ڪفيرہ ۽ بيروت جا ماڻهو، ست سؤ ٽيتاليهہ. 30رامہ ۽ جبعہ جا ماڻهو، ڇهہ سؤ ايڪيهہ. 31مڪماس جا ماڻهو، هڪ سؤ ٻاويهہ. 32بيت ايل ۽ عيءَ جا ماڻهو، هڪ سؤ ٽيويهہ. 33ٻئي نبوءَ جا ماڻهو، ٻاونجاهہ. 34ٻئي عيلام جو اولاد هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ. 35بني حارم، ٽي سؤ ويهہ. 36بني يريحو، ٽي سؤ پنجيتاليهہ. 37لود ۽ حاديد ۽ اونو جو اولاد، ست سؤ ايڪيهہ. 38بني سناآہ، ٽي هزار نوَ سؤ ٽيهہ. 39ڪاهن: بني يدعياہ، يشوع جي گهراڻي مان، نوَ سؤ ٽيهتر. 40بني امير، هڪ هزار ٻاونجاهہ. 41بني فشحور، هڪ هزار ٻہ سؤ ستيتاليهہ. 42بني حارم، هڪ هزار سترهن. 43لاوي: يعني يشوع، ۽ قدمي ايل وارا، بني هوداوہ، چوهتر. 44ڳائڻ وارا: بني آسف، هڪ سؤ اٺيتاليهہ. 45دربان: بني سلوم، بني اطير، بني طلمون، بني عقوب، بني خطيطا، بني سوبي، هڪ سؤ اٺٽيهہ. 46نتينيم: بني ضيحا، بني حسوفا، بني طبعوت؛ 47بني قروس، بني سيحا، بني فدون؛ 48بني لبانہ، بني حجابہ، بني شلمي؛ 49بني حنان، بني جديل، بني حجار؛ 50بني رياياہ، بني رصين، بني نقودا؛ 51بني جزام، بني عزا، بني فاسخہ؛ 52بني بسي، بني معونيم، بني نفوشسيم؛ 53بني بقبوق، بني حقوفہ، بني حرحور؛ 54بني بضليت، بني محيدا، بني حرشا؛ 55بني برقوس، بني سيسرا، بني تامح؛ 56بني نضياہ، بني خطيفا. 57سليمان جي نوڪرن جو اولاد؛ بني سوتي، بني سوفرت، بني فريدا؛ 58بني يعلہ، بني درقون، بني جديل؛ 59بني سفطياہ، بني خطيل، بني فوڪرت ضبائم، بني امون. 60ڪل نتينيم ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد، ٽي سؤ ٻيانوي هئا. 61۽ جيڪي تل ملحہ، تل حرسا، ڪروب، ادون ۽ امير مان مٿي ويا، سي اهي هئا پر اُهي ثابت نہ ڪري سگهيا تہ سندن ابن جا گهراڻا يا سندن اولاد اسرائيل مان آهن يا نہ: 62بني دلاياہ، بني طوبياہ، بني نقودا، ڇهہ سؤ ٻائيتاليهہ. 63۽ ڪاهنن مان: بني حباياہ، بني هقوص، بني برزلي، جنهن برزلي جلعاديءَ جي هڪڙي ڌيءَ پرڻي هئي ۽ انهن جي نالي پٺيان سڏبو هو. 64انهن پنهنجي داخلا اُنهن ۾ ڳولي، جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، پر اُها ان ۾ نہ لڌي: تنهنڪري اُهي ناپاڪ سمجهيا ويا ۽ ڪهانت کان برطرف ڪيا ويا. 65۽ اُنهن کي چيائون تہ اوهان کي پاڪ ترين شين مان نہ کائڻ کپي، جيسين ڪ ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان نہ بيهي. 66ڪل جماعت جملي ٻائيتاليهہ هزار ٽي سؤ سٺ هئي. 67اُنهن کانسواءِ سندن ٻانها ۽ سندن ٻانهيون، جي ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ هئا: ۽ هنن وٽ ٻہ سؤ پنجيتاليهہ ڳائيندڙ مرد ۽ ڳائيندڙ زالون هيون. 68انهن جا گهوڙا، ست سؤ ڇٽيهہ هئا؛ اُنهن جا خچر، ٻہ سؤ پنجيتاليهہ؛ 69انهن جا اُٺ، چار سؤ پنجٽيهہ؛ انهن جا گڏهہ، ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ. 70۽ ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪن ڪم جي لاءِ نذرانا ڏنا. ترشاتا، خزاني ۾ سون جا هڪ هزار درهم، پنجاهہ ٿالهيون، پنج سؤ ٽيهہ ڪاهنن جون پوشاڪون ڏنيون. 71۽ ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪن ڪم جي خزاني ۾ سون جا ويهہ هزار درهم ۽ چانديءَ جا ٻہ هزار ٻہ سؤ مَنا ڏنا. 72۽ باقي ٻين ماڻهن جيڪي ڏنو سو هو ويهہ هزار درهم سون جا ۽ ويهہ هزار مَنا چانديءَ جا ۽ ستهٺ ڪاهنن جون پوشاڪون. 73انهيءَ طرح ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا، ۽ ماڻهن مان ڪي، ۽ نتينيم، ۽ سڀ اسرائيلي، پنهنجن شهرن ۾ رهڻ لڳا.
۽ جڏهن ستون مهينو آيو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجن شهرن ۾ هئا.

Currently Selected:

نحمياہ 7: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in