نحمياہ 2
2
1۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال ۾، نيسان مهيني ۾، هيئن ٿيو تہ جڏهن شراب هن جي اڳيان هو، تڏهن مون شراب کڻي بادشاهہ کي ڏنو. هاڻي آءٌ اڳي ڪڏهن بہ سندس حضور ۾ غمگين نہ ٿيو هوس. 2تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو چهرو ڇو غمگين آهي، جيتوڻيڪ تون بيمار نہ آهين؟ هي دل جي ڏک کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي. تڏهن آءٌ ڏاڍو ڊنس. 3۽ مون بادشاهہ کي چيو تہ شل بادشاهہ سدائين سلامت هجي: منهنجو چهرو ڇو نہ غمگين ٿئي، جڏهن اهو شهر، جنهن ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، سو ويران ٿي ويو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙي ويا آهن؟ 4تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ تڏهن مون آسمان جي خدا کان دعا گهري. 5۽ بادشاهہ کي چيم تہ جي بادشاهہ جي مرضي هجي، ۽ جي تنهنجي ٻانهي تنهنجي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، تہ تون مون کي يهوداہ ۾ موڪلي ڏي، تہ جنهن شهر ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، انهيءَ کي وڃي اڏايان. 6تڏهن بادشاهہ مون کي چيو (انهيءَ مهل ملڪہ بہ سندس ڀرسان ويٺي هئي) تہ تنهنجي مسافري ڪيترو وقت هلندي؟ ۽ تون ڪڏهن موٽندين؟ پوءِ بادشاهہ راضي ٿيو، ۽ مون کي موڪل ڏنائين؛ ۽ مون هن کي وقت مقرر ڪري ٻڌايو. 7تنهن کانسواءِ مون بادشاهہ کي چيو، تہ بادشاهہ مهرباني فرمائي مون کي نديءَ جي هن ڀر وارن حاڪمن ڏانهن پروانا ڏئي، تہ هو مون کي لنگهڻ ڏين، جيستائين ڪ آءٌ يهوداہ ۾ وڃي پهچان؛ 8۽ هڪڙو خط آسف بادشاهہ جي ٻيلي جي نگهبان ڏانهن ڏئي، تہ هو مون کي ڪاٺ ڏئي، تہ جيڪو قلعو گهر سان تعلق ٿو رکي، تنهن جي دروازن جا ۽ شهر جي ڀت جا، ۽ انهيءَ گهر جا شهتير جوڙيان، جنهن ۾ آءٌ وڃڻو آهيان. تڏهن، ڇالاءِ جو منهنجي خدا جو مون تي چڱائيءَ لاءِ هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪيو. 9پوءِ آءٌ نديءَ جي هن ڀر وارن حاڪمن وٽ آيس، ۽ بادشاهہ جا پروانا ڏنامان. هاڻي بادشاهہ مون سان لشڪر جا سردار، ۽ گهوڙي سوار موڪليا هئا. 10۽ جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ آيو هو. 11پوءِ آءٌ يروشلم ۾ آيس، ۽ ٽي ڏينهن اتي هوس. 12۽ رات جو آءٌ اُٿيس، ۽ ڪي ٻيا ٿورا ماڻهو بہ مون سان هئا؛ مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجي دل ۾ يروشلم جي اڏائڻ لاءِ ڇا وڌو آهي: جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هوس، تنهن کانسواءِ ڪو ٻيو وهٽ بہ مون سان ڪونہ هو. 13۽ آءٌ رات جو واديءَ واري دروازي کان نڪري، ٻاهر ازدها واري کوهہ، ۽ ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويس، ۽ يروشلم جون ڀتيون، جي ڀڳيون ڊٺيون پيون هيون، ۽ اُن جا دروازا، جي باهہ سان سڙيا پيا هئا، سي ڏٺم. 14تڏهن آءٌ چشمي واري دروازي ۽ بادشاهہ جي ڍنڍ ڏانهن وڌي ويس: پر جيڪو وهٽ منهنجي هيٺان هو، تنهن جي لنگهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي. 15پوءِ آءٌ رات جو چڙهي نهر جي پاسي کان ويس، ۽ ڀت ڏٺم، ۽ اتان موٽي واديءَ واري دروازي کان اندر گهڙي، وري هليو آيس. 16۽ حاڪمن کي اها خبر ڪانہ پيئي تہ آءٌ ڪيڏانهن ويس، ۽ ڇا ڪيم: ۽ نہ اها ڳالهہ مون يهودين کي، يا ڪاهنن کي يا اميرن کي يا حاڪمن کي، يا ٻين ڪم ڪندڙن کي ٻڌائي هئي. 17تڏهن مون هنن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو بڇڙو حال آهي ۽ ڪيئن يروشلم ويران ٿيو پيو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙيا پيا آهن: اچو تہ يروشلم جي ڀت اڏيون، تہ اڳتي خوار خراب نہ ٿيون. 18۽ مون هنن کي ٻڌايو تہ منهنجي خدا جو هٿ مون تي چڱائيءَ لاءِ آهي؛ ۽ جيڪي بادشاهہ مون کي چيو هو سو بہ ٻڌايومان. تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي اڏايون. انهيءَ طرح هنن انهيءَ چڱي ڪم لاءِ پنهنجا هٿ مضبوط ڪيا. 19پر جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، ۽ جشم عربي، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کلون ۽ ٺٺوليون ڪيائون، ۽ اسان کي ڌڪارڻ لڳا، ۽ چيائون تہ هي ڪهڙو ڪم آهي جو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين بادشاهہ کان باغي ٿيندا ڇا؟ 20تڏهن مون هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ آسمان جو خدا اسان کي ڪامياب ڪندو؛ تنهنڪري اسين سندس ٻانها اُٿي اڏينداسين: پر اوهان جو يروشلم ۾ نڪو حصو آهي، نہ حق، نہ يادگار.
Currently Selected:
نحمياہ 2: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.