تڏهن مون هنن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو بڇڙو حال آهي ۽ ڪيئن يروشلم ويران ٿيو پيو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙيا پيا آهن: اچو تہ يروشلم جي ڀت اڏيون، تہ اڳتي خوار خراب نہ ٿيون. ۽ مون هنن کي ٻڌايو تہ منهنجي خدا جو هٿ مون تي چڱائيءَ لاءِ آهي؛ ۽ جيڪي بادشاهہ مون کي چيو هو سو بہ ٻڌايومان. تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي اڏايون. انهيءَ طرح هنن انهيءَ چڱي ڪم لاءِ پنهنجا هٿ مضبوط ڪيا.