نحمياہ 3
3
1تڏهن الياسب سردار ڪاهن پنهنجي ڀائرن ڪاهنن سميت اُٿيو، ۽ انهن رڍن وارو دروازو جوڙيو؛ ۽ هنن انهيءَ کي پاڪ ڪيو، ۽ انهيءَ جا در کڙا ڪيائون؛ همياہ جي ٺلهہ، بلڪ حنن ايل جي ٺلهہ تائين انهيءَ کي پاڪ ڪيائون. 2۽ انهيءَ جي پاسي کان، يريحو جي ماڻهن اڏڻ جو ڪم ڪيو. ۽ انهن جي پاسي کان زڪور بن امريءَ اڏڻ جو ڪم ڪيو. 3۽ مڇيءَ وارو دروازو، هسناہ جي پٽن جوڙيو؛ هنن انهيءَ تي ڪامون رکيون، ۽ انهيءَ جا طاق کڙا ڪيائون، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائون. 4۽ انهن جي پاسي کان مريموت بن اورياہ بن هقوص مرمت ڪئي. ۽ انهن جي پاسي کان مسلام بن برڪياہ بن مشيزبيل مرمت جو ڪم ڪيو. ۽ انهن جي پاسي کان صدوق بن بعنہ مرمت جو ڪم ڪيو. 5۽ انهن جي پاسي کان تقوعين مرمت جو ڪم ڪيو؛ پر انهن جي اميرن پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪم ۾ پنهنجا ڪنڌا نہ وڌا. 6۽ پراڻي دروازي جي مرمت يهويدع بن فاسيخہ، ۽ مسلام بن بسودياہ ڪئي، انهيءَ تي ڪامون رکيائون، ۽ انهيءَ جا طاق کڙا ڪيائون، ۽ انهيءَ ۾ تاڙيون ۽ گز وڌائون. 7۽ انهن جي پاسي کان ملطياہ جبعوني ۽ يدون ميرونوتي، جي جبعون ۾ مصفاہ جي ماڻهن مان هئا، جن جو نديءَ جي هن ڀر واري واليءَ جي تخت سان تعلق هو، تن مرمت جو ڪم ڪيو. 8انهيءَ جي پاسي کان مرمت جو ڪم عزيئيل بن حرهياہ ڪيو، جي سونارا هئا. ۽ انهيءَ جي پاسي کان حننياہ مرمت جو ڪم ڪيو، جو عطرين مان هڪڙو هو، ۽ انهن يروشلم کي ڪشادي ڀت تائين مضبوط ڪيو. 9۽ انهن جي پاسي کان مرمت جو ڪم رفاياہ بن حور ڪيو، جو يروشلم جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو. 10۽ انهن جي پاسي کان يداياہ بن حرومف، پنهنجي گهر جي اڳ تائين مرمت جو ڪم ڪيو. ۽ انهيءَ جي پاسي کان حطوش بن حسبنياہ مرمت ڪئي. 11ملڪياہ بن حارم ۽ حسوب بن پخت موآب ٻئي حصي جي، ۽ کُورن واري ٺلهہ جي مرمت ڪئي. 12۽ انهيءَ جي پاسي کان مرمت جو ڪم سلوم بن هلوحيش، يروشلم جي اڌ ضلعي جي حاڪم، ۽ سندس ڌيئرن ڪيو. 13واديءَ وارو دروازو، وري حنون ۽ زنواح جي رهاڪن مرمت ڪيو؛ هنن اُهو اڏي انهيءَ ۾ طاق ۽ تاڙيون، ۽ گز وڌا، ۽ ڀت جا هڪ هزار هٿ ڇيڻن واري دروازي تائين جوڙيائون. 14۽ ڇيڻن واري در جي ملڪياہ بن ريڪاب مرمت ڪئي، جو بيت هڪرم جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو اڏيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز وڌائين. 15۽ حوض واري دروازي جي مرمت سلوم بن ڪل حوزہ ڪئي، جو مصفاہ جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو جوڙايو ۽ ڍڪيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائين، ۽ شيلوخ جي ڍنڍ جي ڀت، جا بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان آهي، ۽ انهيءَ ڏاڪڻ تائين جا دائود جي شهر کان هيٺ لهي ٿي وڃي سا جوڙيائين. 16انهيءَ کانپوءِ جيڪا جڳهہ دائود جي قبرستان جي سامهون آهي تنهن تائين، ۽ جيڪا ڍنڍ جُڙي هئي تنهن تائين، ۽ بهادر مردن جي گهر تائين، نحمياہ بن عزبوق مرمت جو ڪم ڪيو، جو بيت سور جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو. 17انهيءَ کانپوءِ لاوين مان رحوم بن باني مرمت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ حسبياہ، جو قعيلاہ جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو، تنهن پنهنجي ضلعي جي طرفان مرمت ڪئي. 18انهيءَ کانپوءِ انهن جي ڀائرن بوي بن حنداد مرمت ڪئي، جو قعيلاہ جي ٻئي اڌ ضلعي جو حاڪم هو. 19۽ انهيءَ جي پاسي کان عيزر بن يشوع، مصفاہ جي حاڪم، ٻئي ڀاڱي جي مرمت ڪئي، جو ڀت جي در وٽ سلاح خاني جي چاڙهيءَ جي سامهون هو. 20انهيءَ کانپوءِ باروڪ بن زبي ٻيو حصو ڀت جي در کان وٺي الياسب سردار ڪاهن جي گهر جي در تائين ڏاڍي سعيي سان مرمت ڪيو. 21انهيءَ کانپوءِ جو حصو الياسب جي گهر جي در کان وٺي الياسيب جي گهر جي پڄاڻيءَ تائين، مريموت بن اورياہ بن هقوص مرمت ڪيو. 22انهيءَ کانپوءِ ميدان وارن ڪاهنن، مرمت جو ڪم ڪيو. 23انهن کانپوءِ بنيمين ۽ حسوب پنهنجي گهر جي سامهون مرمت ڪئي. انهن کانپوءِ عزرياہ بن معسياہ، بن عننياہ پنهنجي گهر جي پاسي سان مرمت ڪئي. 24انهيءَ کانپوءِ بنوي بن حنداد ٻيو حصو، عزرياہ جي گهر کان وٺي ڀت جي در تائين ۽ ڪنڊ تائين مرمت ڪيو. 25ڀت جي در جي سامهون جيڪو ٺلهہ پهري وارن جي ايوان جي ڀر ۾ بادشاهہ جي مٿين گهر کان نڪتو بيٺو آهي، تنهن جي سامهون، فلال بن اوزي مرمت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ فداياہ بن پرعوس مرمت ڪئي. 26(هاڻي نتينيم عوفل ۾، پاڻيءَ واري دروازي جي اُڀرندي ڏانهن آهن، ۽ ٺلهہ، جو نڪتو بيٺو آهي، تنهن جي سامهون رهندا هئا.) 27انهيءَ کانپوءِ تقوعين ٻئي حصي جي مرمت ڪئي جو وڏي ٻاهر نڪتل ٺلهہ جي سامهون عوفل جي ڀت تائين آهي. 28گهوڙن واري دروازي جي مٿان وري ڪاهنن مرمت ڪئي، هرهڪ پنهنجي پنهنجي گهر جي سامهون مرمت ڪئي. 29انهن کانپوءِ صدوق بن امير پنهنجي گهر جي سامهون مرمت ڪئي. ۽ انهيءَ کانپوءِ سمعياہ بن سڪنياہ، اُڀرندي واري دروازي جي نگهبان، مرمت ڪئي. 30انهيءَ کانپوءِ ٻيو حصو، حننياہ بن سلمياہ ۽ حنون، جو صلف جو ڇهون پٽ هو، تن مرمت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ مسلام بن برڪياہ پنهنجي ڪوٺيءَ جي سامهون مرمت ڪئي. 31انهيءَ کانپوءِ ملڪياہ، هڪڙي سوناري، نتينيم ۽ سوداگرن جي گهر تائين، همفقاد جي دروازي جي سامهون، ۽ ڪنڊ واريءَ چاڙهيءَ تائين، مرمت ڪئي. 32۽ انهيءَ ڪنڊ واريءَ چاڙهيءَ، ۽ رڍن واري دروازي جي وچ ۾، سونارن ۽ سوداگرن مرمت ڪئي.
Currently Selected:
نحمياہ 3: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.